ڊسمبرجا-درد۽ رهجي ويل يادون

جڏهن هن به دسمبر جون سرد هوائون لڳڻ شروع ٿينديون آهن ته وپاڻ سان گڏ انيڪ ياد گيريون کڻي اينديون آهن. جن ياد گيرين ۾ ڪٿي درد جون لهرون به هونديون آهن ته ڪٿي خوشي جا احساس به شامل هوندا آهن.

                         چوندا آهن ته ايندڙ سال ڪنهن جي لاءِ ڪي نيون خوشيون ناهن آڻيندا ۽ نه وري ويندڙ سال ڪنهن جا غم ۽ تڪليفون پاڻ سان کڻي ويندا آهن مگر اهي سڀ اسان جي سوچ جا ڪمزور پاسا آهن جو اسان سڀ ڏوھ گذريل سال تي ڏيندا آهيون ۽ ايندڙ سال ۾ نيون ۽ اجريون اميدون رکندا آهيون.

اتر جي سرد ۽ ٿڌڙن جھونڪن کي گڏ کڻي ايندڙ پن ڇڻ طور مشهور سال جو هي آخري مهينو جڏهن به ايندو آهي ته اسان يادن جا پراڻا پهراڻ لاهي انهن کي زندگي جي صندوقن ۾ رکي ايندڙ نئين سال لاءِ اميدن جا نوان لباس پائيندا آهيون.

مگر ڇا ڪجي جو ڊسمبر جو اِهو مهينو جتي اميدن ۽ احساسن جا نوان روپ کڻي ايندو آهي اتي انهي مهيني سان وابسته ڪجھ تلخ يادن جو سلسلو اهڙو به آهي جن کي هزار ڪوششن باوجود ذهن جي مندر تان ميساري نٿو سگھجي. دل جا درد ته هميشه ساوا رهيا آهن. اهي ته ٻٻر جي وڻ وانگي ٻارنهن ئي مهينا ٻوريل رهندا آهن. مگر جڏهن به ڊسمبر جي سرد هو لڳندي آهي ته هر سال وانگر سور ڄڻ ته سوا يا ڪري ويندي آهي ۽ زخمن تي لوڻ ٻر ڪيندي آهي. هونئن به سياري جي موسم هوندي ئي اهڙي آهي جو ٿورو به ڌڪ لڳي ته جيئن ٺري تيئن ٻري! پوءِ اهڙي موسم ۾ جيڪڏهن روح رهڙ جي وڃي ته انهي زخم کي ڀلا ڪهڙي مرهم سان ڀر جي!! انهي ئي مهيني ۾ ڪجھ اهڙين هستين جو وڇوڙو ٿيو آهي جيڪي تاريخ ۾ پنهنجا اڻ مٽجندڙ نقش ڇڏي ويا. جن جي عمل ۽ ڪردار سبب تاريخ کين ڪڏهن به وساري نه سگهندي.

اهڙي طرح اوڀر پاڪستان جو الڳ ٿيڻ جو ڏينهن به پاڪستانين لاءِ ڪنهن قيامت کان گهٽ ڪونه هو جڏهن محب وطن پاڪستانين پنهنجي اکين اڳيان پنهنجي وطن کي ٻه اڌ ٿيندي ڏٺو هو ۽ آزاد بنگله ديش وجود ۾ آيو هو اهو سڀ ڪجھ به ته هن ئي مهيني جي سورنهن تاريخ تي ٿيو هو. اهي ته ماضي جون ڳالهيون هيون مگر جيڪڏهن ويجهڙائي واري وقت تي نظر وجهجي ته اردو ادب جي خوشبو جي روح جهڙي شاعره پروين شاڪر جنهن اردو ادب کي خوشبو، صدائي برگ، ماھ تمام وغيره جهڙا خوبصورت ڪتاب ڏنا ۽ پنهنجي خوبصورت شاعري سبب هزارين دلين تي راڄ ڪيو جنهن سبب کيس پاڪستان جو وڏو اعزاز پرائيڊ آف پرفارمنس به ڏنو ويو مگر هوء به ڇويهه ڊسمبر اوڻيهه سو چورانوي تي انهيء منزل طرف رواني ٿي جتان اڄ ڏينهن تائين ڪوبه واپس ناهي آيو.

عکس خوشبو ہوں بکھرنے سے نہ روکے کوئی

اور بکھر جاؤں تو مجھ کو نہ سمیٹے کوئی

جس طرح خواب میرے ہو گئے ریزہ

اس طرح سے نہ کبھی ٹوٹ کے بکھرے کوئی

…… ۽ اهو سنڌ جو ٻيجل ۽ قومي فنڪار سرمد سنڌي جنهن جهر جهنگ ۾ سنڌ جا قومي گيت ڳائي پنهنجي قوم کي شعور ڏيڻ وارو پنهنجي حصي جو فرض پورو ڪيو، ستاويهين ڊسمبر اوڻيھ سو ڇانوي تي بدين کان آخري پروگرام ڪري واپس وڃي رهيو هو ته ٺٽي جي ويجهو هڪ خوفناڪ حادثي سبب هميشه لاءِ موت جي آغوش ۾ هليو ويو!

“آهي تنهنجي ياد جي ائين گذريء ۾ گونج

آکيري مان جيئن، وڃي اڏري ڪائي ڪونج”

اڄ سرمد اسان وٽ موجود نه آهي مگر سندس سر، ساز ۽ آلاپ هميشه سنڌ کي سندس ياد ڏياريندا رهندا.

سرمد جي وڇوڙي کي اڃان هڪ سال ئي مس گذريو هو ته اڀاڳي موت جي پاڇي باغ ادب جي هڪ اهڙي گل بي مثال جي چونڊ ڪئي جنهن جي وڇڙڻ سان سمورو چمن ئي ويران ٿي ويو. ها اهو سنڌ جو مهان ڪوي ۽ هماليه جيڏي اوچي شخصيت شيخ اياز جيڪو اٺاويهين ڊسمبر اوڻيهه سو ستانوي تي سنڌ کي ۽ پنهنجي ڏات جي پرڀات کي هميشه جدائي جو داغ ڏيئي ويو.

“ساز هستي جي جيت آهيان مان

هڪ محبت جو گيت آهيان مان

ناهه آڪاش جو ڌڻي مون لئه

پوءِ به ڌرتي جو مِيت آهيان مان”

شيخ اياز جنهن جي وڇوڙي تي روپا ماڙي کان ريڻي ڪوٽ تائين ۽ ڪشمور کان ڪاسبي تائين سموري سنڌ جون ڪمهليون هوائون سوڳوار بنجي پيون هيون. جنهن جي ڏک ۾ ڪارونجھر به ڪوجهو لڳو ٿي ته مهراڻ جي موجن تي به خاموشي طاري ٿي وئي هئي.

شيخ اياز جي وڇوڙي تي جتي ڪينجھر جي لهرن مڪلي جي منارن سان پنهنجو درد ونڊي روئي ڏنو هو اتي انهيء ڏات جو ڏيئو به هميشه لاءِ وسامي چڪو هو. جنهن ڏات ڀٽائي جي تند ذريعي تلوارن سان جنگ جوٽڻ جو اعلان ڪيو هو.

مون آزاديء جي سين هنئي، مون لاٿا طوق غلامن جا

هي گيت هئا يا جادو هئا، زنجير ٽٽا يامن جا

اهو اياز به اسان کان اهو چوندي وڇڙي ويو ته

“سکي پيا کي ملين ته چئجان چاندني تو سوا نه ٿيندي

سنڌ اڃان انهن شخصيتن جي صدمي کي وساري نه سگهي هئي جو انڌيري رات جي رهزنن سنڌ جي آسن ۽ اميدن تي راتا هو هڻندي کانئن.

سندن محبوب ليڊر شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي کسي ورتو هو. اها به ستاويهين ڊسمبر جي هڪ شام هئي جيڪا سنڌ لاءِ قيامت صغرى جهڙا منظر کڻي آئي هئي جڏهن پنڊي جي لياقت باغ ۾ ڀٽو جي پنڪي ۽ سنڌ جي مارئي کي گولين جو کاڄ بڻائي جمهوريت جي آواز ۽ اهڃاڻ کي هميشه لاءِ دفن ڪيو ويو هو. سنڌ تڏهن به رني هئي ۽ ايترو رني هئي جو شايد هاڻي ڪنهن لاءِ ايترو نه روئيندي ۽ سنڌ جا روڊ رستا واهڻ گليون ويراني جي ڏيک ڏيڻ لڳا هئا.

“نه سي وونئڻ وڻن ۾ نه سي ڪا تياريون

پيسو بازارون هينئڙو مون لوڻ ٿئي” “شاھ”

محترمه بينظير ڀٽو جنهن کي آمريڪي عملدار Bhutto is unpredictable چئي مٿس اعتبار نه ڪندا هئا، مگر هُوءَ پنهنجي عوام جو اعتبار هئي.

هُوءَ سندن پهرين ۽ آخري اميد هئي. هن پنهنجي عوام لاءِ پنهنجي جلاوطني جي دور ۾ “مارئي آف ملير” جي عنوان سان هڪ ڊگهو نظم ۾ لکيو هو ته.

جڏهن دنيا کي اڃان جنم وٺڻو هو،

جڏهن آدم کي اڃان صورت وٺڻي هئي

تڏهن کان توهان سان منهنجو تعلق جڙيو هو

محترمه جتي سڄي ملڪ جي رهنما ۽ جمهوريت جي علامت هئي اتي هوء سنڌ لاءِ خصوصي طور هڪ سهارو ۽ ڀرجهلو هئي هوء خود به سنڌ ڌرتي سان گھري محبت رکندي هئي. پنهنجي جلاوطني ۾ هڪ نظم ۾ سنڌ لاءِ لکيو هئائين ته.

“هاڻي جڏهن جلاوطني منهنجو نصيب بڻي آهي تڏهن مان پنهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ کان وڌيڪ پنهنجي ڌرتي کي ويجهي آهيان.

شهيد محترمه بي نظير پنهنجي ڪتاب “ڊاٽر آف دي ايسٽ” جي مهاڳ جي پهرين سٽ ئي اها لکي هئي ته “I didn,t choose this life It choose me” يعني مون هن زندگي جي چونڊ نه ڪئي هئي بلڪ هن زندگي خود منهنجي چونڊ ڪئي هئي. هُوءَ جنهن جي زندگي محلن کان شروع ٿي جيلن تي ختم ٿيندي هئي ۽ جلاوطني کان ٿي قبر جي هنج تي ختم ٿي ان جي روح ۾ هن ديس جي عام ماڻهن جي درد جون چيخون جا ڳنديون هيون ۽ هُوء پاڻ هر جاء تي وڃي ديس جو درد بيان ڪندي هئي.

هن جو هر عمل هڪ نئين اميد، هڪ نئين اتساھ هڪ نئين خواب جي ساڀيان جو وچن هوندو هو. هُوء جڏهن به پنهنجي جدوجهد ۾ وقت جي جابرن ۽ ظالمن سان مهاڏو اٽڪائيندي هئي ته وڏا وڏا جابر ۽ آمر سندس همت اڳيان جهڪي پوندا هئا بقول سرويچ سجاولي جي

“اجهوهي ڪوٽ ڪوڙ جا ڀڃي ڀري ڪري پيا

اجهوهي ڏاڍ جا هنيان ڏڪي ڏڪي ڏري پيا

اوهان جي همتن اڳيان وڏا وڏا جهڪي پيا

اوهان کان جابرن سندا جگر جلي ڏڪي پيا”

هُوء سنڌ جي تاريخ جو اهم باب هئي. جڏهن به سنڌ ۽ سنڌين جي تاريخ جو ذڪر ٿيندو ته سندس نالو عظمتن جي اوچائين تي لکيو ويندو ۽ جڏهن به رهبري جي راهه ۾ رت ۽ قربانين جي تاريخ جو ذڪر ڇڙندو ته عقيدت جا هزارين گل کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ پيش ٿيندا.

هُوء جيتري پاڻ عظيم هئي اوتري سندس جدوجهد اڻ کٽ هئي جنهن جو فيصلو ستاويهه ڊسمبر ٻه هزار ست تي به نه ٿي سگهيو.

هُوء ته اڃان به وڙهي رهي هئي مگر ڪنهن جي لاءِ وڙهي رهي هئي؟ سندس جدوجهد ڇاجي لاءِ هئي؟ زندگي جا سڀ سک، سهولتون، ملڪيت، شهرت، تعليم سڀ ڪجھ ته موجود هو ان وٽ ان جي باوجود سندس سڄي زندگي جدوجهد، جيلن، جلاوطني ۽ ويڙهاند ۾ گذري صرف پنهنجي عوام خاطر! جنهن لاءِ آخر کيس پنهنجي جان جي قرباني به ڏيڻي پئي. کيس سندس انجام جي اڳواٽ خبر هئي مگر پوءِ به اهي سازشون کيس سندس جدوجهد جي واٽ تان هٽائي نه سگهيون هيون. اهو سنڌ جو عوام کيس ڪهڙي طرح وساري سگهندو جنهن جا هِن مٽي هاڻا ڪپڙا ڇنڊي اٿاري بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي اهي اڀاڳيون عورتون کيس ڪيئن وسارينديون جن جا ڳوڙها هن پنهنجي رئي جي پلاند سان اگهيا هئا ۽ انهن معصوم ٻارڙن جي دلين تان سندس تصوير ڪيئن لهي سگهندي جن جي مٿي تي هن شفقت ڀريا هٿ ڦيريا هئا؟؟

هي محبتن، اميدن ۽ شفقتن جو اهڙو وڇوڙو هو جنهن کي سنڌ صدين تائين وساري نه سگهندي جڏهن به اتر هوائون گهلنديون ۽ جڏهن به 27 ڊسمبر جي شام ايندي ته سنڌ جا درد وري به تازا ٿي پوندا ۽ سندس ياد جا احساس روح ۾ ڪنڊن جيان چڀندا رهندا.

“ڊسمبر تو بنا ڪهڙو! هجي ڄڻ ٻارجولاشو

وڇڙيل ڪونج لئه ڪاڇو، اکين تي رات اونداهي

گٽر ۾ چنڊ جو پاچو، ڊسمبر تو بنا اهڙو

ڊسمبر تو بنا ڪهڙو

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s