ننڍي کنڊ ۾ واپار لاء جنگيوڻ ۽ سنڌ

هيءَ رپورٽ ڊچ واپارين ”ڊبليو، اي براهي“ ۽ ”اين ايس موج“ جي گڏيل محنت جو نتيجو آهي. 8 مئي 1756ع تي ڊچن جو ”هيٽ پارگيڱ“ نالي هڪ جهاز واپاري مقصد سان سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي هڪ بندر تي پهتو هو، جنهن کي ڊچ ۽ ٻيا يورپي ”ديول سنڌ“ جي نالي سان سڏيندا هئا. واپاري ڳالهين جو اهم معلوماتي حصو هيٺ ڏجي ٿو.

* سنڌ ۾ گهرايون ويندڙ ۽ هتان ڏور ڏيساور موڪليو ويندڙ تجارتي مال، گهرايو ويندڙ مال جو تعداد، ان جون قيمتون ۽ انهن ملڪن جي نالن جي فهرست، جن ڏانهن سنڌ جو تجارتي مال موڪليو ويندو آهي.

* سنڌ جون اقتصادي حالتون ۽ هتان جي قانون جي حڪمرانيءَ ۽ امن امان جي صورتحال.

* سنڌ جي تجارت تي ڊچن، پورچوگيزن ۽ انگريزن جو پاڻ ۾ ويرُ، باقي ٻين ٻن قومن جي دشمنيءَ ڪري ڊچن لاءِ پيدا ٿيل ڏکيائيون ۽ ڏچا.

* مقامي حڪمرانن جو ڌارين واپارين سان رويو ۽ انهن کي راضي رکڻ لاءِ اختيار ڪيل طريقا.

* ڪسٽم محصول اوڳاڙڻ جي ڏس ۾ سنڌ جي سرڪاري عملدارن جا اختيار ۽ بندر تي مقرر ڪيل مختلف گورنر.

*تور ۽ ماپ

* سترهين ۽ ارڙهين صديءَ دوران سنڌ جي تاريخي جاگرافي.

* تجارت لاءِ پرواني جو ملڻ، واپاري ڪوٺيءَ جو قيام۽ محصول جي معافي، واپارين، بندرن جي گورنرن ۽ ڀلا وڻن جا نالا.

* هتان جون رسمون ۽ رواج

هن تعارف جو مقصد اهو آهي ته جيئن مٿي بيان ڪيل فهرست ۾ موجود هر موضوع تي مختصر طريقي سان ڳالهائجي. مختلف ڌارين ڌرين ۾ موجود تجارتي دشمني ۽ متعصب جي ڇنڊ ڇاڻ ڪجي. اهي ڌريون پاڻ ۾ ڪهڙي طريقي سان نبريون هيون ۽ ڪهڙا نتيجا نڪتا هئا. تنهن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي وئي آهي، ان کان سواءِ هتي تجارتي شين ۽ انهن جي استعمال جي ضرورت تي پڻ مختصر راءِ جو اظهار ڪيو ويو آهي.

پور چوگيزن جو سنڌ ۾ اچڻ

پندرهين صديءَ ۾ يورپ اندر وينس هڪ اهم تجارتي مرڪز بڻجي چڪو هو، جيڪو انهيءَ زماني ۾ مشرق جون تجارتي شيون ۽ گرم مصالحا هندستان، ڏکڻ اوڀر ايشيا، جاوا ۽ چين کان گهرائيندو هو، وينس کي اهو تجارتي مال عرب واپاري پڄائيندا هئا. پندرهينءَ صديءَ ۾ ترڪ خليفن شام، عربستان، عراق ۽ مصر تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ هن تجارتي رستي کي ختم ڪري ڇڏيو هئائون.

يورپي واپاري مشرق جي واپاري مال لاءِ هڪ ٻئي رستي جي ڳولا ۾ هئا. ڇاڪاڻ ته ترڪن پنهنجي  سرحدن مان لنگهندڙ انهيءَ تجارتي مال تي ڳاٽي ٽوڙ محصول مڙهي ڇڏيو هو. پورچو گيز، يورپ جي اها پهرين قوم هئا، جنهن 1498ع ۾ هندستان ڏانهن ويندڙ ڪيپ آف گڊ هوپ وارو تجارتي رستو دريافت ڪري ورتو هو. هنن جلد ئي هندستان جي سامونڊي ڪناري وارن اهم بندرن تي پنهنجون واپاري ڪوٺيون قائم ڪري ورتيون هيون ۽ هتان جو سامان يورپ ڏانهن موڪلڻ لڳا، ڇاڪاڻ ته تنهن زماني ۾ هي يورپ جي هڪ شاهوڪار قوم قوم هئي. يورپ جون ٻيون قومون سندن دولتمنديءَ کي ڏسي ساڙ ۾ پيون سڙنديون هيون، پورچوگيز قومون سندن دولتمنديءَ کي ڏسي ساڙ ۾ پيون سڙنديون هيون. پورچوگيز انهن کي مشرق جي تجارت جي ويجهو اوڏو وڃڻ ئي ڪو نه ڏيندا هئا. ڇاڪاڻ ته تن ڏينهن ۾ هنن وٽ نهايت طاقتور سامونڊي فوج هوندي هئي. اهو ئي ڪارڻ هو جو هندستان، ڏکڻ، اوڀر ايشيا، چين ۽ فلپائين جي تجارت تي سندن مڪمل قبضو هو.

پورچوگيزن 1570ع ڌاري لاهري بندر تي به پنهنجي واپاري ڪوٺي قائم ڪئي هئي، پر پتو ڪو نه آهي ته انهن سنڌ جي حڪمران سمي سلطان کان اهڙي اجازت ورتي هئي يا نه، ساڳيءَ ريت هنن هندستان جي الهندي سامونڊي ڪناري ۽ ساري ڏکڻ، اوڀر ايشيا جي سامونڊي ڪناري وارن بندرن تي پنهنجون تجارتي ڪوٺيون قائم ڪري ورتيون هيون. سورهين صديءَ ساري ۽ سترهين صديءَ جي پهرئين اڌ تائين پورچوگيزن جي رات هئي. ڪير سندن وار به ونگو ڪري ڪو نه سگهندو هو. انهيءَ زماني ۾ هندي سمنڊ کي پورچوگيز، سمنڊ ڪري سڏيو ويندو هو ۽ هن سمنڊ جي اڇي ڪاري جا مالڪ اهي يورپي ماڻهو هئا. سنڌ جي تجارت جو وڏو حصو سندن ور چڙهي ويو هو. هي ماڻهو ٻاهران به مال گهرائيندا هئا ۽ سنڌ جي واپار تي سندن هڪ هٽي قائم ٿي وئي هئي.

1.هنن اهم بندرن ۽ شهرن تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ مقامي حڪومتن کي عهدنامن تي صحيحون ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو هئائون ته کين واپاري ڪوٺين کولڻ جي اجازت ڏني وڃي. کين تمام گهڻيون رعايتون بلڪل کين تجارتي هڪ هٽيءَ جي اجازت ڏني وڃي.

2. مختلف بندرگاهن تي پنهنجن قلعن اڏڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب ويا. جيڪڏهن ڪي ٻيون ڌريون واپار ڪرڻ جا جتن ڪنديون هيون ته انهن جي ٻيڙين کي بمن سان تباهه ڪري ڇڏيندا هئا.

3. هو سامونڊي ڌاڙيلن جيان کلئي سمنڊ ۾ ٻين قومن جي ٻيڙين کي ڦري لٽي ناس ڪري ڇڏيندا هئا. ڪڏهن ته انهن جي ٻيڙين کي ساڙي ناس ڪرڻ کان به ڪو نه مڙندا هئا. جيڪڏهن ٻيو ڪجهه نه ڪندا هئا ته کانئن زوري محصول اوڳاڙي وٺندا هئا.

4. ڏيهي واپاري يا ڏور ڏيساور تجارتي مال کڻي ويندڙ وڻجارا هنن پورچوگيزن جا ڀلاوڻا ٿي ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا هئا ۽ انهن جو مال خريد ڪرڻ ۽ وڪڻڻ لاءِ پابند ٿي ويا هئا. ڇاڪاڻ ته هو سمنڊ ۾ پنهنجي هلائيندا هئا، پر ڌرتيءَ ڌڻي ڪو نه هئا.

5. جنهن به ٻيڙيءَ يا جهاز تي قبضو ڪري وٺندا هئا ته انهن جي ٻيڙائتن تي دهشت پکيڙيندا هئا ته جيئن هو، پورچوگيز دشمن ڌرين جو تجارتي سامان نه نين ۽ نه آڻين.

6. هندستان جي ٻن راجائن ۾ جنگ دوران سڻڀيءَ ۽ سگهاريءَ ڌر جي مدد ڪندا هئا.

7. سامونڊي تجارتي رستن جا نقشا ٻين يورپي قومن کان ڳجها رکندا هئا.

8. عرب واپارين کي هندي ۽ آفريڪي سمنڊ ۽ ايراني نار ۽ ان جي اوسي پاسي اچڻ وڃن ڪو نه ڏيندا هئا.

اهڙيءَ ريت هندستان جي سامونڊي ڪناري، ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ انڊونيشيا جا سڀئي سامونڊي بندر پورچوگيزن جي هٿ وس هئا. هنن فلپائين ۽ سري لنڪا کي فتح ڪري مٿن پنهنجو راڄ قائم ڪيو هو. ان کان سواءِ هنن ماڻهن ڪيترا ٻيٽ ۽ ڪن ٻيٽن جا شهر پنهنجي قبضي ۾ ڪيا هئا. اسپين هن سان ٻٽ ۽ جهٽ بڻيل هو. پوپ هنن ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٺاهه ڪرايو هو ۽ اسپين کي موڪل ڏني هئائين ته ڀلي هو برازيل کان سواءِ ساري آمريڪا تي قبضو ڪري. جڏهن مشرق جي ٻين قديم ملڪن تي پورچوگيزن جو قبضو هوندو هو. پورچوگيزن جي اها عظمت سندن وڏن سامونڊي جهازن ڪري هئي، جيڪي پنهنجي شڪل صورت ۾ قلعي جيان معلوم ٿيندا هئا، جن جي چوڌاري توبون نصب ٿيل هونديون هيون. اهڙين توبن جي مشرق جي ملڪن کي ڪا ڄاڻ ڪا نه هئي، جڏهن هنن جي ڪارڪردگيءَ جي ڄاڻ پئي ته به هندستان جي مغل حڪمرانن اهڙا سامونڊي جهاز ڪو نه ٺهرايا. جن جي واهر سان خشڪيءَ جي جنگ وڙهي سگهن، پر هنن سامونڊي ڪنارن سان آباد ملڪن مٿان ڄڻ پنهنجو ڪڙو چاڙهي ڦٽو ڪيو هو. مغلن يا ٻين حڪمرانن ۾ ايتري همت ڪا نه هوندي هئي جو کين سمنڊ ۾ للڪاري سگهي. هو مشرق ۾ اچڻ کان پوءِ سوا صديءَ تائين هن سمنڊ جا بادشاهه رهيا. 1492ع ۾ ڪولمبس آمريڪا دريافت ڪئي هئي ۽ هندستان جو رستو 1498ع ۾ معلوم ٿيو هو. جيڪو واسڪو ڊيگاما ڳولي لڌو هو، تنهن ڪري هنن ماڻهن کي ساري دنيا جي سمنڊن مٿان ڄڻ هڪ هٽي حاصل هئي.

اسپين ۽ پورچوگال جي حڪمرانن واپار تي به هڪ هٽي حاصل ڪري ورتي هئي، ٿوري وقت کان پوءِ سندن سياسي سگهه ڀڄي ڀور ۽ کنا کيڙا ٿي وئي، هنن جي هڪ هٽي ناس ٿيڻ جو ڪارڻ هي هو جو اسپين ۽ پورچوگال جي سامونڊي آرماڙ کي برطانيا ناس ڪري ڇڏيو هو، هن جو مکيه سبب اهو هو ته هنن ٻنهي ملڪن کي افرادي قوت ڪا نه هئي، اسپين ۽ پورچوگال جي بادشاهن جذبات ۾ اچي ماڻهن کي مذهب مٽائڻ لاءِ مجبور ڪيو. ان کان پنهنجي ماڻهن کي هندستان جي رومن ڪئٿولڪ عيسائين مان شادي ڪرڻ کي همٿايو. اهڙيءَ ريت پورچوگيزن، هندستان، سريلنڪا، ڏکڻ اوڀر ايشيا، ريڊ انڊين ۽ اسپين جي عورتن سان شاديون ڪيون. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو انهن جو ٻيو نسل جسماني طور ايترو سگهارو ڪو نه ٿيو، وٽن يورپي ٽيڪنالاجي به ڪا نه هئي ۽ نه وري  وٽن يورپي جوش جذبو موجود هو. يورپ جون هي ٻئي قومون مسلسل هڪ صديءَ تائين ماڻهو انهن ملڪن کان آڻائيندي رهي، ان جو نتيجو اهو نڪتو جو آمدنيءَ جا مکيه ذريعا ختم ٿي ويا ۽ ٻئي قومون اوچتو ئي اوچتو ختم ٿي ويون، هنن قومن جي تباهيءَ جو اهم سبب اهو هو ته جن ملڪن ۾ هنن بيٺڪي راڄ قائم ڪيو هو، اتي پورچوگالي ۽ اسپيني عورتون گهٽ هيون.

هنن ٻنهي يورپي قومن جي تباهيءَ کان پوءِ ڊچ ۽ ان کان پوءِ انگريز آيا.

پورچوگيز، ڊچ دشمني

پورچوگيزن ۽ ڊچن جي وچ ۾ دشمنيءَ جو ڪارڻ مشرقي واپار هو ، ان جا تاريخي ڪارڻ هيٺ بيان ڪجن ٿا.

(الف) پورچوگيز، يورپ جي هڪ ننڍڙي قوم آهي، جيڪا يورپ ۾ مشرقي واپاري مال پهچائڻ جي لائق ڪا نه هئي، تنهن ڪري هنن ڊچن کي پنهنجو ڪميشن ايجنٽ يا ڀلاوڻو مقرر ڪيو. پورچوگيزن ائين ڪري ڄڻ پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙي هنئين، تنهن ڪري پنهنجي وڍيءَ جو ته نه دارو هو ۽ نه دوا هئي، ان کان سواءِ پورچوگيزن سامونڊي واپار تي به پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪري ورتي هئي، پر هنن اسپين جي بادشاهه ”فلپ ٻئي“ خلاف جنگ ۾ پنهنجي سامونڊي تجارتي جهازن کي ڪتب آندو هو، پر پورچوگيزن کي شڪست آئي، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو جو ان بادشاهه، پورچوگال کي 1580ع ۾ اسپين سان ملائي ڇڏيو، انهيءَ ڪري مشرق ۽ برازيل ۾ پورچوگال جو اثر گهٽجي ويو.

(ب) 1588ع ۾ ”فلپ ٻئي“ پنهنجي سامونڊي فوج کي انگلينڊ تي ڪاهي وڃڻ جو حڪم ڏنو. اها فوج جڏهن انگريزي کاريءَ ۾ داخل ٿي ته طوفان کين ناس ڪري ڦٽو ڪيو. ان کان پوءِ انگريزن سامونڊي فوج کين برٽش آئيلس ڏانهن ڌڪي ڇڏيو، هنن وٽ سامونڊي رستي جو نقشو ڪو نه هو، تنهن ڪري سندن جنگي جهاز وڃي ٽڪرين سان ٽڪرايا، جنهن جي نتيجي ۾ هنن (اسپين) جا 130 مان ستر جنگي جهاز ڀڄي ڀور ٿي ويا.

(ٻ) ان ئي زماني ۾ ڊچن، اسپين جي حڪمران ”فلپ ٻئي“ خلاف بغاوت ڪئي، تنهن ڪري اسپين ۽ بالٽڪ وارن ملڪن، وچين ڌر ٿيڻ کان انڪار ڪيو، ان جو نتيجو اهو نڪتو جو گرم مصالحا پورچوگال پهچي ڪو نه سگهيا. ان کان سواءِ هنن پاڻ سامونڊي طاقت بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ گرم مصالحن پيدا ڪرڻ وارن ملڪن سان سڌو واسطو پيدا ڪري ورتو هئائون. ڊچن تيز رفتار جهاز تيار ڪري ورتا هئا ۽ واپار سان گڏ سمنڊ ۾ ڌاڙا هڻڻ شروع ڪري ڏنائون. نيٺ هو سمنڊ جا بادشاهه سڏجڻ لڳا هئا. هنن وينس بدران آمسٽرڊم کي راڄڌاني بڻايو ۽ لزبن ۽ سويليءَ کي ترقي ڏئي اهم تجارتي شهر بڻائي ڇڏيو هئائون.

(ڀ) اڪبر جي زماني ۾ پورچوگيزن، انگريزن ۽ ڊچن کي هندستاني واپار جي ويجهو اچڻ ڪو نه ڏنو هو ۽ کين ڌاڙيل طور بدنام ڪري ڇڏيو هئائون. مٿن اهو به الزام هنيو هئائون ته اهي ٻئي قومون جاسوس آهن.

(ت) 1612ع ۾ پورچوگيز مڊلٽن جي جهازن کي گجرات کان وٺي ڳاڙهي سمنڊ تائين شڪست ملي هئي، انهيءَ زماني ۾ انگريز ۽ ڊچ نوان نوان آيا هئا، پورچوگيزن جي شڪستن کي ڏسي سوچيائون ته ڇو نه پورچوگيزن جي سامونڊي طاقت کي للڪارجي.

(ٿ) سورت جي مغل گورنر ”مغارپ خان“ سورت جي انگريز ”ڊائونٽن“ کي 1614ع ۾ پورچوگيزن تي حملي ڪرڻ لاءِ اڀاريو هو، جيڪو انهيءَ وقت حملي ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه هو، پر پنهنجي بچاءَ جا رستا ڳولي رهيو هو. پر هن 1715ع ۾ پورچوگيزن تي حملو ڪري کين شڪست ڏني، ساڳئي گورنر 1614ع ۾ ماسليپٽم ۾ ڊچن کي چيو هو ته هو پورچوگيزن خلاف سندس مدد ڪن. انهيءَ زماني ۾ شهزادو ”خرم“ گجرات جو گورنر ۽ سورت سندس گورنريءَ جي حدن ۾ هئي ۽ تن ڏينهن ۾ پورچوگيزن جي فائدي ۾ هو، پر 1618ع ۾ ”رو“ کانئس هڪ فرمان وٺڻ ۾ سوڀارو ٿي ويو هو، جنهن مطابق کيس گهڻيون تجارتي سهولتون ملي ويون هيون. اهڙيون ڳالهيون ڏسي مڊلٽن جي ڪپڙن کي ڄڻ ته باهه لڳي وئي هئي. ”بيسٽ“ ۽ ڊائونٽن جي ڪوشش هئي ته پورچوگيزن کي هر محاذ تي شڪست ڏجي، انگريزن کي تجارتي فرمان ملڻ کان پوءِ حالتون انگريزن ۽ ٻين يورپي قومن جي ٿوري گهڻي فائدي ۾ نظر اچي رهيون هيون.

(ٽ) 1625ع ۾ شهزادي ”خرم“ جي پيءُ شاهجهان خلاف بغاوتون شروع ٿي ويون هيون. انهيءَ ڪري پورچوگيزن کان مدد وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پورچوگيزن ائين ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو پر ان جي ڀيٽ ۾ هنن شهنشاهه ”جهانگير“ جي مدد ڪئي ۽ فوج ۽ توبون سندس حوالي ڪيون ويون هيون. ان کان پوءِ سڄي صورتحال تبديل ٿي وئي هئي، انگريزن ۽ ٻين يورپي قومن جي ڀيٽ ۾ پورچوگيزن کي وڏيون رعايتون ملڻ لڳيون هيون.

(ٺ) 1630ع ۾ پورچوگيزن اهي جتن ڪرڻ شروع ڪيا ته ڊچن ۽ انگريزن کي سورت مان ڪڍي ڇڏجي، تنهن ڪري هنن گجرات جي گورنر مٿان دٻاءُ رکڻ خاطر مغلن جي ڪجهه جهازن کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو. ان ڏکئي وقت ۾ انگريزن هن گورنر جي ڀرپور واهر ڪئي هئي.

(ث)1632ع ۾ هگليءَ وٽ ”شاهجهان“ پورچوگيزن کي سخت شڪست ڏني هئي.

(پ) 1634ع ۾ ”شاهجهان“ هن شرط سان ڊچن کي ڪجهه رعايتون ڏيڻ جي آڇ ڪئي ته هو پورچوگيزن کي ”ڊمن“ مان بي دخل ڪري ڇڏيندا، پر ”باٽاويا“ ائين ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو هو.

(ڦ) 1634ع ۾ سورت جي انگريز گورنر ”مئٿيو“ پورچوگيزن جي گوا واري فتح کي للڪاريو ۽ ان ڪري عهدي ڪرڻ جي اهل بڻجي ويا هئا. هن مان سندن مقصد هو ته شاهجهان، ڊچن کي هن شرط سان رعايتن ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو ته هو پورچوگيزن کي ڊمن ۽ ڊيو مان هڪالي ڪڍي ڇڏيندا، پر ڊچن بدران اها ڳالهه هنن انگريزن پوري ڪئي هئي.

(ج) 1634ع ۾ انگريز ۽ ڊچ واپارين جي حيثيت ۾ پاڻ کي مڃائي چڪا هئا ۽ ان عزت ۽ احترام جي لائق بڻجي چڪا هئا، جيڪا اڳي پورچوگيزن کي ملندي هئي.

(ڄ) 1637ع ۾ مغلن، پورچوگيزن جي بندرن ڊم ۽ ڊيو تي وڃي ڪڙو چاڙهيو، پر سورت واريءَ ڪوٺيءَ جي انگريز اڳواڻ وچ ۾ پئي ٻنهي ڌرين کي ٺاهي کير کنڊ ڪري ڇڏيو. هن وقت انگريز حڪمت عمليءَ اها هئي ته پورچوگيز ڀلي ڊم ۽ ڊيو تي قابض هجن، کين اُڊڪو هو ته متان ڊچ اڳتي وڌي هنن علائقن تي پاڻ نه دنگو ڄمائي وٺن.

(جهه) باٽاويا، سريلنڪا تان پورچوگيزن جو قبضو ڇڏايو هو ۽ 1650ع واري زماني ۾ مشرق بعيد ۾ هي ملڪ ڊچن جي تجارت جو اهم مرڪز بڻجي ويو هو. انهيءَ زماني ۾ ”ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني“ چين جو پٽ ۽ گرم مصالحا ٻين ملڪن ڏانهن پهچائيندي هئي.

1780ع ۾ ڊچ انگريز جنگيون لڳيون هيون، جن جي نتيجي ۾ ڊچن جي پنهنجي بيٺڪي راڄ جا ڪجهه حصا انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏيا. پورچوگيزن کي هندي سمنڊ ۾ سڀ کان پهريائين للڪارڻ وار اماڻهو انگريز نه پر ڊچ هئا، جيڪي 1595ع ۾ ڪيب آف گڊ هوپ کان ڦري هتي پهتا هئا، جڏهن ته انگريز 1591ع ۾ هن ماڳ کان ڦري هندي سمنڊ ۾ داخل ٿيا هئا، ڊچن جلد ئي آئلينڊ وارو نار پورچوگيزن کان ڇڏائي ورتو هو. 1603ع ۾ هنن گوا جي ناڪابندي ڪئي هئي ۽ 1612ع ۾ انڊونيشيا جا مالڪ بڻجي ويا هئا، هنن 1619ع ۾ جڪارتا جي ماڳ باٽاويا نالي هڪ نئون شهر اڏي ورتو هو. انهيءَ زماني ۾ هنن پورچوگيزن کان آرچي پليئگو وارا اهم ٻيٽ هٿ ڪري ورتا هئا. جن مان ڏکڻ ملاڪا جو امبيونا ٻيٽ گهڻو شاهوڪار هو، جيڪو هنن 1618ع ۾ فتح ڪري ورتو هو. 1638ع-1658ع تائين هنن پورچوگيزن کان سريلنڪا ڇڏائي ورتي هئي. 1652ع ۾ ڪيپ آف گڊ هوپ فتح ڪئي هئائون. جڏهن ته 1614ع ڌاري ملاڪا جو وڏو حصو پڻ فتح ڪري ورتو هو، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته پورچوگيزن سان هندي سمنڊ ۾ چوٽن کائڻ ۽ سندن طاقت کي ختم ڪرڻ وارا پهريان انگريز نه پر ڊچ هئا.

پورچوگيز مذهبي طور ڏاڍا جذباتي هئا، پنهنجي قوت جو وڏو حصو مذهبي ترقيءَ تي خرچ ڪندا هئا. اهڙين ڳالهين کي ڏسي ڪيترا عيسائي پادري ۽ راهب مشرق ڏانهن ايندا رهيا. هنن هتي پهچي ڪيترا گرجا گهر تعمير ڪري ورتا ۽ هتان جي حڪمرانن ۽ ماڻهن کيعيسائي ڪرڻ تي لڳي ويا هئا. انهيءَ مذهبي ڪم سان گڏ تعليم کي عام ڪرڻ جا پڻ جتن ڪيا هئا.

پورچوگيزن جا حال ڏاڍا ڏٻرا هئا، تنهن ڪري ڊچن ۽ انگريزن هندي سمنڊ مان سندن تجارتي طاقت کي ختم ڪرڻ واسطي جاکوڙڻ شروع ڪيو، 1599ع ۾ انگريز واپارين اعلان ڪيو ته جتي پورچوگيزن ۽ اسپين واري واپارين جون تجارتي ڪوٺيون، قلعا ۽ بندرگاهه نه آهن، انهن جڳهين تي هو پنهنجون تجارتي ڪوٺيون قائم ڪندا.

ڊچن 1595ع کان 1601ع تائين مشرق ڏانهن پندرنهن ڀيرا سمنڊ وسيلي هاڪاري چڪا هئا. هنن 1602ع ۾ مختلف ڊچ ڪمپنين کي ملائي ڊچ يونائيٽيڊ ايسٽ انڊيا ڪمپني جوڙِ هئي، جنهن جو مکيه مقصد هندستان سان واپار ڪرڻ ه و. کين هتان جي ملڪن تي حملو ڪري فتح ڪرڻ جي صلاحيت ۽ طاقت هئي، ڊچ سرڪار به انهن ڪمپنين جي هر قسم جي مدد ڏيڻ لاءِ تيار رهندي هئي ۽ ڪمپني جي مختلف مهمن تي پڻ خرچ هو ڀريندي هئي ۽ مذڪوره ڪمپنيءَ جي مقصدن کي قومي مقصد ڪري سمجهيو ويندو هو.

 تعارف : ايم ايڇ پنهور/ عطا محمد ڀنڀرو

 

 
 

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s