سنڌ جي سگين ماحولياتي صورتحال ۽ ملڪ جي وڏين پارٽين جون ترڪ تاليون

               عام چونڊن جي ويجهو ايندي ئي هميشه جيان، بقول پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ زون جي ”هميشه هميشه جي لاءِ دفن ٿي ويل“ ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ هڪ دفعو وري وڏي شدمد سان شروع ٿي ويو آهي، نه صرف ايترو پر اڳ جيان هن وقت به ملڪ جي وڏين پارٽين خاص ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (نواز) جي اڳواڻن جي پنجاب ۾ هِڪڙين ڳالهين ۽ سنڌ ۾ ٻين ڳالهين واريون تِرڪ تاليون به شروع ٿي ويون آهن. لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اچڻ شرط پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي مطابق ڊئم ٺهڻ گهرجي، مسلم ليگ نواز سنڌ جي اڳواڻن سيد غوث علي شاهه، مارئي ميمڻ، ممتاز ڀٽو ۽ ٻين سخت مخالفت ڪئي ته نواز شريف وري سنڌ ۾ هڪ جلسي کي ٽيليفون، خطاب ڪندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم سڀني صوبن ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿيڻ کان سواءِ نه ٺاهيو ويندو. ڪورٽ جي فيصلي کان هڪ ڏينهن اڳ پ پ اڳواڻ تنوير اشرف ڪائره ۽ اٽارني جنرل چيو ته پ پ جي وفاقي حڪومت ڪوشش ڪري پئي ته ڪالاباغ ڊيم لاءِ صوبن وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪري سگهجي، فيصلي واري ڏينهن پ پ پنجاب جي صدر بلڪل چٽن لفظن ۾ چيو ته ”پ پ ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪري ٿي“ وفاقي وزير اطلاعات نشريات قمر زمان ڪائره چيو ته ”ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ (سي سي آءِ) جو اجلاس سڏائي ڊيم تي اتفاق راءِ وٺڻ جي ڪوشش ڪبي“ ان جي ابتڙ پ پ سنڌ جا اڳواڻ پنهنجي پر ۾ نه رڳو سراپا احتجاج بڻيا رهيا پر ”ڪالاباغ ڊيم جا حامي سڀ حرامي“ جي نعرن جي گونج ۾ چوٿون ڀيرو ڪالاباغ ڊيم جي خلاف قرارداد منظور ڪري ورتو، بغير اهو سوچڻ جي ته ڪافي وزيرن سميت پ پ پنجاب جي قيادت ڪالاباغ ڊيم جي سخت حامي آهي.

حڪمرانن/ سياستدانن جي هن نوراڪشتي يا ايئن کڻي چئجي ته ٻٽي معيار جي ڪري سنڌ جو ڪيس تمام گهڻو ڪمزور ٿي وڃي ٿو، چونڊن ۾ وڌ کان وڌ ووٽ حاصل ڪرڻ جي نيت ۾ ٻنهي پارٽين پاران پنجاب ۾ ڊيم جي حمايت ۽ سنڌ ۾ مخالفت ڪرڻ، يا پنجاب ۾ ڊيم جي مخالفت ۽ سنڌ ۾ ڊيم جي حمايت ڪرڻ جا طعنا هڻندڙ اسيمبلي ميمبر اهو بلڪل وساري ويهن ٿا ته هي ڊيم ڪا سياسي شئي يا تماشو نه پر زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، پنجاب جي هڪ ايم اين اي چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪندڙ ڀارت جا ايجنٽ آهن هڪ عورت اسيمبلي ميمبر چيو ته ڪالاباغ ڊيم اسان جو خواب آهي، جيڪو هڪ ڏينهن ضرور پورو ٿيندو. جيستائين ڪالاباغ ڊيم نه ٺهندو اسين پنجاب جون عورتون ايئن قربانيون ڏينديون رهنديون سين، جئين جڏهن نيل (Nile) درياهه ۾ پاڻي نه ايندو هو ته اتي جون عورتون ڏينديون هيون، پر شايد مائيءَ کي اها خبر ڪونهي ته ڊيم ٺهندو پاڻي جي هوند سان، جڏهن صورتحال ۽ اصل حقيقت ان شئي جي اجازت ئي نٿي ڏئي ته ڊيم ڪٿان ٺهندو، خواب ته خواب ئي هوندو آهي، نيل واري صورتحال ۽ ڪالاباغ ڊيم جي صورتحال ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، نيل درياهه واري صورتحال سنڌ جي عورت سان آهي، پنجاب جي عورت سان نه.

سڀني ڌرين کي ياد هوندو ته شروع ۾ جڏهن ڪالاباغ ڊيم جو شوشو شروع ٿيو هو ته سنڌ جا اهي ئي خدشا هئا ته، هي رڳو ڊيم نه هوندو پر هن کي بئراج جي شڪل ڏئي هن مان ڪئنال به ڪڍيا ويندا. اها ڳالهه به هاڻي سئو سيڪڙو سچ ثابت ٿي آهي جو هن وقت پنجاب جا صحافي يا ليکڪ جيڪو لکي رهيا آهن، جيڪي بحث ڪيا پيا وڃن، انهن ۾ بجلي جي ڳالهه ئي ناهي پر هو چون ٿا ته هن سان لکين ايڪڙ زمين  آباد ٿيندي، ڏنل انگ اکر به ڏاڍا کل جوڳا آهن. تازو هڪ دوست لاهور گهمي آيو ته پنجاب جي ڪجهه اخبارن جا پرچا کڻي آيو، جن ۾ ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ رات ڏينهن هڪ ڪيل آهي، سنڌ جي ماڻهن لاءِ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي وئي آهي سا ته رهي پنهنجي جاءِ تي پر ان ۾ جيڪي انگ اکر ڏنا اٿن انهن مان ايئن ٿو لڳي ته ڪالاباغ ڊيم، ڊيم نه پر سنڌو درياهه جي مقابلي ۾ ڪو ٻيو درياهه ٺاهيو ويندو، هڪ پنجابي دانشور ايڊووڪيٽ منصف اعواڻ ته حد ڪري ڇڏي آ، صاحب موصوف لکي ٿو ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ سان وڌ ۾ وڌ فائدو سنڌ جو ٿيندو، ان جي 8 لک ايڪڙ بنجر زمين آباد ٿيندي، پنجاب جي 6 لک ايڪڙ زمين بلوچستان جي ساڍا 3 لک ايڪڙ زمين ۽ خيبر پختون خواهه جي به 6 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي، هاڻي ڏيو منهن، هي ڊيم آ يا بئراج ۽ درياهه…….؟

بنا سوچ سمجهه ۽ ڏاهپ کان خالي اهڙن ماڻهن کي پاڻيءَ، جي تاريخ توڙي تاريخي معاهدن کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ توڙي ڊيلٽا جي اهميت کي به پرکڻ گهرجي، سکڻا ٺڪاءَ ۽ عقل کان وانجهيل دليل ڊيم نٿا ٺاهي سگهن، ڪجهه ماحولياتي ۽ زميني حقيقت کي به سمجهڻو پوندو، جو سنڌ پاڻ سان گڏ سوين ميلن تي پکڙيل سامونڊي ساحلي علائقو، لکين ايڪڙن تي مشتمل تمر جا ٻيلا ۽ دنيا جي بهترين ڊيلٽا مان هڪ ڊيلٽا به رکي ٿي، جنهن کي به هر سال مناسب مقدار ۾ دريائي مٺي پاڻي جي ضرورت هجي ٿي، جنهن جي گذريل ڪيترن سالن کان نه ملڻ جي ڪري هي علائقو بلڪل تباهه ٿي چڪو آهي، پنجاب جي دانشورن جو اهو چوڻ ته ڊيلٽا لاءِ اسان پاڻي نه ڏينداسين، سنڌين کي جيڪڏهن وڻ، مڇيون، جانور ۽ نانگ بلائون بچائڻا آهن ته پنهنجي حصي جو پاڻي ڏئي، دراصل دنيا ۾ موجود ان عالمي معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي، جنهن مطابق سڄي ڊيلٽا کي پاڻي مهيا ڪرڻ ملڪ جي ذميواري آهي نه ڪي ڪنهن صوبي يا علائقي جي، ڇو ته انهن وڻن، مڇين توڙي نانگن بلائن جي ڪمائي سڄو ملڪ کائي ٿو.

ياد رهي ته سنڌو درياهه هماليائي خطي جو نهايت ئي اهم درياهه آهي ۽ هماليائي خطو مٺي پاڻي جي لحاظ کان سڄي دنيا ۾ تمام وڏي اهميت رکي ٿو، نه صرف سنڌو درياهه پر ٻيا ڪيترائي درياهه هماليائي ڄميل برف جي پگهرڻ سان پيدا ٿيندڙ پاڻي تي ئي روان دوان آهن، جن تي پاڪستان، انڊيا ۽ بنگلاديش کان سواءِ چين، نيپال، ڀوٽان ۽ افغانستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جو دارو مدار آهي، جن ۾ دنيا جي 20 کان 30 سيڪڙو انساني آبادي رهي ٿي، هندن جو مقدس درياهه برهميترا، انڊيا مان ٿيندو سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪندڙ ستلج درياهه به هن ئي پٽيءَ ۾ موجود ڪوهه ڪيلاش مان جنم وٺي ٿو، هتان ئي سنڌو درياهه لداخ جي واديءَ مان ٿيندو، ڪوهستاني منزل ڪراس ڪري، ميداني علائقن مان ٿيندو اچي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، ڪالاباغ ڊيم جي ڳالهه ڪندڙن کي گهرجي ته هو ٻيو نه ته صرف ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ واري ئي تاريخ پڙهن، ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٿيندڙ 1960ع وارو پاڻي جو معاهدو(انڊس واٽر ٽريٽي) جيڪو گڏيل قومن جي ٽياڪڙيءَ سان ٿيو هو، هڪ مستند معاهدو آهي ۽ سڀني کي خبر آهي ته هن معاهدي مطابق اوڀر وارا ٽي درياهه ڀارت ۽ سنڌو درياهه سميت اولهه وارن ٽن دريائن جو پاڻي پاڪستان کي ڏنو ويو، نه صرف ايترو پر ان معاهدي ۾ اهو به طئي ٿيو ته ڀارت ۽ پاڪستان مليل درياهن تي ڪهڙا ڪهڙا پاڻي جا ذخيرا ٺاهي سگهن ٿا، پاڪستان کي مليل زون (انڊس بيسن سسٽم) ۾ 8 ڪئنال، 6 بئراج ۽ 3 ڊيم رکڻ/ ٺاهڻ جي اجازت ڏني وئي، جيڪي پاڪستان ڪجهه ئي سالن ۾ ٺاهي ورتا، اهڙيءَ طرح ڀارت به اجازت مليل سڀ ذخيرا ٺاهي ڇڏيا آهن، هاڻي جيڪڏهن مليل سسٽم تي ڀارت ڪرشن گنگا ڊيم ٺاهي ٿو، يا انڊس بيسن سسٽم تي پاڪستان ڪالاباغ ڊيم سميت ڪو به ڊيم/ بئراج ڪئنال وغيره ٺاهي ٿو ته اها ان معاهدي (انڊس واٽر ٽريٽي) جي لتاڙ هوندي، 1991ع وارو ٺاهه به ٻين ٺاهن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه چڱو ٺاهه آهي، هن جي ڪجهه نقطن تي اعتراض ڪري سگهجي ٿو پر هن ۾ واضح طور ڪنهن به ڊيم جو ذڪر ناهي، ”پاڻي جي ذخيرن“ جو ذڪر آهي، هن معاهدي مطابق سمنڊ/ ڊيلٽا لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏڻ جي تجويز آهي، هن معاهدي ۾ هڪ وڌيڪ جيڪا مثبت شئي هئي اها هئي پاڻي جي ذخيرن تي ڪمپيوٽرائيزڊ ٽيليمينٽري سسٽم لڳائڻ جي رٿا، پر ان مطابق ڪنهن به ٺاهه/ شق تي عمل نه ٿيو، نه ٺاهه مطابق صوبن کي پاڻي مليو، نه ٺاهه مطابق سمنڊ ۾ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏيو ويو ۽ نه ئي آبي ذخيرن تي ٽيليمينٽري سسٽم لڳايو ويو، بقول ارسا ذميوارن جي ته سسٽم ۾ ايترو پاڻي ئي ناهي، پوءِ خبر ناهي ته ڪالاباغ ڊيم لاءِ پاڻي آسمان مان ڪرندو يا زمين مان ڦٽي نڪرندو.

عالمي تپش/ گرين هائوس افيڪٽ ۽ ٻين ماحولياتي سببن جي ڪري، عالمي بئنڪ ۽ ٻين ماحولياتي ادارن خدشو ڏيکاريو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ هماليائي گلئشرز جي ڳرڻ ۾ شدت ايندي، جنهن سان پهرين ته ڪجهه ٻوڏون اينديون ۽ پوءِ دريائي پاڻي ۾ مسلسل 30 کان 40 سيڪڙو تائين گهٽائي اچي ويندي. لنڊن مان نڪرندڙ ماحوليات جي ترجمان رسالي ”دي گارجين“ جي هڪ رپورٽ مطابق لبيا، خليج ۽ پاڪستان سان لڳندڙ سمنڊ مناسب مقدار ۾ مٺو پاڻي نه ملڻ سبب انتهائي خطرناڪ موسمي تبديلين جي زد ۾ آهي، تمر جا ٻيلا ختم ٿي رهيا آهن، ساحلي زمين بنجر ٿي رهي آهي، سامونڊي حيات مري رهي آهي، جنهن سان غذائي کوٽ جو به خطرو آهي. ڇا ان صورتحال جي باوجود ڪالاباغ ڊيم ٺاهي سگهجي ٿو؟ ان ڪري پاڪستان جي وڏين پارٽين خاص ڪري پيپلزپارٽي، جنهن وٽ ٽن صوبن کان سواءِ سينيٽ ۽ وفاقي اسيمبلي ۾ وڏي اڪثريت آهي، روايتي تِرڪ تالون ڇڏي (سي سي آءِ) ۽ اسيمبلي ۾ بل آڻي ڪالاباغ ڊيم جي تڪراري منصوبي کي هميشه جي لاءِ ختم ڪري ڇڏي.

 رمضان شور

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s