بارن سان جنسي ڏاڍائي ۽ تاريخ جي روشني ۾ جائزو

اسان جو معاشرو اهڙي طرح پستي ڏانهن ڇا لاءِ گامزن آهي، قتل، ڌاڙا، ڦرلٽ، اغوا ۽ معصوم ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائيءَ جهڙا ڪُڌا ڪم هر روز پيا ٿين. ڪجهه وقت اڳ ننڍن ٻارڙن جا اغوا عام هيا ته اڄڪلهه وري معصومن سان جنسي ڏاڍائي جا ڪيس سامهون آيا آهن، وجنتي جيڪا فقط ڇهن سالن جي آهي، ان سان جنسي ڏاڍائي اسان کي معاشري جا افعال ٿي ٻڌائي اها خبر ٻُڌي ماڻهو جا وارا اڀا ٿيو وڃن، لڱ ڪانڊارجيو پون، دل تيزي سان ڌڙڪڻ ٿي لڳي ۽ اکيون ٽم ٿيو وڃن. هي اسين ڪيڏانهن پيا وڃون، ڪهڙي پاسي پيا وڃون. انسانيت سوز اهي ڪرتوت اسان جي ذهني ڪيفيت کي ٿا ظاهر ڪن. اسين ڪيترا نه ڪٺور ۽ ظالم ٿي ويا آهيون. اسان جي سماج ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي اهڙا انسانيت سوز ۽ هنئون جهوريندڙ ڪم به ڪري سگهن ٿا. وجنتي ڪنهن جي جگر جو ٽڪر آهي، معصوم، مظلوم ۽ بي وس.

ٿوري دير لاءِ سوچيون ته ان وقت هن معصوم سان ڇا نه ٿي گذريو هوندو. هوءَ نه هٿ پير هڻي سگهي هوندي ۽ نه ئي پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪي جتن ڪري سگهي هوندي. جنوني، درنده صفت ماڻهو ڪيئن نه ڪنهن راڪاس جيان هڪ جيتامڙي سان جٺ ڪري ڇڏي. ان وقت اهو ڪُڌو ڪم ڪرڻ واري جو ضمير ڪيڏانهن ويو هليو، ان جي انسانيت ڪٿي مري وئي. اهڙي ظالم جي مائٽن سندس ڪهڙي سکيا ڪئي هئي، ڇا هن اهو سڀ ڪجهه لذت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو يا ڪو بدلو چڪايو. اهڙا ڪلور هڪ ملڪ جا فوجي جنگ کٽڻ يا هارائڻ کان پوءِ ٻئي ملڪ جي فوجين سان ڪندا آهن. هو دشمن کي نيچو ڏيکارڻ لاءِ ۽ ان جو عزت نفس ڪچلڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪندا آهن، هن ٻارڙيءَ اهڙو ڪهڙو ڏوهه ڪيو، هن جي ڀلا ڪنهن سان ڪهڙي دشمني هئي، هندن جي ڌتڙيل ذات جي هيءَ ميگهواڙ ٻارڙي ڀلا ڪنهن جو ڇا بگاڙيو هيو.

ميگهواڙ، ڪولهي، ڀيل جن کي گانڌي هريجن جو لقتب ڏنو، جنهن جي معنيٰ آهي ڀڳوان جا پٽ ۽ ان چيو ته اهي به ساڳي ئي ڀڳوان جا پيدا ٿيل آهن جنهن جا وڏي ذات وارا هندو آهن. انهن کي انڊيا ۾ دليت به چيو ويندو آهي، شيڊيول ڪاسٽ به هڪ لقب آهي، جيڪو انهن کي ڏنو ويندو آهي، برهمڻ ۽ اونچي ذات جا هندو نفرت مان انهن کي شوڌر به ڪوٺيندا آهن. اهي ويچارا هونئن به مسڪين آهن نه ڪنهن جي تيريءَ ۾ ۽ نه ڪنهن جي ميريءَ ۾، پنهنجو پيٽ پالڻ ۾ پورا. ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن وري ڪٿي. زمين جي چادر ۽ آسمان جي ڇت اهو سڀ ڪجهه آهي، انهن جو سامان، لڏ وهر گهڙي تيار هوندو اٿن. ڏاڍي ڪرڻ وارن کي خبر آهي ته نه هو وڙهندو ۽ نه بدلو وٺندو، هندو هونئن به هت ٽئين درجي جا شهري آهن، انهن جو نه ڪو اوهي، نه ڪوئي واهي، نه تر جو چڱو مڙس ٿو ٻڌي ۽ نه قانون جا ڪرتا ڌرتا. ميگهواڙ ويتر هندن جو انتهائي ڪمزور حصو آهن، انهن جي ته وري وڏي ذات وارو هندو به ڪو نه ٿو ٻڌي. ٻارڙي سان جيڪا زيادتي ٿي ان تي سمورن هندن کي احتجاج ڪرڻ گهرجي، پوريون هندو پئنچائتون ملي ڪري احتجاج ڪن، شايد ڪجهه ٿي پوي. سياسي پارٽين ۽ سول سوسائٽي کي به متحرڪ ٿيڻو پوندو. اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي به ذميداري آهي ته ان مسئلي کي کڻي سرندي وارا ڪجهه ڏئي وٺي پنهنجا ڪم ڪرايو ڇڏين، يا گهٽ ۾ گهٽ واويلا ته مچايو ڇڏين. پئسا ڏئي ٽي وي تي پروگرام به نشر ڪرايو ڇڏين، اڻ هوند وارو ڪيڏانهن وڃي.

ميگهواڙ ۽ ٻيون ذاتيون اقليت اندر هڪ اقليت آهن، هڪ اندازي مطابق پاڪستان ۾ انهن جو ڳاڻيٽو 60 لک جي برابر آهي. رياست انهن کي هندو اقليت جو درجو ڏنو آهي ۽ اهي ويچارا ٻنهي طرفن کان پيڙهجن پيا. انهن سان اونچي ذات جا هندو نه رشتو جوڙيندا آهن ۽ نه ئي انهن کي پنهنجي ويجهو اچڻ ڏيندا آهن. منهنجا والد هڪ مندر ۾ لنگر صبح شام هلائيندا آهن، اهي به اهو ٻڌائيندا آهن ته اونچي ذات وارا هندو انهن کي چڱو ڪونهن سمجهندا ۽ ايتري تائين جو انهن کي پنهنجا ڪپڙا ڇهڻ به ڪونهن ڏيندا. منهنجا والد جڏهن ڪجهه ڏينهن لاءِ ٻاهر ويندا آهن ته اها ڳڻتي هوندي اٿن ته انهن کي اونچي ذات جا هندو ويجهو اچڻ نه ڏيندا ۽ متان اُهي ماني کان نه محروم رهجي وڃن.

اهي جيئن ته ڪنهن نه ڪنهن جي زمين تي ڪم ڪندا آهن، تنهن ڪري هو رهندا به اتي آهن. انهن جو پنهنجو ڪو مستقل ٺڪاڻو ڪونهي هوندو، نتيجي ۾ انهن وٽ ڪو شناختي ڪارڊ به ٺهيل ڪونهي هوندو. پاڪستان ۾ تقريبن 3 سيڪڙو اقليت آبادي آهي، جنهن جو 50 سيڪڙو هندو آهن، چون ٿا ته 10 مان 9 هندو هيٺين ڪلاس سان واسطو رکن ٿا، انهن کي دليت به ڪوٺيو وڃي ٿو. باباءِ قوم قائد اعظم محمد علي جناح وفاقي قانون ۽ پارليامينٽري کاتو هڪ دليت کي ڏنو هيو، پر اهو پهريون ۽ آخري دفعو ٿيو. ان کان پوءِ دليت جي جيڪا 6 سيڪڙو ڪوٽا وفاقي نوڪرين ۾ هئي ان کي 1998 ۾ اقليت ڪوٽا ۾ تبديل ڪيو ويو، ان وقت ڊاڪٽر ميگهواڙ ۽ ڪرشن ڀيل وفاقي ڪابينا جا ميمبر هئا. انهن ان خلاف آواز اٿارڻ ۾ ڪو فائدو نه سمجهيو. ان تبديليءَ دليت جي شخصي سڃاڻپ واري عمل کي وڌيڪ متاثر ڪيو ۽ هاڻ هڪ هندو اقليت جو حصو آهن، جيڪا به انهن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. تنهن ڏينهن هڪ ٽي وي چينل تي اهڙي ئي هڪ خاندان جو انٽرويو پئي نشر ٿيو انهن پنهنجو نالو هندو مان مسلمان وارو رکيو ته ڪا مدد ملي وڃي اهي به هڪ خالي ميدان تي رهيل هئا ۽ چيائون ته هن ميدان جو مالڪ اهو خالي ڪرڻ لاءِ چوي ٿو. ماڻهو جي بهتري تعليم سان وابسطه آهي، هريجن جيستائين پاڻ کي تعليم جي زيور سان آراسته نه ڪندا، معاشري ۾ انهن جي عزت نه ٿيندي. انڊيا هجي يا پاڪستان ان طبقي سان ٻه اکيائي موجود آهي. ارون ڌتي راءِ پنهنجي ڪتاب ”الجبرا آف انفنيٽ جسٽس“ ۾ انڊيا جي دليت برادري سان ٿيندڙ ظلمن جو ذڪر ڪيو آهي، انهن جا ڳوٺ وڏا ڊيم ٺاهڻ جي مد ۾ ڊاهي پٽ ڪيا ويا. ان برادري جي سڃاڻپ هڪ وڏو مسئلو آهي، اُهي نه وڏي ذات جي هندن لاءِ قابل قبول آهن ۽ نه ئي سرڪار انهن جي ٿي واهر ڪري، ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ  12 سالن جي ميگهواڙ ڇوڪري جي اغوا جو اخبارن ۾ چرچو هيو، اهو مسئلو اڃا حل ئي ڪو نه ٿيو جو هاڻ معصوم وجنتي سان ڪيس جون خبرون عام آهن، اهو ڇو ٿو ٿئي، ڇو ۽ ڇا لاءِ معاشري جي ڪمزور پرتن سان ايترا هاڃا ٿي رهيا آهن، ميگهواڙ، ڪولهي، ڀيل خاص طرح ۽ ٻيون اقليتون عام طرح ان ظلم جو شڪار آهن، ڏوهاري ڏاڍي خوبصورتي سان بچيو وڃن. اها ٻارڙي وجنتي ان جو معصوم چهرو ته ڏسو، ڪو وحشي جانور ئي ان کي تڪليف پهچائڻ جو سوچيندو.

اهڙي ڪڌي ڪم جو ٻار جي نفسيات تي ڪهڙو اثر پوندو اچو ته ڏسون. اهڙو ٻار سڄي زندگي ڊپريشن، پريشاني ۽ خوف جو شڪار رهندو. ٻارن سان زيادتي وارو عمل پوري دنيا ۾ ٿئي ٿو، ڇوڪرين سان ان زيادتي جو ڳاڻيٽو 19.7 سيڪڙو ۽ ڇوڪرن سان 7.9 سيڪڙو آهي، سڀ کان وڌيڪ اهو آفريڪا ۾ ڏٺو ويو آهي، يورپ ۾ ان جو هجڻ سڀ کان گهٽ آهي، يعني 9.7 سيڪڙو آمريڪا ۾ ٻارن سان منهه ڪاري ڪرڻ جو ڳاڻيٽو 10.1 سيڪڙو آهي ۽ ايشيا ۾ اهو 23.9 سيڪڙو. مٿين انگن اکرن مان پتو ٿو لڳي ته جن ملڪن ۽ خطن ۾ تعليم گهٽ آهي ۽ قانون نرم آهي اتي اهي واقعا گهڻا ٿا ٿين، يورپ ان معاملي ۾ سڀ کان وڌيڪ سڌريل خطو آهي، ٻئي نمبر تي آمريڪا آهي، آفريڪا ۽ ايشيا ان ڪڌي ڪم ۾ پهرئين ۽ ٻئي نمبر تي آهن. ان مان ثابت ٿو ٿئي ته جن معاشرن ۾ تعليم عام آهي ۽ قانون جي حڪمراني آهي اتي اهڙا سنگين ڏوهه گهٽ ٿا ٿين، جي ٿين به ٿا ته گناهه گار پڪڙيو ٿو وڃي، ان ۾ ڪا به رعايت ڪونهي.

تحقيق ٻڌائي ٿي ته اڪثر زيادتي سهندڙ، زيادتي ڪندڙ کي سڃاڻيندا آهن، انهن مان 30 سيڪڙو اهڙن ٻارن جا مائٽ هوندا آهن، گهڻو ڪري اهي ڀاءُ، پيءُ، چاچا ۽ سؤٽ وغيره هوندا آهن، انهن زيادتي ڪندڙن جو 60 سيڪڙو دوست، ٻار جا مائٽ ۽ پاڙيسري هوندا آهن ۽ 10 سيڪڙو ڌاريا هوندا آهن، آمريڪن سائيڪياٽرڪ سوسائٽي (نفسياتي معالجن جي تنظيم) جي چوڻ مطابق ٻار وڏن کي ان ڪڌي ڪم جي اجازت ڏيڻ جا مجاز ڪونهن هوندا، تنهن ڪري اهو هر حال ۾ ڏوهه آهي، اهو اخلاقي ۽ قانوني ٻنهي طرح جو ڏوهه آهي ۽ ان جي ڪا به معافي ڪونهي. نفسياتي طرح اهي ٻار وري آڱوٺو چوسڻ ۽ بستري تي پيشاب ڪرڻ وارين عادتن کي پنهنجائيندا آهن، انهن کي بک نه لڳندي آهي ۽ انهن جي قوت ارادي متاٿر ٿي ويندي آهي، اهي ٻار ڪڏهن ڪڏهن جانورن خلاف ظالماڻو رويو به رکندا آهن، ۽ پنهنجي ايندڙ زندگي ۾ ٻين کي نقصان پهچائيندڙ ۽ باغي به ٿي پوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن هو پاڻ کي به نقصان پهچائڻ کان نه ڪيٻائيندا آهن.

آمريڪا ۾ ٿيل هڪ تحقيق مطابق اهي ٻار جن سان ٻاراڻي عمر ۾ جنسي ڏاڍ ٿي هوندي آهي، انهن ۾ نشي جي علت انهن ڇوڪرين جي مقابلي ۾ جن سان اهو نه ٿيو هوندو آهي، 2.8 دفعا وڌيڪ هوندي آهي، ساڳي تحقيق ۾ اهو به ڏٺو ويو ته اهي ٻار جن سان جنسي ڏاڍائي ٿي اُهي وڏي هوندي يا ته ڏوهاري ذهن وارا ٿيا يا وري انهن ۾ خودڪشي ڪرڻ ڏانهن لاڙو وڌيڪ ڏٺو ويو. اهي ٻار وڏا ٿي بيمار به گهڻو رهڻ لڳندا آهن. اهي ٻار جن کي معاشرو ۽ خاندان مدد ڪندڙ نه ملندا آهن، انهن لاءِ جوانيءَ ۾ مصيبتون وڌيڪ ٿينديون آهن. جنسي ڏاڍائي سهندڙ ٻارن کي پهچندڙ جسماني نقصان جو ڪاٿو هيٺين ريت آهي. ٻار جو عمر ۽ جسامت جي لحاظ سان جسماني نقصان ٿيندو آهي ۽ ٻيو خون جي وهڻ کان وٺي، عضون ۾ اندر زخم وغيره شامل آهن.

ڪجهه صورتن ۾ موت به واقع ٿي سگهي ٿو. هرمين گڊنس پنهنجي تحقيق ۾ ٻڌايو ته نارٿ ڪيرولينا ۾ 1985ع کان 1994ع تائين ڇهه ٻار مري ويا ۽ ٻيا 6 مرڻ ڪنڌي تي پهتا، انهن جون عمريون 10 مهينن کان 10 سالن تائين هيون. ٻارن ۾ سوزاڪ جي بيماري به ٿي سگهي ٿي ۽ ٻيا انفيڪشن به ٿي سگهن ٿا.

جنسي ڏاڍائي جي تاريخ کي پڙهبو ته اهو نظر ايندو ته هن ڏوهه کي هميشه ننديو ويو آهي ۽ هن جي ڪڙي ۾ ڪڙي سزا تجويز ڪئي وئي آهي. رومن قانون ۾ به ان کي ڏوهه ئي ڪوٺيو ويو هيو، روم ۾ بادشاهه جي پٽ هٿان ليوڪريشيا سان جنسي ڏاڍائي بادشاهت جو انت آندو ۽ ”رومن ريپبلڪ“ جنم ورتو. ڪرائيسٽ کان 50 سال اڳ شاعر ليوڪريشيس جنسي ڏاڍائي کي ننديو ۽ ان کي تهذيب جي خلاف ٻڌايو.

پهرين عيسائي بادشاهه ڪونسٽينٽائن جنسي ڏاڍائي کي عوام خلاف ڏوهه چيو ۽ ان کي ذاتي گناهه ۽ معاملو نه سڏيو. اسلام ۾ ان کي وڏو ڏوهه چيو ويو آهي ۽ ان جي ڳري سزا تجويز ڪئي وئي آهي.

معصوم ٻار سان جنسي ڏاڍائي ته ايڏو وڏو گناهه آهي، جنهن جي جيتري سزا ڏجي اها گهٽ آهي.

وجنتي جي اخبار ۾ تصوير ڏسندي ئي ترس اچڻ لڳندو، ڪو ڪٺور دل ئي ان ٻارڙي سان اها زيادتي ڪري سگهي ٿو.

اسان جو قانون به ڪمزور آهي، جيڪڏهن ڏوهارين کي سزا ملڻ لڳي ۽ انهن جي پڪڙ ڌڪڙ ٿيڻ لڳي ته ڪيئن نه ٿي بهتري اچي.

اسان جون ڪورٽون جيئن وڏن سياسي مسئلن تي پاڻ مرادو قدم کڻن ٿيون، اهڙن سماجي مسئلن تي به جيڪڏهن پاڻ مرادو قدم کڻن ته ضرور بهتري ٿيندي. تعليم کي عام ڪرڻو پوندو، خاندان کان وٺي، اسڪول ۽ ڪاليجن تائين اخلاقي تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي، اهڙي ڏوهه جي سزا به ڪڙي هجڻ گهرجي، اهو سموري انسانيت خلاف ڏوهه آهي. اهي ٻار اهڙن ڏوهارين جي هٿ ڪيئن ٿا لڳن. ان طرف به سوچجي. مائٽن کي پنهنجي ننڍن ٻارن کي ائين اڪيلو ۽ لاوارث نه ڇڏڻ گهرجي، اهي ڏوهه معاشري جو ناسور آهن، انهن خلاف سڄي سماج کي ڪجهه ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ اهي ڏوهه ٿيندا رهندا، سماج جو باشعور ۽ باحيا فرد هجڻ جي ناتي اسان جا ڪنڌ شرم وچان هميشه جهڪيل رهندا.

ڊاڪٽر مرلي ڌر

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s