46 ورهين جي پيپلزپارٽي کان ڪجهه سوال

 پاڪستان ۾ سياسي پارٽين کي ڪهڙا سياسي چيلينج آهن؟ سنڌ ۾ ڪهڙا سياسي چيلينج آهن؟ اليڪشن مٿان اچڻ کانپوءِ ڪنهن جي واسطي ڪهڙا سياسي چيلينج هوندا؟ انهن جي باري ۾ ڪنهن ڪنهن ڇا سوچيو آهي، انهن سان ڪهڙي نموني منهن ڏيندو؟ انهن وٽ ڪهڙيون ڪهڙيون حڪمت عمليون ٿي سگهن ٿيون ۽ انهن حڪمتن سان گڏجي موجود اليڪشني چيلينجن سان پار پوڻ جي ڪا صورت ۽ شڪل به نڪرندي يا نه؟ جهڙا سوال اسان جي سامهون آهن. اسان جيئن ته سمورين پارٽين جي باري ۾ ۽ خاص ڪري انهن جي اليڪشني الف.. ب.. جي حوالي سان ڪجهه ڄاڻ رکئون ٿا ان ڪري اسان سڀني سان انصاف ڪندي ڪي اهڙا سوال اٿارڻ چاهيون ٿا جيئن انهن سوالن جي جوابن جي باري ۾ هر پارٽي ۽ تنظيم پنهنجو ضروري ڪم ڪار ڪري سگهي، تياري ڪري سگهي ۽ جيڪي به اميدوار آهن  اهي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ ان باري ۾ پنهنجو خيال ٺاهي ڇڏين. هي اليڪشنون وڄ جي تيزي وانگر مٿان اينديون، رڳو پنجيتاليهه ڏينهن نگران سرڪار کي ملي سگهندا، اليڪشن وڙهڻ وارن اميدوارن ۽ پارٽين ۽ تنظيمن کي ڪل ملائي هڪ مهينو ميسر هوندو. ان ڪري اوهان  ڪاغذ قلم کڻي ان باري ۾ پنهنجو حساب ڪتاب ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيو. ممڪن آه، سڀاڻي اوهانجي واسطي دير ٿي وڃي.

ان حوالي سان اسان سنڌ ۾ سڀ کان وڏي پارٽي پاڪستان پيپلزپارٽي تي بحث ڪرڻ چاهيون ٿا، انهن کي سامهون ايندڙ چيلينجن سان بحث ڪري انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته انهن جي لاءِ ايندڙ اليڪشنون ڪهڙا سوال کڻي اينديون. اسان واري واري سان سمورين سياسي پارٽين ۽ گروپن جو ڇيد ڪنداسين.

پيپلزپارٽي سامهون پهريون سوال ان جي ليڊر محترما بينظير ڀٽو صاحبه جي قتل کانپوءِ انهن سمورن قاتلن جي گرفتاري جو ايندو جيڪي پنج سال گذرڻ کانپوءِ به گرفتار ٿي نه سگهيا. قاتلن جي لسٽ ۾ به فرق آهي، هڪڙا قاتل ۽ انهن جي نشاندهي محترما پنهنجي آخري ڪتاب ۾ ڪري ويئي هئي ۽ ٻيا قاتل هاڻوڪي سرڪار مسلسل ورجائيندي رهي آهي. محترما جا قاتل جنرل پرويز مشرف جو ويجهو ٽولو ۽ مسلم ليگ (ق) ۾ موجود ڪجهه اڳواڻ هيا ، جڏهن ته ، سرڪار نامدار قاتلن جي ايڊريس ”وزيرستان“ ۽ ”قبائلي علائقا“ ٻڌايا آهن. اڄوڪي سرڪار جي ڪيترائي وفاقي وزير اها ڳالهه زور ڏيئي چوندا رهيا آهن ته پاڪستاني طالبان مبينه طور محترما جي قاتل هئي ۽ ان جا اڳواڻ بيت الله مسحود وغيره مارجي چڪا آهن. اهڙي طرح هو ڄڻ ته اهو ٻڌائيندا هجن  ۽ عوام کي ٻڌائيندا هجن ته ” محترما جا  قاتل ته مارجي ويا آهن ، هاڻي اهو قصو پراڻو ٿي چڪو آهي“ پر، اها پوليس جيڪا جاءِ واردات تي موجود هئي، ان جا مسلسل پروموشن ۽ انهن کي اهم جاين تي مقرر ڪرڻ، ق ليگ جي اڳواڻن کي مخالف ڌر مان ڪڍي سرڪار ۾ نائب وزيراعظمي ڏيڻ جهڙا واقعا پاڻ ئي سوال پڇن ٿا ته ڇا محترما جي قتل کانپوءِ اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ اهم هيو؟

ان سلسلي ۾ محترما مٿان سندس آمد واري ڏينهن 18 آڪٽوبر 2007ع تي ڪراچي ۾ ڪارساز پل وٽ ٿيندڙ خوني حملي ۽ ان ۾ 170 کان مٿي انسانن جي قتل واسطي جاچ، انڪوائري، ايف آءِ آرون ۽ لاڳاپيل ڳالهيون اڄ تائين هڪ سوال آهن. ان سلسلي ۾ 18 آڪتوبر 2012ع تي ڪارساز وٽ شهيد ٿيندڙ بيگناهه انسانن جي پنجين ورسي تي سندن ياد ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه صاحب فرمايو هيو ته ” ڪارساز سانحي جي ٻيهر جانچ لاءِ هن سينئر آفيسر شبير احمد شيخ کي مقرر ڪيو آهي ۽ اهو پندرنهن ڏينهن ۾ جانچ ڪري ٻڌائيندو ته ڪارساز سانحي جا ذميدار“ ڪير آهن؟ لنڊن ۽ نيويارڪ جون انٽيليجنس ايجنسيون سنڌ جي انٽيليجنس کاتي مان ان اعلان کانپوءِ بيحد متاثر ٿيون آهن. پنج سال سمورا گواهه، شاهديون، نشانيون ۽ ڪڙيون ختم ٿيڻ کانپوءِ به سنڌ سرڪار قاتلن جو پتو لڳائي ويندي ۽ پيپلزپارٽي کي معلوم ٿي ويندو ته محترما مٿان اهو حملو ڪنهن ڪرايو هيو؟ ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجا سمورا ثواب ٻين کي ڏيئي انهن جا   ڏوهه پنهنجي کاتي ۾ کڻڻ جي مشاق آهي. قتل ڪارساز جا هجن يا پنڊيءِ جا، انهن جا جواب هاڻي پيپلزپارٽي کي ڏيڻا پئجي ويا آهن.

پاڪستان پيپلزپارٽي جي شهيد ليڊر محترما بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي زندگيءَ جي آخري تقرير ۾ پنهنجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي چيو هيو ته ” جي اسانجي سرڪار اچي ته اڳواڻ پنهنجا گهر نه ڀريندا، پنهنجا نوازي نه ڪندا، عوام جو خيال ڪندا، ڪارڪنن جو خيال ڪندا“ ان وصيت نما تقرير ۾ محترما جيڪي ڪجهه چئي ويئي، پيپلزپارٽي ڇا ان جي برابر ڪجهه ڪيو آهي؟ يا ان جي ابتڙ ڪجهه ڪيو آهي؟ پيپلزپارٽي اڳواڻن جا مٽ مائٽ اڃا به بيروزگار ۽ غريب آهن يا انهن جي تقدير تبديل ٿي چڪي آهي؟ پيپلزپارٽي پنهنجي وزيرن مان گهڻن کي نموني طور پيش ڪري سگهندي جيڪي ” آيا ۽ ويا، هٿين خالي هتان“ وانگر هيا يا انهن جا دامن ڪجهه داغن سان ڀريل آهن؟ اهو سوال پڻ سامهون ايندو

پيپلزپارٽي جنهن جو نعرو ” اٽو لٽو ۽ اجهو“ آهي. اهو ڪنهن لاءِ نعرو آهي؟ اخباري بيانن، تقريرن، پريس ڪانفرنسن، ڌرڻن ۽ سيمينارن ۾ ان نعري کي استعمال ڪرڻو هيو يا ان نعري هيٺ عوام جي تقدير به تبديل ڪرڻي هئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ ڀيري چيو هيو ته ”غربت عوام جو مقدر ناهي“ ته پوءِ پيپلزپارٽي سرڪار عوام جي غربت گهٽائڻ جا ڪم ڪري سگهي يا نه؟ ڇا سنڌ ۾ ”غربت جي لڪير“ ۽ ان ۾ عوام جي شرح وڌي آهي يا غربت ۽ عوام جي بدحالي ۾ گهٽتائي آئي آهي؟ آخر ڪهڙو ڏينهن ايندو جڏهن ، پيپلزپارٽي عوام کي اهو ٻڌائيندي ته اسان عوام جي ”اٽي، لٽي ۽ اجهي“ جو مسئلو حل ڪري ڇڏيو آهي؟

پاڪستان پيپلزپارٽي 30 نومبر 1967ع تي وجود ۾ آئي هئي. اڄ ان پارٽي کي 45 ورهيه پورا ٿيا آهن. هاڻي سندس 46هون سال شروع ٿيو آهي، معنيٰ ته لڳ ڀڳ اڌ صدي ٿيڻ تي آهي. ڪو آهي ، جيڪو انهن کان سوال پڇي ته ان اڌ صديءَ ۾ پيپلزپارٽي روشن خيال طبقو وڌايو آهي؟ مڊل ڪلاس جي سياست جون پاڙون پختيون ڪيون آهن؟ جنرل ضياالحق پنهنجي دور ۾ (1977-1988) جي يارنهن سالن ۾ پنجاب ۾ پنچايت ۽ برادري سسٽم کي مضبوط ڪري سياست جا لاهه ڪڍي ڇڏيا هيا. اڄ تائين پنجاب ۾ پيپلزپارٽي صوبائي سرڪار ٺاهڻ ۾ ناڪام ويئي آهي. اخبارن ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهو لکيو هوندو آهي ته PPP is barred to make government in Punjab province, since 1977.( پنجاب ۾ 1977ع کان پيپلزپارٽي تي صوبائي سرڪار ٺاهڻ تي بندش پيل آهي). اها بندش برادرين جي مضبوط هجڻ ڪري ٿي آهي. جي سياست آزاد هجي ها، انهن چوڌرين، دولتانن، ٽوانن، خضرحياتن، نوابن، لغارين، ڪالاباغن، راجائن ۽ سردارن وٽ يرغمال نه هجي ها، جي ضيا جي فوجي جنتا انهن جي سرپرستي نه ڪري ها ته اڄ پنجاب بنهه ۽ بلڪل ٻيو هجي ها. پر سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ڇا ڪيو آهي؟ ڇا هتي چوڌرين جي جاءِ تي وڏيرا ۽ جاگيردار نه آندا ويا آهن؟ ڇا ڪالاباغن جي جاءِ تي چانڊيا، مهر ۽ شيرازي نه آندا ويا آهن؟ ڇا انڙ، جتوئي، خشڪ، سيد وغيره انهن ٽوانن، دولتانن ۽ لغارين جو نعم البدل ناهن؟ پاڪستان پيپلزپارٽي سياست ۽ عوام خلاف انهن برادرين، سردارين ۽ جاگيرن جي پناهه گاهه بنجي ويئي آهي. اڄ اهي سمورا ”معزز ۽ معتبر“ پارٽي پنهنجو سرمايو ۽ اثاثو سمجهي ٿي. اهو سمجهڻ جو کيس پورو پورو حق به آهي. پر، کيس پنجاب جي ضيائي تجربي جي روشني ۾ اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته ”ملڪ ۾ جڏهن برادريون سياست شروع ڪنديون آهن ته سياسي پارٽيون بي اثر ۽ انهن جون غلام بنجي وينديون آهن“ آهستي آهستي اهي برادريون، ذاتيون ۽ سياسي خاندان هاوي ٿيندا ويندا ۽ اسان ڏهن سالن کانپوءِ انهن برادرين جي اثرن ۽ پيپلزپارٽي جي خاتمي جي سوال جا تجزيا ڪرڻ ويهنداسين.

اوهان اها ڳالهه به محسوس ڪري سگهو ٿا ته جيڪي ڪجهه جنرل پرويز مشرف  ڪري ويو، اهو اسان ”من و عن“ يا سنڌيءَ ۾”هوبهو“ اهڙو ئي ڪري ڏيکاريو آهي. اسان جنرل پرويز مشرف جي 12 مئي وساري، 5 نومبر وساري، 18 آڪٽوبر وساري، 27 ڊسمبر وساري، ق ليگ وساري، ايم ڪيو ايم وساري، سنڌي شاگردن جون ڪراچي ۾ داخلائون وساريون، بولٽن مارڪيٽ کي ڏنل باهه وساري، ٽنڊوڄام شهر وسامجڻ کي وساريو. اسان ارباب غلام رحيم جهڙا ثابت ٿياسين جڏهن ضلعن کي ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي ڏٺو هيو. جڏهن ارباب پنهنجي جوڙيوال وڏيري کي دادوءَ کي ٻه ٽڪر ڪندي ان کي سندس واسطي ” تحفو“ سڏيو هيو. اسان وڏيرن کي ڏنل انهن اربابي تحفن کي ختم ڪرڻ بدران ٻيو ڪجهه نه ڪيو، رڳو انهن مٿان پنهنجا وڏيرا ويهاري ڇڏياسي.

سمونڊ ملڪن جا هوندا آهن. اهي صوبن يا ضلعن ۽ ٽائون ڪميٽين جا نه هوندا آهن. اسان جڏهن سمونڊ تان هٿ کڻي سگهئون ٿا، اسان ڪراچي، حيدرآباد، سکر سميت 23 ضلعن ۾ اربين رپين جي گهوٻين تي ماٺ رهي سگهئون ٿا، اسان جڏهن ”مڪاني ادارن جا اختيار“ منتقل ڪرڻ جي نالي م پنهنجا شهر ڏيئي سگهئون ٿا ته ظاهر آهي ، محترما بينظير ڀٽو جي قتل کان وٺي شهرن جي نيلامي تائين اسان جي سامهون سوال ايندا رهندا. انهن جا جواب ڪير به ڏيئي نه سگهندو. اڄ پيپلزپارٽي کي 45 سال گذريا آهن، ان جي سامهون سوال وڌي رهيا آهن ۽ انهن جا جواب کُٽي رهيا آهن. مڊل ڪلاس جي سياست بدران وڏيرڪو ڪلاس برادرين جي نالي ۾ سياست تي قبضو ڪرڻ لاءِ آتو آهي. اهي سڀ اڄ ۽ سڀاڻي ايندڙ اليڪشن جا چيلينج آهن. اوهان سنڌ جي ماڻهن کي جواب ڏيڻ بدران يا انهن سان لاڳاپو ختم ڪرڻ کانسواءِ هڪ انچ به اڳيان وڌي سياست نه ڪري سگهندا.

پاڪستان پيپلزپارٽي جي ليڊرشپ جيڪا هاڻي ”ذات“ جي حساب سان ”ڀٽوز“ Bhuttos کان زرداري خواتين ۽ حضرات ڏانهن منتقل ٿي آهي. ان نئين سيٽ اپ جي ڪري پيپلزپارٽي جي ڪمان هاڻي لاڙڪاڻي کان نوابشاهه هيٺ آهي. پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن کان ويندي سموري ليڊرشپ واسطي اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي. جناب آصف علي زرداري پنهنجي ڪمال ڏاهپ سان ان ذاتي فرقن کي ختم ڪري ٻن ذاتين جو هڪ نئون ٻج ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ”ڀٽو زرداري“ برانڊ واري ان فارمولا جي اصل خبر ڪجهه مهينن کانپوءِ ته نه پوندي پر جڏهن خود آصف علي زرداري صاحب جو اولاد ( هن  اليڪشن کانپوءِ ايندڙ چونڊن ۾ بيهڻ لائق ٿيندو، تڏهن انهن جي نئين سياسي زندگي ۽ عوام منجهه ”قبوليت“ ۽ ”ناقبوليت“ جا نوان اظهار سامهون ايندا، ان وقت اچڻ تائين پيپلزپارٽي ۾ آيل وڏيرڪو ريلو ان کي پرزا پرزا ڪندو يا بچائي سگهندو، اها خبر پوڻ لاءِ هاڻي ان باري ۾ ڪي ورهيه نه پر ڪجهه مهينا گهربل آهن.

(نوٽ هي آرٽيڪل 30 نومبر پيپلزپارٽي جي 46 ورهين جي ٿيڻ جي مناسبت سان لکيو ويو)

ساره زمان

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s