پَاڪِستان ڪَا مَطلب ڪِيا

پنهنجي سماج کي ڪنهن به اڪثريت، اقليت يا مذهبي انتهاپسنديءَ هٿان تباهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ، قلم ذريعي مهاڙ جي مورچي ۾ وڙهندڙ وسعت الله خان، 18 نومبر تي بي بي سيءَ لاءِ لکيل ليکَ، ”پَاڪِستان ڪَا مَطلب ڪِيا؟، هِندو، سِک، مَسيحي جا“ ذريعي اسان کي، اِهو ڪڙو سچ سَمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته:” هِن ”مسلمان ملڪ“ ۾ ڪٿي به، ڪنهن به اقليت لاءِ، ڪا به جاءِ پناهه نه آهي!. هي ملڪ فقط رياستي جبر جي نمائندگي ڪندڙن لاءِ ئي آهي. اوهان فقط ٻن صورتن ۾ ئي هن رياست ۾ رهي سگهو ٿا، يا ته پاڻ به رياستي جبر جي مُهرن لاءِ استعمال ٿيندڙ قوتن مان هڪ ٿي وڃو، يا پنهنجي محڪوميءَ ۽ غلاميءَ کي قبول ڪري، ڪنهن به ظلم، زيادتي ۽ ناانصافيءَ  خلاف ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ بجاءِ، چپ چاپ ۽ تابعدار رهو، هر ذلت کي پنهنجو مقدر سمجهو..!!“.

اسان جَن گهڻن سنڌي ڀائرن لاءِ، جيڪي ”خوش قسمتيءَ“ سان پاڻ کي رياستي جبر لاءِ جوڙي ويندڙ پاليسين ۽ رياستي جبر جي مُهرن طور استعمال ٿيندڙ ٽولن مان سمجهن ٿا، تَن کي ڀلي ان اطلاع تي ڪا پريشاني نه ٿَي ته: ”هي ملڪ اقليتن لاءِ آهي ئي نه…!!“، پر اهڙا ”بدنصيب“ جيڪي ظلم ۽ جبر جي هر شڪل کي، هر حال ۾ نفرت جوڳو هئڻ ۾ ويساههُ رکڻ ڪري، پاڻ کي اهڙن ”خوش نصيب“ ٽولن جو حصو نٿا سمجهن، تن جي  پريشان ٿيڻ لاءِ گهڻيون ئي نشانيون موجود آهن. سڄي دنيا کي سمجهه ۾ اچي ويلَ هن رياست جي پاليسيءَ جي اهڙي بنيادي عنصر ، ته:” هي ملڪ اقليتن لاءِ آهي ئي نه…!!“، مان اسان لفظ” اقليت“ مان  ڪهڙو  مفهوم ٿا وٺڻ چاهيون…؟ اهو اسان جي سوچَ ۽ سمجهه تي  ڇڏيل آهي. اسان جي مرضي آهي ته اسان به، خطري هيٺ فقط مذهبي اقليتن کي سمجهي، پنهنجي اڪثريتي مذهب مان هئڻ ڪري مطمئن ٿي ويهي رهون، يا اصل سازش کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي، اهو به احساس ڪري وٺون ته:” اقليتن تي وسندڙ رياستي انڌَ جي لٺ، ڪٿي سُڀاڻي هن ملڪ ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرايل يا اقليت قرار ڏنل نسلن ۽ قومن تي به وسائڻ نه شروع ڪئي وڃي، ۽ انهن کي به اُن ساڳي ئي سلوڪ  جو نشانو بڻائي، ايئن ئي بَيزاريءَ جو اعلان نه ڪيو وڃي، جيئن هن وقت هندن، عيسائين ۽ سکن سان ٿي رهيو آهي…!؟“، جيڪڏهن پنهنجي ذهن تي ڪُجهه وڌيڪ زور ڏيڻ جي زحمت ڪريون ته، اسان کي اُها  ڳالهه به آرام سان نظر اچي سگهي ٿي، ته:” ڪيئن نه اسان کي گذريل ساڍن ڇهن ڏهاڪن کان هڪ اقليتي قوم ۽ اقليتي نسل طور ساڳي تعصب، ساڳي ناانصافي ۽ ظلم جو نشانو بڻائڻ جو ڪم لڳاتار جاري آهي…!!“. هو ته ڪالهه به اوهان کي اقليت ئي پئي سمجهيا، اڄ به اڇوت ئي پيا سمجهن، فرق فقط اهو آهي ته،  اوهان اها حقيقت قبول ڪرڻ چاهيو ئي نٿا …!!، پاڻ کي رياستي جبر جي نمائندا ٽولن جي  جسماني ۽ ذهني غلاميءَ مان ڪڍڻ لاءِ تيار آهيو ئي نه ..!!، زور جي اهڙي نڪاح مان نڪرڻ چاهيو ئي نٿا، جيڪو فقط اوهان کي استعمال ڪرڻ جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ، ڏيکاءَ طور ڪيو ويو هو، نڪي پنهنجي گهر جو برابر جو ڀاتي بڻائڻ لاءِ…!؟، ڀَلي قوم کي اوهان جي بزدلي، ڀاڙيائپ يا جابر ٽولن جو ساٿاري هئڻ جي قيمت، ڪهڙي به تباهيءَ جي شڪل ۾ ادا ڪرڻي پئي…!!.

قديم هندستاني رياست، پنهنجي اندر اڻ ڳڻين سياسي، سماجي، مذهبي ۽ قومي تضادن باوجود، صدين جي ساٿ ڪري مختلف مذهبن، قومن ۽ تهذيبن جي گڏپ  جو مثال هئي، جنهن ۾ ٽوڙ ڦوڙ لاءِ سڀ کان وڏي سازش، انگريز سامراج، هندستان تي پنهنجو قبضو ۽ راڄُ برقرار رکڻ لاءِ وڌي. 1843ع ۾ سنڌ کي غلام بڻائڻ بعد، انگريزن جڏهن پنهنجن وفادارن جي ڳولا شروع ڪئي ته، سندن نظر ماضيءَ جي حڪمران مسلمانن تي ئي پئي ۽ مسلمان طاقتور خاندانن به انگريزن هٿان هڪ وڌيڪ شڪست قبول ڪندي، باغي بڻجڻ بجاءِ آزادي کسيندڙ پرڏيهي آقا جو وفادار بڻجي، سنڌ ۾ هڪ اهڙي موقعي پرست ٽولي جو وجود وڌو، جيڪو اڄ تائين تبديل ٿيندڙ هر آقا جي غلامي ۾ رهڻ ۽ ان جي هر فيصلي کي پنهنجي ڌرتي، عوام ۽ قوم جي مفادن کان مٿانهون سمجهندو رهي ٿو. ٻئي پاسي انگريز َآقا، پنهنجي راڄ کي برقرار رکڻ لاءِ ماڻهن ۽ قومن کي مذهب، فرقن ۽ لساني گروهن ۾ ورهائڻ واري جنهن پاليسي کي  ننڍي کنڊ ۾ ڇڏي ويا هئا، سندن بعد آيل پاڪستاني رياست به پنهنجي بقا لاءِ، انهن کي جيئن جو تيئن جاري رکيو، جنهن ڪري اوهان هن وقت، هن رياست ۾، جيڪو جنون مختلف مذهبن توڙي، سرڪاري مذهب اندر به مختلف فرقن خلاف استعمال ٿيندي ۽ جنهن طريقي سان قومن جي وحدت کي مختلف نالن ۾ ورهائيندي ڏسندا رهيا آهيو، ۽ ڏسي رهيا آهيو، اُهو سڀ ڪجهه اتفاقي ۽ حادثاتي نه پر، هن رياست کي پنهنجي انگريز آقا کان ورثي ۾ مليل هُنر ۽ ۽ سوچي سمجهي اختيار ڪيل پاليسي آهي. هندستان تي انگريزن جي راڄ کي ڪارل مارڪس جن لفظن ۾ بيان ڪيو هو، انهن مان جيڪڏهن اڄ ”هندستان“ ڪٽي ”پاڪستان“ لکي ڇڏجي ته، اها ڳالهه سمجهڻ ۾ اڃا وڌيڪ آساني ٿيندي ته، ڪيئن نه ڪالهه جا ”گورا آقا“ ۽ اڄ جا سندن ڏنل ”ڪارا آقا“ پنهنجي قبضي، ظلم ۽ ڦرلٽ کي برقرار رکڻ لاءِ، سڀ ڪجهه ساڳيو ئي ڪري رهيا آهن…!!.ڪارل مارڪس هندستان تي  انگريز راڄ کي ڪجهه هن ريت بيان ڪيو هو:”جن مختلف نسلن، قبيلن، ذاتين، مذهبن ۽ رياستن جو مجموعو (هندستان) پاڪستان جي جاگرافيائي اتحاد جي جوڙجڪ ڪري ٿو، انهن ۾ لڳاتار ٽڪراءُ جاري رکڻ، پاڪستاني (برطانوي) قبضي جو اهم ترين اصول آهي“.

سنڌي قوم کي هندو ۽ مسلم جي نالي ۾ ٻه ٽڪرا ڪرڻ لاءِ، برطانوي سامراڄ طرفان مخصوص مسلم ٽولن جي سرپرستي ڪرڻ باوجود، ڇا 1947ع تائين سنڌي سماج ايئن ٻن ٽڪرن ۾ ورهائجي سگهيو هو، جيئن اڄ نظر پيو اچي؟، بلڪل نه. برطانوي سامراج سنڌين جي  هيڪڙائي ۽ ڀائيچاري کي اڄ جيان ٽڪرا ڪري، ڪمزور ٽُڪري کي جلاوطن ٿيڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جو اهو ڪم نه ڪري سگهيو هو، جيڪو پاڪستان جي رياست گذريل 65 سالن ۾ ڪري ڏيکاريو آهي. 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جو وجود پئجي وڃڻ باوجود به، سنڌين ۾ مذهبي نفرت جي اها باهه، جنهن سنڌي سماج کي ساڙي، هڪ حصي کي جلاوطني قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو، اُها ان وقت تائين ڀڙڪي نه سگهي، جيستائين ان تي مذهبي تعصب سان ٽِمٽار ٿي سنڌ  پهتل پناهگيرن ۽ رياستي پاليسين جو پيٽرول نه هاريو ويو. ان تعصب جي باهه کي ڀَڀڙُ بڻائڻ لاءِ،  پهرين پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ ۾  انتهائي مختصر مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪندڙ هندن جي نمائنده تنظيم، پاڪستان نيشنل ڪانگريس جي ميمبرن، جيڪي پاڪستان سان وفاداريءَ جو قسم کڻي ايوان ۾ ويٺل هئا، انهن کي پنجابي شائونسٽن جي اڄ تائين نمائندگي ڪندڙاخبار نوائي وقت ”گانڌي ازم کي جيئرو رکڻ لاءِ، ڪم ڪرڻ جو الزام هنيو“. پاڪستان ٺهڻ شرط پيدا ٿيل خوف ۽ مارا ماريءَ جي شروعات دزَ ويهڻ ۽ ٺاپر اچڻ تي، شروع ۾ ئي سنڌ ڇڏي ويل سنڌي هندن پنهنجن اباڻن ڪکن ۾ واپس اچڻ شروع ڪيو ته، ساڳيءَ اخبار سرڪاري پاليسيءَ جو ڪجهه هن ريت اظهار ڪيو:”جڏهن هندستان کان ايندڙ مسلمانَ پنهنجن گهرن ڏانهن واپس نٿا وڃي سگهن ته پوءِ، سنڌ ۾ هزارين هندن کي واپس اچڻ جي اجازت ڇو پئي ڏني وڃي!، حڪومت غير مسلمانن جي پاڪستان ۾ واپسيءَ تي پابندي لڳائي“.(پاڪستان اور اقليتين، صفحو 140 ۽ 141)

– ۽ پوءِ پاڪستاني رياست تي قابض خالص مفاد پرست ٽولي، قائدِاعظم جي موت جو انتظار ڪرڻ فضول سمجهي، سنڌ مان سنڌي هندن کي جلاوطن ڪرڻ ۽ انهن جي جاءِ تي پناهگيرن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڊسمبر 1947ع ۾ پهرين حيدرآباد کي فسادن جي لپيٽ  ۾آندو، ان مقصد لاءِ هندستان جي شهر اجمير مان پهتل پناهگيرن کي استعمال ڪيو ويو، جن جي مدد لاءِ سنڌي مسلمان موقعي پرست ٽولو به موجود رهيو، جنهن جي اڳواڻي حيدرآباد جي ”معزز خاندان“ جو قاضي اڪبر  ۽ اُن جهڙا ٻياڪيترائي ”معزز“ ڪري رهيا هئا. اجمير جي پناهگيرن لاءِ حيدرآباد ۾ جاءِ پيدا ڪرڻ ۽ ان نالي ۾ پنهنجي لاءِ هندن جون جائدادون ميڙڻ جي لالچ جي نتيجي ۾شروع ڪرايل فسادن ۾ 30 ماڻهن ماريا ويا، 20 زخمي ٿيا ۽ حيدرآباد شهر ۾ ڪرفيو لاڳو ٿي ويو .ڳالهه اتي ئي پوري ڪان ٿي، پنهنجن هندو ڀائرن کي سنڌ مان جلاوطن ڪرڻ لاءِ، رهيل ڪسر پوري ڪرڻ جو ڪم، ڪراچيءَ ۾ قيامت برپا ڪري ڪيو ويو.

”6 جنوري 1948ع تي، ڪراچيءَ جي موجوده پاڪستان چوڪ ۽ ان جي آسپاس جي علائقن ۾ سنڌي هندن جو قتل عام ڪيو ويو، جيڪو ٻن ڏينهن تائين جاري رهيو. مالي نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ ته ممڪن هو ئي ڪو نه پر، ڪراچيءَ جي تاريخ ۾ ٻَه ڏينهن سنڌين جو ايئن قتل عام ٿيو جو لاشن کي گاڏين ۾ ڀري شمشان گهاٽ پهچائڻو پيو، جتي لاشن جي ڍيرن تي پيٽرول هاري ساڙيو ويو. ماريلن جو تعداد ڪنهن به ريت سوَن کان گهٽ نه هو، زخمين جو تعداد اڃا وڌيڪ هو. سڀ ان ڳالهه تي متفق آهن ته اهي حملا هڪ طرفا ۽ فقط مهاجرن طرفان شروع ڪيل هئا. سنڌي هندن کي مجبور ڪيو ويو ته اهي سنڌ ڇڏي هليا وڃن. ساڳي رات جمشيد نسروانجي قائدِاعظم سان ملڻ ويو ته هو ڏک ۽ صدمي مان رڙيون ڪري رهيو هو. هو (قائدِاعظم) وڳوڙن دوران ٽانگي تَي سوار ٿي جڏهن ڊي جي ڪاليج جي اڳواڙي ۾ پهتو  ته، اُتي موجود مهاجرن جو ميڙ بَي قابو ٿي رهيو هو، ۽ انهن قائداعظم ۽ ساڻس گڏ آيل سرڪاري آفيسرن کي ڌمڪي ڏني ته، جيڪڏهن هو اڳتي وڌيا ته سندن جسمن مان خَنجر آرپار ڪيا ويندا“. (پاڪستان اور اقليتين، صفحو 142۽ 143).

سنڌ مان سنڌين کي ئي جلاوطن ٿيڻ لاءِ مجبور ڪرڻ لاءِ حيدرآباد توڙي ڪراچيءَ ۾، ڪجهه هفتن اندر ٿيل رتوڇاڻ جي ٻن وڏن واقعن ۾ بنيادي ڪردار ڀل ڀارت کان آيل پناهگيرن جو هجي، پر انهن ۾ کين سئو سال اڳ کان انگريزن جي پٺوءَ وارو ڪردار ادا ڪندڙ مڪاني غدار طبقي جي به ڀرپور آشيرواد رهي. هڪ طرف حيدرآباد ۾ قاضي اڪبر جي اڳواڻيءَ ۾ شهر جو ”معزز مسلم سنڌي“  انهن وڳوڙن ۾ ڀرپور طريقي سان موجود هو ته ٻئي پاسي، ڪراچيءَ جو وچولو طبقو ۽ ويندي سرڪاري آفيسرَ، عملدارَ ۽ اهلڪارَ به سنڌين جو قتل عام ڪرائڻ ۾ برابر جا شريڪ هئا. ڪراچيءَ ۾ ”بهترين ڪپڙا پهريل ماڻهو“ به سنڌي هندن جي دڪانن  مان پنهنجي ضرورت جون شيون کڻندي نظر آيا. ڪراچيءَ ۾ ٿيل ڦرلٽ جو اڪثر سامان پاڪستان سيڪريٽريٽ جي عملي ۽ عملدارن جي قبضي ۾ ڏٺو ويو.  جڏهن ڦريل ۽ لٽيل مال جي واپسيءَ لاءِ سرڪاري ملازمن جي گهرن جي تلاشي وٺڻ جو فيصلو ٿيو ته، ان تي احتجاج ڪندڙ به ڪا ٻي ڌر نه پر، حڪومت پاڻ ئي هئي. قائداعظم پريشان هو، کيس پنجاب ۾ وڳوڙن، رتوڇاڻ ۽ ڦرلٽ جا سبب ته سمجهه ۾ آيا پئي، پر هو ان سازش کي سمجهڻ کان قاصر هو ته، ”سنڌ ۾ سنڌين کي ئي ماري، ڦري ۽ لُٽي پنهنجي ڌرتي ڇڏائڻ جو ڪم ڪيئن پيو ٿئي!؟.(حوالو ساڳيو).

مذهب جي نالي ۾قومن جي ورهاڱي جي سازش کي انجام تي پهچائڻ باوجود، انگريزن جي وفادار طبقي جو ”ڏاهو قائد“ پنهنجي ٽولي جي ارادن کان بي خبر ڪيئن هو!، جيڪي سندس تخليق ڪيل رياست جو وهنوار سنڀالي، ڌرتيءَ جي وارث قومن خلاف سازشن کي عملي روپ ڏئي رهيا هئا!؟، ان تي سوچڻ، هن وقت اسان جو موضوع نه آهي، اسان جي سمجهڻ جي ڳالهه هيءَ آهي ته:”سنڌ ۾ سنڌين جي اجتماعي قتل عام، سندن ملڪيت تي قبضن ۽ گهرن مان ڦرلٽ جا واقعا ڪي اتفاقي ۽ سنڌين ۾ موجود هندو- مسلم تضاد جي پيداوار نه پر، پاڪستاني رياست جي پاليسيءَ جو اهم حصو هئا. اها سازش فقط سنڌي هندن خلاف نه پر سمورن سنڌين، سنڌي قوم ۽ سنڌ ڌرتيءَ خلاف هئي. سنڌي قوم پنهنجي ”ويڪائو قيادت“ هٿان، سنڌي قوم بجاءِ مسلم قوم ٿيڻ جي پهرين قيمت، سنڌ ۾، سنڌين جي ئي قتل عام ذريعي ادا ڪئي، جنهن کي اسان سنڌ ۾ لساني تضاد هٿان ٿيل سنڌين جو پهريون  ۽ سڀَ کان وڏو قتل عام به چئي سگهون ٿا.۽ ايئن پوءِ، لکين سنڌين کي جلاوطن ٿيڻ تي مجبور ڪري، سنڌ ۾ اهو خال پيدا ڪيو ويو جو، هندستان مان آيل لکين پناهگيرن کي سنڌ ۾ بنا ڪنهن تڪليف جي ڪشادا  ۽ شاندار گهر، ڪاروبار ۽ هڪ ئي هنڌ مڙي مُٺ ٿي پاڻ کي لساني طاقت بڻائڻ لاءِ، سڀ کان وڏا شهرَ به ملي ويَا. اڄ به سنڌ جي قيادت کي، سنڌ بچائڻ لاءِ ”اتحاد جي ضرورت“، ڊسمبر 47 ۽ جنوري 1948 ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ قوم خلاف ٿيل سازش کي سمجهي نه سگهڻ، ۽ ان کي روڪڻ بجاءِ ان جو حصو بڻجي وڃڻ  ڪري، پئجي رهي آهي.

”پاڪستان ڪا مطلب ڪيا؟، هندو سک، مسيحي جا“ جَي  اقليت دشمن  مفهوم کي ذهن ۾ رکندي، ڇا اسان کي پنهنجي پاڻ ۽ هن رياست کان اهو سوال نه ڪرڻ گهرجي ته، سڀاڻي جڏهن مذهبي اقليتون هن ملڪ ۾ پنهنجو وجود وڃائي ويٺيون ته پوءِ، پاڪستان جو جيڪو نئون ”مفهوم“ سامهون ايندو، اُهو  ڪجهه هن ريت نه هوندو: ”پاڪستان ڪا مطلب ڪيا؟، سنڌي- بلوچ ڀاگ جا !؟“.  اسان کي اڃا تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته، پاڪستان ٺهڻ شرط ئي سنڌ ۾ سنڌين جو قتل عام ڪرائڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ لکين سنڌين کي پنهنجي ڌرتي ڇڏي وڃڻ لاءِ مجبور ڪرڻ، ڇا فقط سنڌي هندن خلاف سازش هئي!؟. ان جو اصل مقصد سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪري، سنڌ کي ڌارين ڌاڙيلن جي حوالي ڪرڻ نه هو!؟ اهڙا ڌاڙيل، جيڪي هن وقت سنڌ جي اڪثر شهرَن، انتظامي اختيارن، تعليمي ۽ سرڪاري ادارن سان گڏ لکين ايڪڙ زمين جا مالڪ بڻجڻ بعد، ان سڄي عرصي۾ ، فقط سنڌين جي وجود لاءِ ئي چئلينج پيدا ڪندا رهيا آهن…!!.

اسان اها بدنصيب قوم آهيون، جنهن جي اک تباهيءَ جي گذريل 65 سالن دوران به کُلي ناهي سگهي!. ٿيل هر قومي بربادي اسان کي هندو ۽ مسلم بجاءِ، وري سنڌي بڻجڻ جو سبق ڏئي ناهي سگهي!. اڄ به گهوٽڪي کان جيڪب آباد، ڪشمور کان شڪارپور ۽ ٿر جي سمورن ضلعن مان سنڌين جي تيزي پر خاموشيءَ سان ٿيندڙ لڏپلاڻ فقط هندن جي ئي آهي، سنڌين جي نه..!!. ڇا اڄ به اسان پنهنجي قيادت جي، ورهاڱي لاءِ هنبوڇيون هڻڻ واري ان ساڳي سوچَ تي بيٺل نه آهيون ته، جَي ”ڪافر سنڌي“ سنڌ ۾ رهي نه پيا سگهن ته پَنهنجو ڇا!،  سَندن نفعن ۽ نقصانن، هئڻ ۽ نه هئڻ سان مسلمان قوم جي سنڌين جو ڪهڙو واسطو!، اَسان کي ته پنهنجن پيارن مُسلمان ڀائرن جي ضرورت آهي، اُهي ڀلي بهارَ مان اچن يا بنگالَ مان، اسان جون ٻئي اکيون ٿڌيون… !!“.

ڇا اڄ به اسان جو مخصوص رياستي پٺو طبقو، 47ع 48ع ۾ سنڌي قوم جي وجود خلاف سازش جو حصو بڻجڻ بعد هاڻ شرمندو ٿي، ڪفارو ادا ڪري رهيو آهي؟، يا اڄ تائين پيرن، ميرن، جاگيردارن، درگاهن ۽ پارليامينٽيرين جي مختلف نالن ۾، ساڳي سنڌ دشمنيءَ ۾ ورتل هئڻ ڪري، سنڌين کي سنڌ مان ئي جلاوطن ٿيڻ تي مجبورڪري، سنڌي قوم کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ابدي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش جو جيئن جو تيئن حصو نه آهي!؟، ڇا ساڳيو ئي غدار طبقو، اڄ به ڌارين دُشمنن جون لوڌون اچڻ تي، کين روڪڻ جي ڪوشش ڪندي نظر پيو اچي يا، خصيص مفادن لاءِ، سندن آجيان ڪندڙن مان هڪ آهي…!؟.

 ٿر جي ضلعن ۾ اڄ به 60 کان 70 سيڪڙو آبادي سنڌي هندن جي ئي آهي. 13 نومبر تي پنهنجن ڀائرن سان گڏ ڏياري ملهائي، سنڌ ۾ هر طرف فقط سندن دشمن ئي نه، پر دوست به هئڻ جو احساس ڏيارڻ لاءِ، امرڪوٽ پهچڻ تي خبر پئي ته، اُتر سنڌ جيان ٿر جي پوري پٽيءَ مان به سنڌي هندن جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جاري آهي. ”ياترا“ لاءِ ڀارت ويندڙ قافلي سان گڏ، هڪ  اهڙو به جٿو موجود هجي ٿو، جنهن کي واپس ورڻو ناهي هوندو ۽ اهو ڪم سالن کان جاري آهي!. گذريل ڪجهه سالن دوران ئي، ڪيترا گهراڻا سنڌُ ڇڏي، هندُ وسائي چڪا آهن، نَه سنڌين کي ان جي خبر آهي، نه ئي پرواههَ!. ڪنهن کي به ڳڻتي نه آهي ته، سنڌي سماج کي کوکلو ڪرڻ جو ڪم ڪيرُ پيو ڪري؟ ۽ ڪهڙي مقصد لاءِ پيو ڪري؟. هاڻي به جَي سنڌ ۾ وڏو خال پيدا ڪيو پيو وڃي ته، اُ ن کي ڀرڻ جو ڪم ڪيرُ ڪندو؟ ۽ ڪهڙن نوَن ڌارين ڌاڙيلن ذريعي ڪندو…!؟. 47ع ۽ 48ع ۾ سنڌين خلاف ٿيل سازشن بعد، سنڌُ ۾ پيدا ٿيل خال ڪنهن ڀريو هو؟ ۽ ڪنهن جي ذريعي ڀريو هو!؟ ۽ ان جو نتيجو سنڌ  اڄ ڪهڙي شڪل ۾ ڏسي رهي آهي!؟  اسان جا  پنهنجا غدار ميرَ، پيرَ، جاگيردار ۽ درگاهَ ڌڻي ساڳي رياستي پاليسيءَ تي عمل ڪري سنڌُ ۾ جيڪو خال پيدا ڪري رهيا آهن، سڀاڻي ان کي ڪير ڀريندو ۽ ڪنهن جي ذريعي ڀريندو!؟ ان سوال جو جواب ايترو ڏکيو به نه هئڻ گهرجي، ان سنڌي قوم لاءِ، جنهن گذريل 65 سالن ۾ لڳاتار وڃايو آهي، سکُ جو ڪو ڏينهن ڏسڻ بنا. حيرت جي ڳالهه آهي ته، اسان سنڌ ۾ پير ڄمائي ويل ڌارين دشمنن جي مفادن لاءِ ٿيندڙ فيصلن ۽ قانون سازين کي ته ”سنڌ  ٽوڙڻ“ قرار ڏيون ٿا، پر گهوٽڪيءَ کان وٺي ٿر تائين وڌيڪ لکين ڌارين دشمنن کي آباد ڪرڻ لاءِ، سنڌين کي ئي ڀڄائڻ جي سازش کي، غير اهم به سمجهون ٿا…!!.اسان مان هر اُهو ماڻهو، طبقو ۽ قيادت،  جيڪا اهڙي سازش کي سمجهڻ کان به نابري واري بيهي ٿي، اُها يقينن، رياست جي، اُن ئي ”وفادار طبقي“ جو تسلسل آهي، جيڪو اڄ اسان کي ههڙن حالن ۾ پهچائڻ لاءِ ذميوار آهي. جَي سڀ ڪجهه ايئن ئي ٿيندو رهيو، جيئن ٿي رهيو آهي، ته پوءِ، اهو ڏينهن پري نه هئڻ گهرجي، جڏهن سنڌ ۾ رهندڙ ”مسلم سنڌي اقليت“ لاءِ به اهو نعرو لڳي رهيو هوندو:

”پاڪِستَان ڪَا مَطلب ڪِيا؟، سِنڌي سِنڌ سَي ڀَاگ جَا‘

هن ”پاڪ ملڪ“ ۾، ڪنهن به ڪمزور اقليت جي رهڻ لاءِ ڪا به گنجائش نه آهي،ڀل اهو ”هندو سنڌي“ هجي يا” مسلم سنڌي“.

asadchandio71@yahoo.com

اسد چانڊيو

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s