نيرون ڪوٽ کان جديد حيدرآباد تائين

حيدرآباد گنجي ٽڪر جي اُترين ٽڪريءَ تي واقع آهي، جيڪا ويڪرائي ڦاڪَ 25.367 (اُتر) درجا ۽ ڊگھائي ڦاڪَ 68.367 درجا (اوڀر) تي، سنڌو درياءَ جي اڀرندي ڪپَ تي واقع آهي. حيدرآباد جي پسگردائيءَ ۾ ڪيترا ئي ننڍا شهر آهن، جهڙوڪ 6.7 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ڪوٽڙي، 8.1 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ڄامشورو، 5 ڪلوميٽر جي فاصلي تي هٽڙي، ۽ 7.5 ڪلوميٽر جي فاصلي تي هُسڙي. حيدرآباد سنڌ جي وڏي ۾ وڏي شهر ڪراچيءَ کان تقريباً 160 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اتر اوڀر ۾ سامونڊي سطح کان 13 ميٽر اوچائيءَ تي واقع آهي.

حيدرآباد پهنجي بيهڪ باعث قدرتي طور تي سنڌ جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. هي شهر وچولي ۾ آهي ، مٿئين پاسي  اُتر کان سرو ته  هيٺئين طرف ڏکڻ کان لاڙ  اٿس،  هڪ پاسي ڪاڇو ۽ ڪوهستان  ته ٻئي پاسي ٿر ۽ ڪڇ جو رڻ اٿس، ان ڪري چئني طرفن جو حقييقي سنگم نظر اچي ٿو. هي  شهر جيتريقدر پهنجي فطرت ۾ توانو ۽ شاداب  رهيو آهي، ايتريقدر اُٿلن پُٿلن سان منهن مقابل ٿيندو رهيو آهي، پر هر انقلاب بعد ڪجهه وقت گزرڻ کان پوء ساڳيو شهر ڪرُ مٿي کڻي بيٺو رهيو آهي.

تاريخي پس منظر:

حيدرآباد ماضي ۾ مختلف نالن سان وجود رکندو هو.  سن 827 ق.م  ۾ يوناني سپهه سالار سڪندر اعظم  (Alexander Dumas) حيدرآباد تي يلغار ڪري ان جي چوڌاري گهيرو ڪيو، مگر علائقي جي ٻڌمتي حاڪم جنگ ڪرڻ بجاء ڪوٽ ٻاهران نڪري سڪندر اعظم جو استقبال ڪيو  ۽ سڪندر اعظم جنگ ڪرڻ بنا واپس روانو ٿي ويو، ان زماني ۾ حيدرآباد جو نالو ”پٽالا يا پٽيالا بندر “ هو.

6 صدي ۾ به حيدرآباد جو شهر ٻڌل آهي، جنهن علائقي کي تاريخ ۾  نيرون ڪوٽ سڏيو ويندو هو، راجه ڏاهر طرفان  نيرون ڪوٽ جو حاڪم  سُندر شِمني ٻُڌ بخش هو، شهر جي خوبصورتي باعث راجا ڏاهر جو پٽ جئه سنا اتي اچي آرام ڪندو هو، سن  712ع ۾ عربي لشڪر  محمد بن قاسم جي اڳواڻي ۾ سنڌ فتح ڪئي، ان وقت به اڪثريت عوام ٻُڌ مذهب سان تعلق رکندو هو.

 تاريخ جي ڪتابن   ۾ آيل آهي ته  اهو پٽالا شهر ان جاء تي هو، جتي سنڌو درياء  جي ڇوڙ  واري ٽڪنڊي جي شروعات هئي  ،  جڏهن ته  هتان ڦليلي جو وهڪرو  به موجود هو،.  غلام شاهه ڪلهوڙي کي  ان ڦليلي جي هجڻ  ڪري هتي قلعو اڏڻ جو خيال آيو. ان کان اڳ ۾ هن 1760- 62 17ع ۾  شاهپور جو بنياد رکيو هو، کيس اهو خيال هوندو هو ته راڄڌاني اُتي قائم ڪئي وڃي جتي درياهه جي ٻوڏ جا ڪارڻ گهٽ هجن. سندس ڀاءُ مرادياب خان ، مراد آباد نالي هڪ راڄڌاني جو بنياد رکيو هو، پر درياهه ان کي ٻوڙي کڻي ويو هو، سو کيس ان ڪري ڊپ ٿي پيو هو، هن سوچيو ته راڄڌاني ڪنهن محفوظ جاءِ تي هجڻ گهرجي.

خير حقيقت ڇا به هجي پر کيس لاءِ ڪوبه اهڙو موزون علائقو نه هو جتي ڪو شهر اڏجي ۽ ٻوڏ جي تباهين کان به محفوظ هجي، جڏهن ته ٻئي پاسي گنجي ٽڪر وارو علائقو هو  جيڪو  ٻوڏ کان محفوظ هو ۽ ڀرسان ئي ڦليلي به تازو وهڻ شروع ڪيو هو، (هن وقت حيدرآباد شهر جي لطيف آباد واري حصي سان لڳ گنجو ٽڪر ۡڪَر کنيو بيٺو آهي. جو سنياسين، سيارن ۽ الله وارن جو مقام هو. شاھ ڀٽائي رحه به هن کي سر کاهوڙيءَ ۾ ڏاڍو ساراهيو آهي.) هتي جڏهن راڄڌاني تعمير ڪئي پئي وئي  ته سڀ سهولتون ۽ گهرجون پوريون پئي ٿيون ،  انهي ڪري ميان غلام شاه ڪلهوڙي  نيرون جي نرڙ تي راڄڌاني اڏڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن کي نيرون ڪافري به سڏيو ويندو هو، نيرون وارو پراڻو قلعو ناس ٿي چڪو هو، ڀتيون ڊهي پٿرن جا  ڍير بڻجي ويون هيون، ڀر وارو پوٺو به پيرن وارو قبرستان بڻجي ويو هو، مسلمانن جي عقيدي مطابق اهو ماڳ ڇوٽڪارو ۽ رحمتون نازل ڪندڙ ماڳ بڻجي ويو هو. غلام شاه ڪلهوڙي هر شي کي ٻُهارائي صاف ڪرايو، نيرون جي ياد سان  وابسته ڪو به نشان نه ڇڏيائين، ۽ ان جڳهه تي بلڪل نئين سر حيدرآباد جو قلعو جوڙايائين،  قلعي جي تعمير 1768ع  ۾ شروع  ٿي، هي ڪلهوڙن جي دور حڪومت جي سڀ کان وڏي تعمير هئي،  غلام شاه ڪلهوڙو 1770ع کان قلعي ۾ رهائش پذير ٿيو، جڏهن ته سندس موت 1772ع  ۾  اڌ رنگ سبب ٿيو

1789ع  ۾ مير فتح علي خان ڪلهوڙن کي شڪست ڏئي سنڌ تي ٽالپرن جي حڪومت قائم ڪئي  جنهن به حيدرآباد کي دارالخلافه بڻايو  سندس عدالت به پڪي قلعي ۾ ئي هلندي هئي. مير فتح علي خان ٽالپر ۽ سندس ٽي ڀائر، المعروف چار يار، حيدرآباد جي معاملات کي سنڀاليندا هئا. سندن دور حڪومت گھڻو ڊگھو نه هليو.

 جلد ئي 1843ع ۾ 24 مارچ تي برطانوي قوتن کان جنگ هارائڻ بعد حيدرآباد جو شهر انگريزن جي قبضي هيٺ اچي ويو ۽ ميرن جي صاحبي اختتام تي پهتي. جيتوڻيڪ برطانوي فتح بعد سنڌ جي گاديءَ جو هند ڪراچيءَ منتقل ٿي ويو، پر حيدرآباد جون اڪثر پڪييون ۽ خوبصورت عمارتون برطانوي دور ۾ جڙيون. حيدرآباد جي ويجھو خوبصورت ۽ شاهڪار ڪوٽڙي بيراج پڻ انگريزن جي دور ۾ جڙيو. ان کان سواءِ حيدرآباد ۾ ثقافتي ۽ تعليمي سرگرمين اڃا وڌيڪ زور ورتو.

1947ع ۾  پاڪستاني بيٺڪ قائم ٿيڻ شرط ڪراچيءَ کي وفاقي گاديءَ جو هنڌ بڻائي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو ۽ سنڌ جي گاديءَ کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت ڪجھه سالَن لاءِ حيدرآباد هڪ ڀيرو وري سنڌ جي گاديءَ جو ھنڌ بڻيو هو.

1947ع کان 1960ع تائين لڳاتار اُتر کان ريل گاڏيون ۽ اولهه کان هوائي جهاز ڀرجي  بندرگاهه تي اچي پهتا، حيدرآباد جا سمورا اسڪول پناهگير ڪئمپ بڻجي چُڪا هئا، هندستان مان آيل مسلمان پناهگيرن کي اڳ ۾ خالي ٿيل هندن جي گهرن ۽ جاين ۾ رهايو ويو شهر جا گهر ۽ ڇڏيل ڪاروبار، امانت باسلامت طور پناهگيرن کي ڏنا ويا يا سرڪاري قانونن قائدن موجب ڪنهن به سنڌي کي شهر ۾ ڪا ملڪيت يا جاءِ ، بنگلو خريد ڪرڻ جي اجازت نه هئي، اُهي ملڪيتون  اڳ ئي پهنجن نون مالڪن جي اوسيئڙي منجهه بند هيون. شهر جا سمورا پاڙا جتي  هندن جي اڪثريت هئي ، اُتي هندن کان به ٻيڻ ٽيڻ تي مسلمان  اچي پهتا هئا. وڏا توڙي ننڍا گهر پناهگيرن کي الاٽ ڪيا ويا.

 1954/1955ع ڌاري  شهر جي آبادي تمام وڌي چڪي هئي ان ڪري حيدرآباد جي اولهه ڏکڻ ۾ شاهه لطيف  آباد شهر جوڙيو ويو جنهن لاٰءِ ٽالپر حاڪم گهراڻي جي هڪ فرد پهنجي هزارين ايڪڙ زمين اُنهي نيڪ مقصد لاءِ حڪومت کي سوکڙي طور ڏني. 1960ع ڌاري تائين شهر جي ڳچ حصن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي وڃي بچيا، اسڪولن، سرڪاري عمارتن، عام جاين توڙي چونڪن ۽ بورڊن تي سنڌي  ۾ لکيل  قول هٽايا ويا يا نئين رائج ٿيل ٻولي ۾ تبديل ڪيا ويا. ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي اردو ۾ پروگرام نشر ٿيڻ لڳا ۽ اسڪولن ۾ اردو ٻولي لازمي سبجيڪٽ طور پڙهائجڻ لڳي،  هندستان مان آيل مسلمان پڙهيل لکيل هجڻ ڪري آفيسر شاهي تي منصوب ڪيا ويا  انهن جي ٻولي اردو يا انگريزي هئي ، انهئ ڪري سڄي ملڪ ۾ اردو ٻولي کي قومي ٻولي طور رائج ڪيو ويو.

هوڏاهن قاسم آباد ، حيدرآباد شهر جي  آُتر_ اولهه ڪنڊ تي  ديهه ڃامشوري، ديهه سري، ۽ درياهه جي بند سان لڳ هڪ بستي َائم ڪيل آهي، سنڌي ماڻهن گُهٽ ۽ ٻوساٽ سبب اُتي کليل فضا ۾  پهنجا گهر آباد ڪرڻ لڳا . 1988ع جي اساني فسادن کان پوء سنڌي ماڻهو قاسم آباد ڏانهن جڏهن ته مهاجر لطيف آباد ڏانهن پهنجي پهنجي اڪثريتي آبادي ڏي رهڻ لڳا ۽ ايئن شهر ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو.

سچل ماڇي

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s