شهر شڪارپور

سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شهرن جو جيڪڏهن ذڪر ڪبو ته شڪارپور جي تاريخي، تعليمي ۽ سياسي عظمت ڪجهه مٿڀري نظر ايندي. ٻيا به شهر گهٽ ناهن، انهن جو ذڪر به ڪبو پر اڄ شڪارپور جي ماضيءَ سان گڏ، ماضي قريب ۽ موجوده حالتن جو جائزو وٺبو.

شڪارپور جو ماضي ته تمام شاندار رهيو آهي ان ڪري جو اڻوهين صديءَ کان شڪارپور واپار جو مرڪز هو، هنڊي جنهن کي اڄ جي دور ۾ ڊرافٽ چئون ٿا، ان جي ايجاد به هن شهر مان ٿي. عمارت سازي ۽ ڪاٺيءَ جي چٽسالي جو ڪم به هن شهر ۾ وڌيڪ هو، زير زمين پاڻي، پيئڻ لاءِ به جَرَ جو تمام سٺو هيو. استعمال ٿيل پاڻي جي نيڪال جو نظام به زير زمين هو. شهر اندر وري هڪ ٻي زير زمين لائين هئي، جيڪا باهه لڳڻ جي صورت ۾ کولي ويندي هئي، ڇاڪاڻ ته ان وقت باهه وسائڻ جي مشين شهر جي اندرين حصي ۾ ننڍيون گهٽيون هجڻ ڪري نه اچي سگهندي هئي. ڍڪ بازار هڪ عجيب منصوبو، جيڪو اڃا به آهي پر ان جي مرمت ۽ رنگ روغن نه هجڻ ڪري پراڻي ٿي وئي آهي پر اهي ساڳ جي ڪاٺيءَ جا شهيتر اڃا به موجود آهن ۽ ان تعمير ٿيل نظام ڪري بازار ۾ گرمي محسوس ڪو نه ٿيندي آهي.

علمي ادبي سڄاڻ سنگت طرفان ماضيءَ ۾ ڪجهه علم دوستن گڏجي سيمينار ڪرايا. انهن مقالن کي گڏ ڪري ٽي چار ڪتاب به ڇپرايا، اهڙي طرح سان شڪارپور جي عظمت جي ڪجهه حصن کي محفوظ ڪيو ويو آهي.

سٺ ستر جي ڏهاڪن تائين تاريخ، ثقافت، سياست ۽ تعليمي عظمت کي محفوظ ڪرڻ ۾ جن دوستن جو سهڪار هيو، انهن ۾ وڏن ۽ ننڍن گڏجي محنت ڪئي ۽ اهي ڇپيل ڪتاب ان جي شاهدي ڏئي رهيا آهن. ماضي قريب ۾ جيڪي ڪجهه اکين اڳيان گذريو، ان کي به قلم بند ڪرڻ ضروري آهي.

شڪارپور جي تاريخي عظمت پنهنجي جاءِ تي مڃيل حقيقت آهي پر سياسي ميدان ۾ الله بخش سومري جو نالو ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ تمام وڏو هو. هو عوامي ليڊر هو، طبيعت جو فقير منش، سڌو ساڌو، ايمانداري ۽ سچائيءَ جي اعليٰ ڪردار وارو ليڊر هو. ننڍي کنڊ جي غير فطري ورهاڱي، هن کي شهادت جو عظيم رتبو ڏياريو.

اهڙي طرح سان شڪارپور جي سياسي تاريخ، سياسي اصولن، تحت جيڪا عبادت ليکي ويندي هئي، اها مٽجي شخصيت پرستي جي روپ ۾ اڀري، ٻه وڏا ڌڙا جڙيا، هڪڙو سومرن جي سياست ۽ ٻيو پٺاڻن جي سياست، سومرن جي سياست شهيد الله بخش جي خاندان، سندس پٽ رحيم بخش سومري ۽ مولا بخش سومري جي قيادت ۾ ۽ پٺاڻن جي سياست آغا غلام نبي خان جي سربراهيءَ ۾ نروار ٿي. ان طرح سان انهن ٻنهي گروپن اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ، سومرا گروپ محلاتي سياست جي مالڪي ڪئي ته پٺاڻن وري عوامي سياست کي اپنايو.مولا بخش سومري صاحب ساعت سراءِ سومرا نالي سان بنگلو ٺهرايو، هن نَوَ رتن شهر جي مشهور ذاتين منجهان چڱا مڙس چونڊي، انهن جي معرفت سياست هلائي ۽ ٻئي پاسي آغا غلام نبي خان، هڪ عوامي ليڊر جي حيثيت ۾ سڌي طرح سان عوامي سياست ڪئي، جيڪا هن جي شخصيت سان واڳيل رهي ۽ هن کان پوءِ شڪارپور وارن کان اها شخصيت ائين گم ٿي وئي جو ڄڻ هئي ئي ڪو نه. اهو ان ڪري جو هن جي پنهنجي راڄ جنهن جو وڏو حصو سلطان ڪوٽ ۾ رهندو هو ۽ اهي سڀ خان ئي ٿي رهيا، ان ڪري آغا غلام نبي، هڪ وڏي ڪردار ۽ عظمت جو مالڪ اسان کان گم ٿي ويو. ڪاش هن جا پونئير تعاون ڪن ته هن شخصيت کي تاريخ جي ورقن مان ڳولهي ڪتابي صورت ۾ آڻجي ته ڏاڍو چڱو ٿي پوندو. سومرن جي خاندان منجهان، حاجي مولا بخش سان گڏ، هن جا نَوَ رتن به موڪلائي ويا. هاڻي وڃي جناب الاهي بخش سومرو صاحب سياست ۾ رهيو آهي، جيڪو به عمر جي تقاضا ڪري پنهنجي روايتي اخلاق ۽ خلوص سان هلندو پيو اچي.

اچانڪ سنڌ جي سياسي آسمان تي پيپلز پارٽي اڀري آئي. جناب ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي سياست تي نمودار ٿيو. فوجي ڊڪٽيٽر سان اختلاف ڪندي بغاوت ڪري. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪري ٿو ۽ ان جو پهريون جلسو به شڪارپور کان شروع ٿئي ٿو هو. جڏهن اقتدار ۾ هيو ته هر شهر ۾ کيس جيءَ ۾ جايون ڏيڻ وارا منتظر هوندا هئا. خاص طور تي حيدرآباد ۾، پر جڏهن اقتدار کان الڳ ٿيو ته ڪو به سندس ميزبان ٿيڻ لاءِ تيار نه هو.

اهو 65-66 جو زمانو هو، ذوالفقار علي ڀٽي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ٺاهي، جڏهن جلسو ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو ته ڪنهن به لالچي ۽ مفاد پرست ٽولي منجهان ساڻس ساٿ نه ڏنو.

شڪارپور شهر جي جن باشعور ۽ وفادار دوستن، سيني تي هٿ هڻي ڀٽي صاحب کي ڪوٺ ڏني. اهي هيا قاضي عبدالقادر، محمد نصير لوڌي، خير محمد سيٺار، سيد غلام حسين شاهه بخاري، لطيف خان پٺاڻ ۽ جنهن سڀني کان وڏي قرباني ڏني، اهو هيو لالا شيدو خان پٺاڻ، سرڪاري ملازم ٿي ڪري به هن پنهنجو پلاٽ، جنهن تي والي بال راند ٿيندي هئي، اهو پيش ڪيائين. ان پلاٽ تي اهي سڀ ڀٽي صاحب جا شيدائي ۽ ڪاليج جا شاگرد جن ۾ راقم به هيو. گڏ ٿيا هئا ۽ ان طرح سان پهريون جلسو، ايوب شاهيءَ جي خلا ف شڪارپور ۾ ٿيو هو.

غلام حسين شاهه بخاري، خانپور جو سيد هو ۽ اهو پڻ استاد هيو، ان لاءِ مشهور آهي ته جڏهن ڀٽو صاحب جيل ۾ هيو ته شاهه صاحب پنهنجي رت مان قلم ٻوڙي خط لکيو هوس. ان طرح سان شيدو خان به استاد هو جنهن تي سرڪاري طرح سان ڏمر ڪيو ويو هو. قاضي عبدالقادر، وڪالت جي پيشي سان وابسته هو ان ڪري ان تي ڪو قدم نه کڄيو، بعد ۾ جڏهن تحريڪ هلي ته ان به جيل ياترا جون سختيون ڏٺيون.

خير محمد سيٺار شاگردن ۾ گهڻو مقبول هيو، ڇاڪاڻ ته ان وقت هن پرائيوٽ ٽيوشن سينٽر کوليو هو ۽ اتي شاگردن کي گهٽ فيءَ سان ٽيوشن ڏيندو هو. بعد ۾ شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جڏهن سياسي ڪارنر گڏجاڻيون رٿيون ويون ته انهن ۾ سيٺار صاحب چڱو پاڻ ملهايو. الائي ڇا ٿيو جو اچانڪ خير محمد سيٺار به شڪارپور مان گم ٿي ويو. هڪڙي ڏينهن اوچتو لالو کيت ڪراچيءَ ۾ نگينه سنيما جي سامهون هوٽل تي ويٺل نظر آيو هو ۽ ساڻس هڪ ناري به گڏ ويٺل هئي، مان اتان لانگهائو ٿيس ۽ يڪدم الائي ڇو، سٽ آئي ته مان وڃي ساڻس ملڻ جي ڪئي. هو جلدي اٿي آيو ۽ مليو پر ڪجهه پريشان ٿي ويو. پوءِ معلوم ٿيو ته هو به ڪيوپڊ جي تير جو شڪار ٿيو هو ۽ انکان پوءِ وري ڪٿي به سندس ڪا خبر چار ڪا نه پئي. شڪارپور، پيپلز پارٽيءَ جو هڪ مضبوط قلعو ثابت ٿيو. گهڻا نالا هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن منجهان، ذاتين ۽ قبيلن منجهان، ڀٽا برادري سموري، ميمڻ، قاضي، مگسي، مطلب ته هر ماڻهوءَ جي زبان تي ”جيئي ڀٽو“ اچي ويو.

جناب آفتاب شعبان ميراڻي، قاضي حفيظ الرحمان، لالا لياقت، نور نبي مگسي، جنيد سومرو، گرلداس، نعمت الله ڀٽو، ضياءُ الدين اوستو ۽ انهن جا ساٿي، لسٽ تمام وڏي ٿي ويندي، پر مٿيان نالا مهندار ۽ مشهور عهديدار، ميمبر ۽ ورڪر رهيا. سومرا لابي منجهان به ڪجهه ماڻهو، وفاداري مٽائي اچي پ پ ۾ شامل ٿيا.

آغا غلام نبي کان پوءِ پارٽيءَ جون واڳون سندس پٽ آغا طارق سنڀاليون، جيڪو اليڪشن جي ڏينهن ۾ عوامي خدمتگار ٿي ويندو هو ۽ اليڪشن کٽڻ کان پوءِ وري گم ٿي ويندو هو ۽ فقط رات جو نظر ايندو هو سو به چند خاص ماڻهن کي رات جي وقت سلطان ڪوٽ وڃڻ ائين خطرناڪ هوندو هو، جيئن اڄ ڪلهه ڳڙهي ياسين وڃڻ مشڪل آهي.

آفتاب ميراڻي صاحب جو اٿڻ ويهڻ، ارسٽو ڪريٽ جيان رهيو آهي، سفيد پوش، پڙهيل لکيل ۽ عوامي ماڻهو هجڻ جي وڏي دعويٰ ڪندڙ خاموش طبع ۽ گهٽ ڳالهائڻ وارو، منهنجي والد صاحب پير بخش مرحوم جو دوست هو. جڏهن به ملندو هو. گهڻو ڪري ايئرپورٽ تي ته مون کي والد صاحب لاءِ سلام ضرور ڏيندو هو. هڪڙي دفعي فرمائش ڪيائين ته والد صاحب سان ملاقات ڪراءِ، ٻئي دفعي جڏهن شڪارپور آيو، سڄو ڏينهن ڳولها ڪيم پر آخري وري به ايئرپورٽ تي لڌو ۽ مان به والد صاحب کي اتي وٺي آيس ۽ بيٺي بيٺي، پنج منٽ ملاقات جو شرف بخشيائون ۽ وري بس. دوستيءَ جو ايترو اونو هوندو هئس، منهنجي به عمر سٺ سالن کان مٿي ٿي وئي آهي پر ياد ناهي ته ڪڏهن ميراڻي صاحب جي بنگلي تي چانهه پيئڻ جو ڪو اتفاق ٿيو هجي، جڏهن به جاچ ڪر ته ميراڻي صاحب ڪراچي ۾ يا اسلام آباد، شڪارپور تڏهن ايندو جڏهن بينظير صاحب لاڙڪاڻي ايندي هئي. صبح جو ستين وڳي اٿي نئون ديرو روانو ٿيندو ۽ واپسي وري رات جو هڪ وڳي کان اڳ ۾ نه هوندي. هڪڙي ڏينهن ڪي سائل انتظار ڪندا رهيا. هي صاحب هڪ وڳي پهتو ته گاڏيءَ مان لهڻ سان سڌو بنگلي ۾ اندر هليو ويو، نوڪر هٿ چوائي موڪليائين ته صاحب ٿڪجي پيو آ، ڄڻ سڄو ڏينهن رانڌڻ جو ڪم سائينءَ جي حوالي هو. جڏهن به بينظير صاحبه، شڪارپور جي دوري تي آئي ته سموري شهر جي دوري دوران، گاڏيءَ ۾ وچين دريءَ جي هڪ پائيدان تي آغار طارق ته ٻئي تي ميراڻي صاحب، ايڏو سندن قربانيءَ جو جوش ۽ جذبو. ليڊر مٿان سِرُ به قربان. ايڏي عقيدت جو پارٽي ۽ ان جي چيئرپرسن جي فرمانن، جيڪي عوامي ڀلائيءَ بابت هجن. انهن جي ويجهو به نه ويا متان ڪا برابري سر زد نه ٿي وڃي ۽ اها وڌي گستاخيءَ ۾ شمار ٿئي. ان ڪري سائين جن قلم به کڻڻ ڇڏي ڏنو، ته متان ڪنهن سائل جي درخواست تي نوٽ هڻڻو پوي ۽ اها خبر بي بي شهيد کي پوي ۽ ناراض نه ٿئي.

عوام جو ڪم، اصل نه ڪبو، ٿاڻي جي ڪم لاءِ ڪو آيو ته ميراڻي صاحب ناراض، چي بابا، ان مخلوق سان، مان هٿ نه اٽڪائيندس آخر عهدي تان لهڻو به ته آهي، پوءِ کيس ڪير بچائيندو انهن کان. ڄڻ سائين جا سڄو ڏينهن ڏوهارين سان واسطا ۽ وڻج هجن. باقي هڪڙي دفعي، هڪڙو ايماندار ايس پي صاحب آيو ۽ هن ڏنڊو ڦيرايو ته سائين ڪاوڙجي پيو. اهو چئي، هن کي بدلي ڪرائي ڇڏيائين ته، آخر ڏوهاري، چور چڪار به ته منهنجا ووٽر آهن نه، انهن کي تنگ ڪرڻ، ڪهڙو چڱو ڪم آهي، پوءِ اڳتي مون کي ڪير ووٽ ڏيندو ۽ ڏياريندو.

ميراڻي صاحب جا آفيسر شاهي سان وڏا تعلقات آهن. ڌرتي تي ۽ آسمان تي پڻ، حضرت عزرائيل سان به سلام دعا اٿس. شڪارپور ۾ حضرت عزرائيل جڏهن به ڪا ڪارروائي ڪندو ته ان جي ڪاپي ميراڻي صاحب ڏي ضرور موڪليندو هو. اها خبر ائين پئي ته جڏهن به ڪو ماڻهو مري ته ميراڻي صاحب سڀني کان اڳ ۾ انهن جي تڏي تي همدردي خاطر پهچي ويندو آهي. همدردي ان کي چئبو آهي، باقي ڪم ڪرڻ مهل صفا ٺپ جواب، شڪارپور ۾ ڪو ڪم لاءِ ويندس ته چوندو بابا ڪراچيءَ اچو نه، ڪراچيءَ ڪو پهچي ويو ته چوندس، بابا اهو ڪم اسلام آباد ۾ ٿيندو. ڪنهن سائل هڪ دفعي اسلام آباد، سندس رهائشي لاج تي پهچي درجي گهنٽي وڄايائين، ته ميراڻي صاحب در کولي چيس ته بابا، هي ڪو ٽائيم آ اچڻ جو پهريائين فون تي ٽائيم وٺبو آ ۽ پوءِ اچبو آ. هاڻي مون کي چشمو به ڪونهي مان سڃاڻان به ڪو نه ٿو سبحاڻي صبح جو اچجو. سائل صبح جو اچي پهتو، اندران جواب آيو ته سائين صبح ستين واري جهاز ۾ ڪراچي هليو ويو، اتي هڪ اهم ميٽنگ ۾ مدعو هيو، انهيءَ کي چئبو آ عوامي خدمت، باقي جڏهن اليڪشن اچي وئي ته ورڪ لاءِ سائين ڏاڍو وقت جو پابند، سڀني کان اڳ ۾ پهچي ويندو، چي، بابا ورڪ ائين ٿيندي آهي.

سائينءَ جي سخاوت جو يا ڪم ڪرڻ جو هڪ اهڙو رپورٽيڊ ڪيس آ جيڪو صدين تائين ياد رکيو ويندو، هڪڙو سندس خدمتگار هو. ان کي سي ايم هائوس ۾ پروٽوڪول ڊپارٽمينٽ ۾ عارضي نوڪري وٺي ڏنائين. پاڻ سائين جڏهن هلي پيو ته ان ويچاري کي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيائون.

ٻه مثال ٻيا به آهن، هڪڙي سائل کي 19 گريڊ مان ٻئي کي 18 گريڊ مان ڪڍائي 17، گريڊ جون نوڪريون وٺي ڏنائين. ڇا ياد ڪندا، جڏهن اهي ٻئي ان کاتي ۾ ويا ته اهو کاتو ئي بند ٿي ويو. اها آ سخاوت ۽ دور انديشي ليڊر جي.

جڏهن به اليڪشن اچي ته ميراڻي صاحب ٽڪيٽون ورهائيندو. سندس ورهائڻ جي ناقص عمل جي ڪري ويڙهاند ٿي ويندي، اڳ ٽڪيٽ پاڻ کي ڏيندو. باقي پيا ٻيا همراهه وڙهن ۽ رنجشون پيون اڀرن.

شڪارپور شهر جا چند سياسي ماڻهو، ميراڻي صاحب جي غلط فيصلن ڪري پارٽي ڇڏيندا ويا، هڪڙي شهر جي مشهور معزز ۽ عوامي ماڻهوءَ کي پارٽي ۾ آڻي، کيس ٽڪيٽ نه ڏنائين. هو به هيو جذباتي، سو بغاوت ڪري پارٽي ڇڏي ويو.

اهڙي طرح سان راوي لکن ٿا ته شڪارپور شهر پيپلز پارٽيءَ جو مضبوط قلعو ۽ مرڪز هيو. ميراڻي صاحب جي غلط فيصلن ۽ غلط ٽڪيٽن ورهائڻ ڪري ڌڙا بندي جو شڪار ٿي ويو ۽ پارٽيءَ جي ساک خراب ٿي وئي.

جناب آصف زرداري صاحب جي سياسي بصيرت کي سلام آ، جو هن کي اها ڄاڻ پئجي وئي ته ميراڻي صاحب پارٽيءَ سان وفادار گهٽ ۽ شخصي گروهه بندي جو خالق وڌيڪ آهي، ان ڪري کيس ٻاهرين ٻني تي وهاري ڇڏيائين. اهو سچ تڏهن ثابت ٿيندو جڏهن ڪا پارٽي ڪنوينشن ڪوٺائي ويندي، شڪارپور ضلعي اندر ته پوءِ سمورا سچ ظاهر ٿيندا.

ڊاڪٽر بدر اڄڻ

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s