سنڌو سڀيتا 5 هزار سال پراڻي آهي

هندستان ۾ ٿيل هڪ تازي تحقيق ۽ موجوده پاڪ-هند جي قديم آثارن جي کوٽائي مان نڪتل شين ۽ مورتين جي جديد سائنسي جائزي کان پوءِ اها ڳالهه ثابت ٿي وئي آهي ته سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب وڌيڪ 2 هزار سال پراڻي آهي. جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿي وئي آهي ته سنڌو سڀيتا مصر ۽ بائيبل تهذيبن کان به تمام گهڻي پراڻي آهي. ان جو مطلب اهو به آهي ته سنڌ جي تهذيب جو بنياد حضرت عيسيٰ جي آمد کان 6 هزار سال اڳ موجود هو، جنهن مان هاڻ اهو نظريو مضبوط ٿيو آهي ته سنڌو درياهه جي ڀرپاسي ۾ 3750 قبل مسيح ۾ آباديون موجود هيون. ان کان اڳ ۾ هڙاپه ۽ موهن جو دڙو جي کوٽائي ۽ مورتين ۽ لڌل ٻئي سامان جي تجزئي جي بنياد تي اهو چيو ۽ سمجهيو پئي ويو ته سنڌوءَ جي تهذيب مصر ۽ ميسو پوٽين تهذيبن جي هم عمر آهي، پر هاڻ سنڌ جي تهذيب انهن ٻنهي تهذيب کان تمام گهڻي آڳاٽي ثابت ٿي آهي.

هن نئين تحقيق جو اعلان تازو هندستان جي شهر چندي ڳڙهه ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا کاتي طرفان منعقد ڪيل هڙاپه جي قديم آثارن تي عالمي ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو. آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي جوائنٽ ڊائريڪٽر جنرل بي آرماني ۽ اڳوڻي جوائنٽ ڊائريڪٽر جنرل ڪي اين ڊڪشٽ اها کوجنا ڪئي آهي ۽ هنن هن ڪانفرنس ۾ ان باري ۾ بريفنگ پڻ ڏني. هنن ڪانفرنس کي ٻڌايو ته پاڪ-هند ننڍي کنڊ جي قديم آثارن جي جائزي جي ابتدائي نتيجن مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته هندستاني (انڊين، تهذيب اٺين هزارين سال قبل مسيح ۾ گهکر هاڪڙو ۽ بلوچستان جي علائقن ۾ قائم ٿي، هنن اهو به چيو ته ڀرانه (هريانه) جي آثارن جي ريڊيو ميٽرڪ تاريخن جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو ته هڙاپه خطي ۾ ثقافتي آثارن جو واسطو 7380 قبل مسيح کان 6201 قبل مسيح سان آهي. هنن چيو ته هنن اهو نتيجو پاڪستان جي ٻين آثارن ۽ هندستان ۾ موجود ڀرانه، ڪنال، رکي ڳڙهه ۽ برور جي جائزي کان پوءِ ڪڍيو آهي.

هندستاني ماهرن جي هن جائزي تي ان ثقافت کي هندستاني قرار ڏيڻ تي مختلف ماهرن ۽ ادارن تنقيد ڪئي آهي پر ان ڳالهه کي ڪنهن به چئلينج ناهي ڪيو ته سنڌو سڀيتا جي قدامت واري دعويٰ ڪا غلط آهي، پاڻ ان نظريي جي حمايت ۾ دليل ڏنا ويا آهن. ڪجهه ماهرن ان کي هندو يا مسلمان تهذيب قرار ڏيڻ کي به رد ڪيو آهي.

هڪ ماهر پنهنجي تبصري ۾ چيو آهي ته هندستان جي ماهرن ان تهذيب کي موجوده هندستان ۽ هندو مذهب سان سلهاڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪو غلط آهي، اهي آثار اڄ جي پاڪستان ۾ موجود آهن. ان ماهر اهو به چيو آهي ته 7 هزار سال قبل مسيح کان 2500 قبل مسيح سان واسطو رکندڙ ٻه ٻيا علائقا هاڻوڪي بلوچستان ۾ آهن ۽ انهن مان هڪ ڪچي پلين ۾ واقع آهي، جتي ڪڻڪ ۽ جَوَن جي پوکي ۽ چوپائي مال، رڍن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ ڌارڻ جا ثبوت موجود آهن. جڏهن ته سنڌو درياهه جي اولهه ۾ ڪوئيٽا، قلات ۽ سبي وچ ۾ مهر ڳڙهه جا آثار موجود آهن. انهن آثارن جو پتو 1974ع ۾ پيو ۽ فرانسيسي آرڪيالاجسٽ جين فزانڪوئس جارج جي اڳواڻي ۾ ماهرن جي ٽيم لاڳيتو 1974ع کان 1986ع تائين ۽ پوءِ 1997 کان 2000ع تائين کوٽائي ڪئي وئي. اهي آثار به سنڌو سڀيتا جي قدامت جو ٻڌائين ٿا.

هڪ ٻئي ماهر پنهنجي تبصري ۾ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ۾ مذهب تي روشني وڌي آهي. سندس چوڻ آهي ته سنڌو سڀيتا جي ماڻهن جي ٻولي ۽ مذهب تان اڃا تائين پردو کڄي نه سگهيو آهي. سنڌو ماٿري جو مذهب ۽ ثقافت هندو آرين جي ثقافت ۽ مذهب کان مختلف هو پر يقينن اهو نه ته هندو هو ۽ نه ئي مسلم هو ڇاڪاڻ ته هي تهذيب اسلام کان گهڻي آڳاٽي آهي. ويدڪ هندو ادب کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، رگويد اوائلي ويدڪ هندو ادب ۽ اٽزاواويدر برهما، آرينڪس ۽ اپنشد ان کان پوءِ جي ويدڪ ادب تي ٻڌل آهي. اهو محفوظ ثقافتي واڌ ويجهه جو به ثبوت آهي، جنهن جي سڃاڻپ سنسڪرت، سماجي نظام، جانورن جي قربانين ۽ لاش دفنائڻ وارن طريقن کي استعمال ڪري سگهجي ٿي. آرڪيالاجيڪل ثبوتن مان اها ڳالهه چڱيءَ ريت ثابت ٿي وڃي ٿي ته ويدن جي ادب تي ٻڌل ثقافتي روايتون پوسٽ انڊس ويلي سولائيزيشن سان بهتر نموني سڃاڻي سگهجن ٿيون.

سنڌو سڀيتا جون خاصيتون ۽ ويدڪ روايتن ۾ فرق بيان ڪند چيو ويو آهي ته سنڌو سڀيتا جا ثقافتي اهڃاڻ 7000 سال قبل مسيح کان 1300 سال قبل مسيح تائين ملن ٿا. ان جي ابتڙ تاريخدانن کي ويدڪ ريتن رسمن جي جوڙ جڪ 1500 سال قبل مسيح کان 600 سال قبل مسيح تائين ملي آهي. سنڌو سڀيتا جي ثقافت سنڌو ماٿري، گهکر-هاڪڙا ۽ دو آب ۾ ملي آهي پر ان جو وچ ۽ هيٺين گنگا خطي ۾ نالو نشان به ناهي مليو، جيڪو اڀرندي ۽ وچ هندستان تي ٻڌل آهي. ان جي ابتڙ ويدڪ ثقافت کان ٻاهريون روايتون سڄي پاڪستان ۽ ابتڙ ويدڪ ثقافت کان ٻاهريون روايتون سڄي پاڪستان ۽ اترئين هندستان ۾ پکڙيل آهن. سنڌو ماٿري سڀيتا جي روايتن جو زوال 2000 سال قبل مسيح ۾ شروع ٿيو ۽ ان جا ڪجهه آثار 1300 سال قبل مسيح ۾ به ملن ٿا، پرويدڪ روايتن اوائلي تاريخي دور ۾ ترقي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ رياست تي ٻڌل شهري تهذيبي دور جي صورت اختيار ڪئي. ويدڪ ثقافتي روايتون سرداري نظام تي ٻڌل هيون، هنن به سنڌو سڀيتا کان پوءِ جي ثقافتي دور جيان چانورن، گهوڙن ۽ لوهه جو استعمال ڪيو پر انهن ۽ سنڌو سڀيتا وچ ۾ وڏو فرق وڏن شهرن، ٽائون پلاننگ ۽ ڊرينيج، مانو منٽل آرٽ ۽ پڪين سِرُن جي استعمال، جدت، سامونڊي واپار، مهرن (ٺپن) جي استعمال توراڙن، وزن ۽ لکت ۽ مردن کي قبرستانن ۾ دفنائڻ جي رسم جو هو.

سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب مان آتش پرستن جا باهه جي پوڄا جا هنڌ، پالتو جانورن جون قربان گاهون، هڙاپا دور جون مليون آهن. ماٿري جي ماڻهن پوءِ هندو مذهب اختيار ڪيو، ان کان پوءِ ٻڌ ڌرم ۾ ويا ۽ آخر ۾ هنن اسلام قبول ڪيو ۽ هاڻ هو مسلمان آهن. آخرڪار هي اهي ئي ساڳيا ماڻهو آهن، جيڪي هتي هزارين سالن کان آباد آهن. ائين برابر آهي، ته ڪجهه ماڻهن جو ڳانڍاپو عربن، ايرانين، ترڪن ۽ وچ ايشيا جي ماڻهن سان آهي پر ماڻهن جي تمام گهڻي اڪثريت هن ڌرتيءَ جي اصل رهواسين جي آهي.

هڪ ٻئي ليکڪ جو سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي قدامت بابت چوڻ آهي ته 1900 سال قبل مسيح کان پوءِ ميسو پوٽامين لکڻين ۾ ميلو هار هڙاپه جي ماڻهن يا علائقي جي قديم نالي جو ڪو به حوالو موجود نه آهي ۽ ان دور کان پوءِ ميسو پوٽاما مان سنڌو جا ٺپا به نه مليا آهن. انهن جي واپار جي خاتمي جو ڪهڙو به سبب هجي درياهه جو رخ مٽائڻ، سوڪهڙو، آرين جي ڪاهه، وبائون. زلزلا يا ٻيو ڪجهه پر حقيقت اها آهي ته سندن شهر ٻئي هزاري سال قبل مسيح ۾ ختم ٿي چڪا هئا، پر هڙاپه ۽ ٻين علائقن ۾ پوءِ به سالن تائين ماڻهو آباد رهيا. ٿي سگهي ٿو هڙاپه ۽ موهن جو دڙو جا شهر وڏا ٿيڻ کان پوءِ هو ننڍيون آباديون ٺاهي وڃي رهيا هجن. ان وقت جا واپاري روٽ به مختلف شين لاءِ مخصوص هئا، هاڻوڪي بلوچستان ۽ اتر افغانستان وسيلي ڪاپر، ٽن ۽ سنگ مرمر لاجواب پٿر جو ۽ مڪران ۽ ڏاکڻي ساحل وسيلي ڊيڪوريشن جو سامان، درياهه وسيلي ڪاٺ ۽ سون جو واپار، وچ ايشيا سان ٿيندو هو. هڙاپا جا ماهر ڪاريگر ان ڪچي سامان کي ڪاريگريءَ سان خوبصورت فني شاهڪارن ۾ تبديل ڪندا هئا ۽ انهن جو واپار خشڪي ۽ سمنڊ وسيلي ميسو پوٽاما، فارس ۽ وچ ايشيا سان ٿيندو هو، ڏاکڻيون رياستون ان وقت به موجوده ڪراچي جيان سامونڊي واپار تي حاوي هيون ۽ سامونڊي ٻيڙا موجوده ڪراچي ويجهو قائم بندرگاهه لوٿل مان لنگر کڻي بابيلون ويندا هئا. سنڌو سڀيتا جون مهرون ۽ ٺپا اومان، ابوظهبي ۽ بحرين مان به مليا آهن. موجوده پشاور شهر هڙاپه دور جي واپاري روٽ تي واقع آهي. ڪوهاٽ ۽ بنون شهر به ان روٽ تي آهن. اهو روٽ ڪوهه سليمان کان ٿيندو، رحمان ڍيري تائين وڃي ٿو. هندو آريائي ثقافت سنڌو سڀيتا کان مختلف هئي جيڪا نه ته هندو هئي ۽ نه مسلمان. سنڌو سڀيتا اڪثر سنڌو ماٿريءَ تائين محدود هئي پر سڀيتا جي زوال وقت ان جا ڪجهه حصا سنڌو سڀيتا کان ٻاهر به هليا ويا. ان ڳالهه لاءِ اڃا به وڌيڪ کوجنا جي ضرورت آهي.

جاويد بوزدا

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s