ننڍي کنڊ ۾ واپار لاء جنگيوڻ ۽ سنڌ

هيءَ رپورٽ ڊچ واپارين ”ڊبليو، اي براهي“ ۽ ”اين ايس موج“ جي گڏيل محنت جو نتيجو آهي. 8 مئي 1756ع تي ڊچن جو ”هيٽ پارگيڱ“ نالي هڪ جهاز واپاري مقصد سان سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي هڪ بندر تي پهتو هو، جنهن کي ڊچ ۽ ٻيا يورپي ”ديول سنڌ“ جي نالي سان سڏيندا هئا. واپاري ڳالهين جو اهم معلوماتي حصو هيٺ ڏجي ٿو.

* سنڌ ۾ گهرايون ويندڙ ۽ هتان ڏور ڏيساور موڪليو ويندڙ تجارتي مال، گهرايو ويندڙ مال جو تعداد، ان جون قيمتون ۽ انهن ملڪن جي نالن جي فهرست، جن ڏانهن سنڌ جو تجارتي مال موڪليو ويندو آهي.

* سنڌ جون اقتصادي حالتون ۽ هتان جي قانون جي حڪمرانيءَ ۽ امن امان جي صورتحال.

* سنڌ جي تجارت تي ڊچن، پورچوگيزن ۽ انگريزن جو پاڻ ۾ ويرُ، باقي ٻين ٻن قومن جي دشمنيءَ ڪري ڊچن لاءِ پيدا ٿيل ڏکيائيون ۽ ڏچا.

* مقامي حڪمرانن جو ڌارين واپارين سان رويو ۽ انهن کي راضي رکڻ لاءِ اختيار ڪيل طريقا.

* ڪسٽم محصول اوڳاڙڻ جي ڏس ۾ سنڌ جي سرڪاري عملدارن جا اختيار ۽ بندر تي مقرر ڪيل مختلف گورنر.

*تور ۽ ماپ

* سترهين ۽ ارڙهين صديءَ دوران سنڌ جي تاريخي جاگرافي.

* تجارت لاءِ پرواني جو ملڻ، واپاري ڪوٺيءَ جو قيام۽ محصول جي معافي، واپارين، بندرن جي گورنرن ۽ ڀلا وڻن جا نالا.

* هتان جون رسمون ۽ رواج

هن تعارف جو مقصد اهو آهي ته جيئن مٿي بيان ڪيل فهرست ۾ موجود هر موضوع تي مختصر طريقي سان ڳالهائجي. مختلف ڌارين ڌرين ۾ موجود تجارتي دشمني ۽ متعصب جي ڇنڊ ڇاڻ ڪجي. اهي ڌريون پاڻ ۾ ڪهڙي طريقي سان نبريون هيون ۽ ڪهڙا نتيجا نڪتا هئا. تنهن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي وئي آهي، ان کان سواءِ هتي تجارتي شين ۽ انهن جي استعمال جي ضرورت تي پڻ مختصر راءِ جو اظهار ڪيو ويو آهي.

پور چوگيزن جو سنڌ ۾ اچڻ

پندرهين صديءَ ۾ يورپ اندر وينس هڪ اهم تجارتي مرڪز بڻجي چڪو هو، جيڪو انهيءَ زماني ۾ مشرق جون تجارتي شيون ۽ گرم مصالحا هندستان، ڏکڻ اوڀر ايشيا، جاوا ۽ چين کان گهرائيندو هو، وينس کي اهو تجارتي مال عرب واپاري پڄائيندا هئا. پندرهينءَ صديءَ ۾ ترڪ خليفن شام، عربستان، عراق ۽ مصر تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ هن تجارتي رستي کي ختم ڪري ڇڏيو هئائون.

يورپي واپاري مشرق جي واپاري مال لاءِ هڪ ٻئي رستي جي ڳولا ۾ هئا. ڇاڪاڻ ته ترڪن پنهنجي  سرحدن مان لنگهندڙ انهيءَ تجارتي مال تي ڳاٽي ٽوڙ محصول مڙهي ڇڏيو هو. پورچو گيز، يورپ جي اها پهرين قوم هئا، جنهن 1498ع ۾ هندستان ڏانهن ويندڙ ڪيپ آف گڊ هوپ وارو تجارتي رستو دريافت ڪري ورتو هو. هنن جلد ئي هندستان جي سامونڊي ڪناري وارن اهم بندرن تي پنهنجون واپاري ڪوٺيون قائم ڪري ورتيون هيون ۽ هتان جو سامان يورپ ڏانهن موڪلڻ لڳا، ڇاڪاڻ ته تنهن زماني ۾ هي يورپ جي هڪ شاهوڪار قوم قوم هئي. يورپ جون ٻيون قومون سندن دولتمنديءَ کي ڏسي ساڙ ۾ پيون سڙنديون هيون، پورچوگيز قومون سندن دولتمنديءَ کي ڏسي ساڙ ۾ پيون سڙنديون هيون. پورچوگيز انهن کي مشرق جي تجارت جي ويجهو اوڏو وڃڻ ئي ڪو نه ڏيندا هئا. ڇاڪاڻ ته تن ڏينهن ۾ هنن وٽ نهايت طاقتور سامونڊي فوج هوندي هئي. اهو ئي ڪارڻ هو جو هندستان، ڏکڻ، اوڀر ايشيا، چين ۽ فلپائين جي تجارت تي سندن مڪمل قبضو هو.

پورچوگيزن 1570ع ڌاري لاهري بندر تي به پنهنجي واپاري ڪوٺي قائم ڪئي هئي، پر پتو ڪو نه آهي ته انهن سنڌ جي حڪمران سمي سلطان کان اهڙي اجازت ورتي هئي يا نه، ساڳيءَ ريت هنن هندستان جي الهندي سامونڊي ڪناري ۽ ساري ڏکڻ، اوڀر ايشيا جي سامونڊي ڪناري وارن بندرن تي پنهنجون تجارتي ڪوٺيون قائم ڪري ورتيون هيون. سورهين صديءَ ساري ۽ سترهين صديءَ جي پهرئين اڌ تائين پورچوگيزن جي رات هئي. ڪير سندن وار به ونگو ڪري ڪو نه سگهندو هو. انهيءَ زماني ۾ هندي سمنڊ کي پورچوگيز، سمنڊ ڪري سڏيو ويندو هو ۽ هن سمنڊ جي اڇي ڪاري جا مالڪ اهي يورپي ماڻهو هئا. سنڌ جي تجارت جو وڏو حصو سندن ور چڙهي ويو هو. هي ماڻهو ٻاهران به مال گهرائيندا هئا ۽ سنڌ جي واپار تي سندن هڪ هٽي قائم ٿي وئي هئي.

1.هنن اهم بندرن ۽ شهرن تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ مقامي حڪومتن کي عهدنامن تي صحيحون ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو هئائون ته کين واپاري ڪوٺين کولڻ جي اجازت ڏني وڃي. کين تمام گهڻيون رعايتون بلڪل کين تجارتي هڪ هٽيءَ جي اجازت ڏني وڃي.

2. مختلف بندرگاهن تي پنهنجن قلعن اڏڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب ويا. جيڪڏهن ڪي ٻيون ڌريون واپار ڪرڻ جا جتن ڪنديون هيون ته انهن جي ٻيڙين کي بمن سان تباهه ڪري ڇڏيندا هئا.

3. هو سامونڊي ڌاڙيلن جيان کلئي سمنڊ ۾ ٻين قومن جي ٻيڙين کي ڦري لٽي ناس ڪري ڇڏيندا هئا. ڪڏهن ته انهن جي ٻيڙين کي ساڙي ناس ڪرڻ کان به ڪو نه مڙندا هئا. جيڪڏهن ٻيو ڪجهه نه ڪندا هئا ته کانئن زوري محصول اوڳاڙي وٺندا هئا.

4. ڏيهي واپاري يا ڏور ڏيساور تجارتي مال کڻي ويندڙ وڻجارا هنن پورچوگيزن جا ڀلاوڻا ٿي ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا هئا ۽ انهن جو مال خريد ڪرڻ ۽ وڪڻڻ لاءِ پابند ٿي ويا هئا. ڇاڪاڻ ته هو سمنڊ ۾ پنهنجي هلائيندا هئا، پر ڌرتيءَ ڌڻي ڪو نه هئا.

5. جنهن به ٻيڙيءَ يا جهاز تي قبضو ڪري وٺندا هئا ته انهن جي ٻيڙائتن تي دهشت پکيڙيندا هئا ته جيئن هو، پورچوگيز دشمن ڌرين جو تجارتي سامان نه نين ۽ نه آڻين.

6. هندستان جي ٻن راجائن ۾ جنگ دوران سڻڀيءَ ۽ سگهاريءَ ڌر جي مدد ڪندا هئا.

7. سامونڊي تجارتي رستن جا نقشا ٻين يورپي قومن کان ڳجها رکندا هئا.

8. عرب واپارين کي هندي ۽ آفريڪي سمنڊ ۽ ايراني نار ۽ ان جي اوسي پاسي اچڻ وڃن ڪو نه ڏيندا هئا.

اهڙيءَ ريت هندستان جي سامونڊي ڪناري، ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ انڊونيشيا جا سڀئي سامونڊي بندر پورچوگيزن جي هٿ وس هئا. هنن فلپائين ۽ سري لنڪا کي فتح ڪري مٿن پنهنجو راڄ قائم ڪيو هو. ان کان سواءِ هنن ماڻهن ڪيترا ٻيٽ ۽ ڪن ٻيٽن جا شهر پنهنجي قبضي ۾ ڪيا هئا. اسپين هن سان ٻٽ ۽ جهٽ بڻيل هو. پوپ هنن ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٺاهه ڪرايو هو ۽ اسپين کي موڪل ڏني هئائين ته ڀلي هو برازيل کان سواءِ ساري آمريڪا تي قبضو ڪري. جڏهن مشرق جي ٻين قديم ملڪن تي پورچوگيزن جو قبضو هوندو هو. پورچوگيزن جي اها عظمت سندن وڏن سامونڊي جهازن ڪري هئي، جيڪي پنهنجي شڪل صورت ۾ قلعي جيان معلوم ٿيندا هئا، جن جي چوڌاري توبون نصب ٿيل هونديون هيون. اهڙين توبن جي مشرق جي ملڪن کي ڪا ڄاڻ ڪا نه هئي، جڏهن هنن جي ڪارڪردگيءَ جي ڄاڻ پئي ته به هندستان جي مغل حڪمرانن اهڙا سامونڊي جهاز ڪو نه ٺهرايا. جن جي واهر سان خشڪيءَ جي جنگ وڙهي سگهن، پر هنن سامونڊي ڪنارن سان آباد ملڪن مٿان ڄڻ پنهنجو ڪڙو چاڙهي ڦٽو ڪيو هو. مغلن يا ٻين حڪمرانن ۾ ايتري همت ڪا نه هوندي هئي جو کين سمنڊ ۾ للڪاري سگهي. هو مشرق ۾ اچڻ کان پوءِ سوا صديءَ تائين هن سمنڊ جا بادشاهه رهيا. 1492ع ۾ ڪولمبس آمريڪا دريافت ڪئي هئي ۽ هندستان جو رستو 1498ع ۾ معلوم ٿيو هو. جيڪو واسڪو ڊيگاما ڳولي لڌو هو، تنهن ڪري هنن ماڻهن کي ساري دنيا جي سمنڊن مٿان ڄڻ هڪ هٽي حاصل هئي.

اسپين ۽ پورچوگال جي حڪمرانن واپار تي به هڪ هٽي حاصل ڪري ورتي هئي، ٿوري وقت کان پوءِ سندن سياسي سگهه ڀڄي ڀور ۽ کنا کيڙا ٿي وئي، هنن جي هڪ هٽي ناس ٿيڻ جو ڪارڻ هي هو جو اسپين ۽ پورچوگال جي سامونڊي آرماڙ کي برطانيا ناس ڪري ڇڏيو هو، هن جو مکيه سبب اهو هو ته هنن ٻنهي ملڪن کي افرادي قوت ڪا نه هئي، اسپين ۽ پورچوگال جي بادشاهن جذبات ۾ اچي ماڻهن کي مذهب مٽائڻ لاءِ مجبور ڪيو. ان کان پنهنجي ماڻهن کي هندستان جي رومن ڪئٿولڪ عيسائين مان شادي ڪرڻ کي همٿايو. اهڙيءَ ريت پورچوگيزن، هندستان، سريلنڪا، ڏکڻ اوڀر ايشيا، ريڊ انڊين ۽ اسپين جي عورتن سان شاديون ڪيون. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو انهن جو ٻيو نسل جسماني طور ايترو سگهارو ڪو نه ٿيو، وٽن يورپي ٽيڪنالاجي به ڪا نه هئي ۽ نه وري  وٽن يورپي جوش جذبو موجود هو. يورپ جون هي ٻئي قومون مسلسل هڪ صديءَ تائين ماڻهو انهن ملڪن کان آڻائيندي رهي، ان جو نتيجو اهو نڪتو جو آمدنيءَ جا مکيه ذريعا ختم ٿي ويا ۽ ٻئي قومون اوچتو ئي اوچتو ختم ٿي ويون، هنن قومن جي تباهيءَ جو اهم سبب اهو هو ته جن ملڪن ۾ هنن بيٺڪي راڄ قائم ڪيو هو، اتي پورچوگالي ۽ اسپيني عورتون گهٽ هيون.

هنن ٻنهي يورپي قومن جي تباهيءَ کان پوءِ ڊچ ۽ ان کان پوءِ انگريز آيا.

پورچوگيز، ڊچ دشمني

پورچوگيزن ۽ ڊچن جي وچ ۾ دشمنيءَ جو ڪارڻ مشرقي واپار هو ، ان جا تاريخي ڪارڻ هيٺ بيان ڪجن ٿا.

(الف) پورچوگيز، يورپ جي هڪ ننڍڙي قوم آهي، جيڪا يورپ ۾ مشرقي واپاري مال پهچائڻ جي لائق ڪا نه هئي، تنهن ڪري هنن ڊچن کي پنهنجو ڪميشن ايجنٽ يا ڀلاوڻو مقرر ڪيو. پورچوگيزن ائين ڪري ڄڻ پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙي هنئين، تنهن ڪري پنهنجي وڍيءَ جو ته نه دارو هو ۽ نه دوا هئي، ان کان سواءِ پورچوگيزن سامونڊي واپار تي به پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪري ورتي هئي، پر هنن اسپين جي بادشاهه ”فلپ ٻئي“ خلاف جنگ ۾ پنهنجي سامونڊي تجارتي جهازن کي ڪتب آندو هو، پر پورچوگيزن کي شڪست آئي، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو جو ان بادشاهه، پورچوگال کي 1580ع ۾ اسپين سان ملائي ڇڏيو، انهيءَ ڪري مشرق ۽ برازيل ۾ پورچوگال جو اثر گهٽجي ويو.

(ب) 1588ع ۾ ”فلپ ٻئي“ پنهنجي سامونڊي فوج کي انگلينڊ تي ڪاهي وڃڻ جو حڪم ڏنو. اها فوج جڏهن انگريزي کاريءَ ۾ داخل ٿي ته طوفان کين ناس ڪري ڦٽو ڪيو. ان کان پوءِ انگريزن سامونڊي فوج کين برٽش آئيلس ڏانهن ڌڪي ڇڏيو، هنن وٽ سامونڊي رستي جو نقشو ڪو نه هو، تنهن ڪري سندن جنگي جهاز وڃي ٽڪرين سان ٽڪرايا، جنهن جي نتيجي ۾ هنن (اسپين) جا 130 مان ستر جنگي جهاز ڀڄي ڀور ٿي ويا.

(ٻ) ان ئي زماني ۾ ڊچن، اسپين جي حڪمران ”فلپ ٻئي“ خلاف بغاوت ڪئي، تنهن ڪري اسپين ۽ بالٽڪ وارن ملڪن، وچين ڌر ٿيڻ کان انڪار ڪيو، ان جو نتيجو اهو نڪتو جو گرم مصالحا پورچوگال پهچي ڪو نه سگهيا. ان کان سواءِ هنن پاڻ سامونڊي طاقت بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ گرم مصالحن پيدا ڪرڻ وارن ملڪن سان سڌو واسطو پيدا ڪري ورتو هئائون. ڊچن تيز رفتار جهاز تيار ڪري ورتا هئا ۽ واپار سان گڏ سمنڊ ۾ ڌاڙا هڻڻ شروع ڪري ڏنائون. نيٺ هو سمنڊ جا بادشاهه سڏجڻ لڳا هئا. هنن وينس بدران آمسٽرڊم کي راڄڌاني بڻايو ۽ لزبن ۽ سويليءَ کي ترقي ڏئي اهم تجارتي شهر بڻائي ڇڏيو هئائون.

(ڀ) اڪبر جي زماني ۾ پورچوگيزن، انگريزن ۽ ڊچن کي هندستاني واپار جي ويجهو اچڻ ڪو نه ڏنو هو ۽ کين ڌاڙيل طور بدنام ڪري ڇڏيو هئائون. مٿن اهو به الزام هنيو هئائون ته اهي ٻئي قومون جاسوس آهن.

(ت) 1612ع ۾ پورچوگيز مڊلٽن جي جهازن کي گجرات کان وٺي ڳاڙهي سمنڊ تائين شڪست ملي هئي، انهيءَ زماني ۾ انگريز ۽ ڊچ نوان نوان آيا هئا، پورچوگيزن جي شڪستن کي ڏسي سوچيائون ته ڇو نه پورچوگيزن جي سامونڊي طاقت کي للڪارجي.

(ٿ) سورت جي مغل گورنر ”مغارپ خان“ سورت جي انگريز ”ڊائونٽن“ کي 1614ع ۾ پورچوگيزن تي حملي ڪرڻ لاءِ اڀاريو هو، جيڪو انهيءَ وقت حملي ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه هو، پر پنهنجي بچاءَ جا رستا ڳولي رهيو هو. پر هن 1715ع ۾ پورچوگيزن تي حملو ڪري کين شڪست ڏني، ساڳئي گورنر 1614ع ۾ ماسليپٽم ۾ ڊچن کي چيو هو ته هو پورچوگيزن خلاف سندس مدد ڪن. انهيءَ زماني ۾ شهزادو ”خرم“ گجرات جو گورنر ۽ سورت سندس گورنريءَ جي حدن ۾ هئي ۽ تن ڏينهن ۾ پورچوگيزن جي فائدي ۾ هو، پر 1618ع ۾ ”رو“ کانئس هڪ فرمان وٺڻ ۾ سوڀارو ٿي ويو هو، جنهن مطابق کيس گهڻيون تجارتي سهولتون ملي ويون هيون. اهڙيون ڳالهيون ڏسي مڊلٽن جي ڪپڙن کي ڄڻ ته باهه لڳي وئي هئي. ”بيسٽ“ ۽ ڊائونٽن جي ڪوشش هئي ته پورچوگيزن کي هر محاذ تي شڪست ڏجي، انگريزن کي تجارتي فرمان ملڻ کان پوءِ حالتون انگريزن ۽ ٻين يورپي قومن جي ٿوري گهڻي فائدي ۾ نظر اچي رهيون هيون.

(ٽ) 1625ع ۾ شهزادي ”خرم“ جي پيءُ شاهجهان خلاف بغاوتون شروع ٿي ويون هيون. انهيءَ ڪري پورچوگيزن کان مدد وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پورچوگيزن ائين ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو پر ان جي ڀيٽ ۾ هنن شهنشاهه ”جهانگير“ جي مدد ڪئي ۽ فوج ۽ توبون سندس حوالي ڪيون ويون هيون. ان کان پوءِ سڄي صورتحال تبديل ٿي وئي هئي، انگريزن ۽ ٻين يورپي قومن جي ڀيٽ ۾ پورچوگيزن کي وڏيون رعايتون ملڻ لڳيون هيون.

(ٺ) 1630ع ۾ پورچوگيزن اهي جتن ڪرڻ شروع ڪيا ته ڊچن ۽ انگريزن کي سورت مان ڪڍي ڇڏجي، تنهن ڪري هنن گجرات جي گورنر مٿان دٻاءُ رکڻ خاطر مغلن جي ڪجهه جهازن کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو. ان ڏکئي وقت ۾ انگريزن هن گورنر جي ڀرپور واهر ڪئي هئي.

(ث)1632ع ۾ هگليءَ وٽ ”شاهجهان“ پورچوگيزن کي سخت شڪست ڏني هئي.

(پ) 1634ع ۾ ”شاهجهان“ هن شرط سان ڊچن کي ڪجهه رعايتون ڏيڻ جي آڇ ڪئي ته هو پورچوگيزن کي ”ڊمن“ مان بي دخل ڪري ڇڏيندا، پر ”باٽاويا“ ائين ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو هو.

(ڦ) 1634ع ۾ سورت جي انگريز گورنر ”مئٿيو“ پورچوگيزن جي گوا واري فتح کي للڪاريو ۽ ان ڪري عهدي ڪرڻ جي اهل بڻجي ويا هئا. هن مان سندن مقصد هو ته شاهجهان، ڊچن کي هن شرط سان رعايتن ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو ته هو پورچوگيزن کي ڊمن ۽ ڊيو مان هڪالي ڪڍي ڇڏيندا، پر ڊچن بدران اها ڳالهه هنن انگريزن پوري ڪئي هئي.

(ج) 1634ع ۾ انگريز ۽ ڊچ واپارين جي حيثيت ۾ پاڻ کي مڃائي چڪا هئا ۽ ان عزت ۽ احترام جي لائق بڻجي چڪا هئا، جيڪا اڳي پورچوگيزن کي ملندي هئي.

(ڄ) 1637ع ۾ مغلن، پورچوگيزن جي بندرن ڊم ۽ ڊيو تي وڃي ڪڙو چاڙهيو، پر سورت واريءَ ڪوٺيءَ جي انگريز اڳواڻ وچ ۾ پئي ٻنهي ڌرين کي ٺاهي کير کنڊ ڪري ڇڏيو. هن وقت انگريز حڪمت عمليءَ اها هئي ته پورچوگيز ڀلي ڊم ۽ ڊيو تي قابض هجن، کين اُڊڪو هو ته متان ڊچ اڳتي وڌي هنن علائقن تي پاڻ نه دنگو ڄمائي وٺن.

(جهه) باٽاويا، سريلنڪا تان پورچوگيزن جو قبضو ڇڏايو هو ۽ 1650ع واري زماني ۾ مشرق بعيد ۾ هي ملڪ ڊچن جي تجارت جو اهم مرڪز بڻجي ويو هو. انهيءَ زماني ۾ ”ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني“ چين جو پٽ ۽ گرم مصالحا ٻين ملڪن ڏانهن پهچائيندي هئي.

1780ع ۾ ڊچ انگريز جنگيون لڳيون هيون، جن جي نتيجي ۾ ڊچن جي پنهنجي بيٺڪي راڄ جا ڪجهه حصا انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏيا. پورچوگيزن کي هندي سمنڊ ۾ سڀ کان پهريائين للڪارڻ وار اماڻهو انگريز نه پر ڊچ هئا، جيڪي 1595ع ۾ ڪيب آف گڊ هوپ کان ڦري هتي پهتا هئا، جڏهن ته انگريز 1591ع ۾ هن ماڳ کان ڦري هندي سمنڊ ۾ داخل ٿيا هئا، ڊچن جلد ئي آئلينڊ وارو نار پورچوگيزن کان ڇڏائي ورتو هو. 1603ع ۾ هنن گوا جي ناڪابندي ڪئي هئي ۽ 1612ع ۾ انڊونيشيا جا مالڪ بڻجي ويا هئا، هنن 1619ع ۾ جڪارتا جي ماڳ باٽاويا نالي هڪ نئون شهر اڏي ورتو هو. انهيءَ زماني ۾ هنن پورچوگيزن کان آرچي پليئگو وارا اهم ٻيٽ هٿ ڪري ورتا هئا. جن مان ڏکڻ ملاڪا جو امبيونا ٻيٽ گهڻو شاهوڪار هو، جيڪو هنن 1618ع ۾ فتح ڪري ورتو هو. 1638ع-1658ع تائين هنن پورچوگيزن کان سريلنڪا ڇڏائي ورتي هئي. 1652ع ۾ ڪيپ آف گڊ هوپ فتح ڪئي هئائون. جڏهن ته 1614ع ڌاري ملاڪا جو وڏو حصو پڻ فتح ڪري ورتو هو، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته پورچوگيزن سان هندي سمنڊ ۾ چوٽن کائڻ ۽ سندن طاقت کي ختم ڪرڻ وارا پهريان انگريز نه پر ڊچ هئا.

پورچوگيز مذهبي طور ڏاڍا جذباتي هئا، پنهنجي قوت جو وڏو حصو مذهبي ترقيءَ تي خرچ ڪندا هئا. اهڙين ڳالهين کي ڏسي ڪيترا عيسائي پادري ۽ راهب مشرق ڏانهن ايندا رهيا. هنن هتي پهچي ڪيترا گرجا گهر تعمير ڪري ورتا ۽ هتان جي حڪمرانن ۽ ماڻهن کيعيسائي ڪرڻ تي لڳي ويا هئا. انهيءَ مذهبي ڪم سان گڏ تعليم کي عام ڪرڻ جا پڻ جتن ڪيا هئا.

پورچوگيزن جا حال ڏاڍا ڏٻرا هئا، تنهن ڪري ڊچن ۽ انگريزن هندي سمنڊ مان سندن تجارتي طاقت کي ختم ڪرڻ واسطي جاکوڙڻ شروع ڪيو، 1599ع ۾ انگريز واپارين اعلان ڪيو ته جتي پورچوگيزن ۽ اسپين واري واپارين جون تجارتي ڪوٺيون، قلعا ۽ بندرگاهه نه آهن، انهن جڳهين تي هو پنهنجون تجارتي ڪوٺيون قائم ڪندا.

ڊچن 1595ع کان 1601ع تائين مشرق ڏانهن پندرنهن ڀيرا سمنڊ وسيلي هاڪاري چڪا هئا. هنن 1602ع ۾ مختلف ڊچ ڪمپنين کي ملائي ڊچ يونائيٽيڊ ايسٽ انڊيا ڪمپني جوڙِ هئي، جنهن جو مکيه مقصد هندستان سان واپار ڪرڻ ه و. کين هتان جي ملڪن تي حملو ڪري فتح ڪرڻ جي صلاحيت ۽ طاقت هئي، ڊچ سرڪار به انهن ڪمپنين جي هر قسم جي مدد ڏيڻ لاءِ تيار رهندي هئي ۽ ڪمپني جي مختلف مهمن تي پڻ خرچ هو ڀريندي هئي ۽ مذڪوره ڪمپنيءَ جي مقصدن کي قومي مقصد ڪري سمجهيو ويندو هو.

 تعارف : ايم ايڇ پنهور/ عطا محمد ڀنڀرو

 

 
 

ڊسمبرجا-درد۽ رهجي ويل يادون

جڏهن هن به دسمبر جون سرد هوائون لڳڻ شروع ٿينديون آهن ته وپاڻ سان گڏ انيڪ ياد گيريون کڻي اينديون آهن. جن ياد گيرين ۾ ڪٿي درد جون لهرون به هونديون آهن ته ڪٿي خوشي جا احساس به شامل هوندا آهن.

                         چوندا آهن ته ايندڙ سال ڪنهن جي لاءِ ڪي نيون خوشيون ناهن آڻيندا ۽ نه وري ويندڙ سال ڪنهن جا غم ۽ تڪليفون پاڻ سان کڻي ويندا آهن مگر اهي سڀ اسان جي سوچ جا ڪمزور پاسا آهن جو اسان سڀ ڏوھ گذريل سال تي ڏيندا آهيون ۽ ايندڙ سال ۾ نيون ۽ اجريون اميدون رکندا آهيون.

اتر جي سرد ۽ ٿڌڙن جھونڪن کي گڏ کڻي ايندڙ پن ڇڻ طور مشهور سال جو هي آخري مهينو جڏهن به ايندو آهي ته اسان يادن جا پراڻا پهراڻ لاهي انهن کي زندگي جي صندوقن ۾ رکي ايندڙ نئين سال لاءِ اميدن جا نوان لباس پائيندا آهيون.

مگر ڇا ڪجي جو ڊسمبر جو اِهو مهينو جتي اميدن ۽ احساسن جا نوان روپ کڻي ايندو آهي اتي انهي مهيني سان وابسته ڪجھ تلخ يادن جو سلسلو اهڙو به آهي جن کي هزار ڪوششن باوجود ذهن جي مندر تان ميساري نٿو سگھجي. دل جا درد ته هميشه ساوا رهيا آهن. اهي ته ٻٻر جي وڻ وانگي ٻارنهن ئي مهينا ٻوريل رهندا آهن. مگر جڏهن به ڊسمبر جي سرد هو لڳندي آهي ته هر سال وانگر سور ڄڻ ته سوا يا ڪري ويندي آهي ۽ زخمن تي لوڻ ٻر ڪيندي آهي. هونئن به سياري جي موسم هوندي ئي اهڙي آهي جو ٿورو به ڌڪ لڳي ته جيئن ٺري تيئن ٻري! پوءِ اهڙي موسم ۾ جيڪڏهن روح رهڙ جي وڃي ته انهي زخم کي ڀلا ڪهڙي مرهم سان ڀر جي!! انهي ئي مهيني ۾ ڪجھ اهڙين هستين جو وڇوڙو ٿيو آهي جيڪي تاريخ ۾ پنهنجا اڻ مٽجندڙ نقش ڇڏي ويا. جن جي عمل ۽ ڪردار سبب تاريخ کين ڪڏهن به وساري نه سگهندي.

اهڙي طرح اوڀر پاڪستان جو الڳ ٿيڻ جو ڏينهن به پاڪستانين لاءِ ڪنهن قيامت کان گهٽ ڪونه هو جڏهن محب وطن پاڪستانين پنهنجي اکين اڳيان پنهنجي وطن کي ٻه اڌ ٿيندي ڏٺو هو ۽ آزاد بنگله ديش وجود ۾ آيو هو اهو سڀ ڪجھ به ته هن ئي مهيني جي سورنهن تاريخ تي ٿيو هو. اهي ته ماضي جون ڳالهيون هيون مگر جيڪڏهن ويجهڙائي واري وقت تي نظر وجهجي ته اردو ادب جي خوشبو جي روح جهڙي شاعره پروين شاڪر جنهن اردو ادب کي خوشبو، صدائي برگ، ماھ تمام وغيره جهڙا خوبصورت ڪتاب ڏنا ۽ پنهنجي خوبصورت شاعري سبب هزارين دلين تي راڄ ڪيو جنهن سبب کيس پاڪستان جو وڏو اعزاز پرائيڊ آف پرفارمنس به ڏنو ويو مگر هوء به ڇويهه ڊسمبر اوڻيهه سو چورانوي تي انهيء منزل طرف رواني ٿي جتان اڄ ڏينهن تائين ڪوبه واپس ناهي آيو.

عکس خوشبو ہوں بکھرنے سے نہ روکے کوئی

اور بکھر جاؤں تو مجھ کو نہ سمیٹے کوئی

جس طرح خواب میرے ہو گئے ریزہ

اس طرح سے نہ کبھی ٹوٹ کے بکھرے کوئی

…… ۽ اهو سنڌ جو ٻيجل ۽ قومي فنڪار سرمد سنڌي جنهن جهر جهنگ ۾ سنڌ جا قومي گيت ڳائي پنهنجي قوم کي شعور ڏيڻ وارو پنهنجي حصي جو فرض پورو ڪيو، ستاويهين ڊسمبر اوڻيھ سو ڇانوي تي بدين کان آخري پروگرام ڪري واپس وڃي رهيو هو ته ٺٽي جي ويجهو هڪ خوفناڪ حادثي سبب هميشه لاءِ موت جي آغوش ۾ هليو ويو!

“آهي تنهنجي ياد جي ائين گذريء ۾ گونج

آکيري مان جيئن، وڃي اڏري ڪائي ڪونج”

اڄ سرمد اسان وٽ موجود نه آهي مگر سندس سر، ساز ۽ آلاپ هميشه سنڌ کي سندس ياد ڏياريندا رهندا.

سرمد جي وڇوڙي کي اڃان هڪ سال ئي مس گذريو هو ته اڀاڳي موت جي پاڇي باغ ادب جي هڪ اهڙي گل بي مثال جي چونڊ ڪئي جنهن جي وڇڙڻ سان سمورو چمن ئي ويران ٿي ويو. ها اهو سنڌ جو مهان ڪوي ۽ هماليه جيڏي اوچي شخصيت شيخ اياز جيڪو اٺاويهين ڊسمبر اوڻيهه سو ستانوي تي سنڌ کي ۽ پنهنجي ڏات جي پرڀات کي هميشه جدائي جو داغ ڏيئي ويو.

“ساز هستي جي جيت آهيان مان

هڪ محبت جو گيت آهيان مان

ناهه آڪاش جو ڌڻي مون لئه

پوءِ به ڌرتي جو مِيت آهيان مان”

شيخ اياز جنهن جي وڇوڙي تي روپا ماڙي کان ريڻي ڪوٽ تائين ۽ ڪشمور کان ڪاسبي تائين سموري سنڌ جون ڪمهليون هوائون سوڳوار بنجي پيون هيون. جنهن جي ڏک ۾ ڪارونجھر به ڪوجهو لڳو ٿي ته مهراڻ جي موجن تي به خاموشي طاري ٿي وئي هئي.

شيخ اياز جي وڇوڙي تي جتي ڪينجھر جي لهرن مڪلي جي منارن سان پنهنجو درد ونڊي روئي ڏنو هو اتي انهيء ڏات جو ڏيئو به هميشه لاءِ وسامي چڪو هو. جنهن ڏات ڀٽائي جي تند ذريعي تلوارن سان جنگ جوٽڻ جو اعلان ڪيو هو.

مون آزاديء جي سين هنئي، مون لاٿا طوق غلامن جا

هي گيت هئا يا جادو هئا، زنجير ٽٽا يامن جا

اهو اياز به اسان کان اهو چوندي وڇڙي ويو ته

“سکي پيا کي ملين ته چئجان چاندني تو سوا نه ٿيندي

سنڌ اڃان انهن شخصيتن جي صدمي کي وساري نه سگهي هئي جو انڌيري رات جي رهزنن سنڌ جي آسن ۽ اميدن تي راتا هو هڻندي کانئن.

سندن محبوب ليڊر شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي کسي ورتو هو. اها به ستاويهين ڊسمبر جي هڪ شام هئي جيڪا سنڌ لاءِ قيامت صغرى جهڙا منظر کڻي آئي هئي جڏهن پنڊي جي لياقت باغ ۾ ڀٽو جي پنڪي ۽ سنڌ جي مارئي کي گولين جو کاڄ بڻائي جمهوريت جي آواز ۽ اهڃاڻ کي هميشه لاءِ دفن ڪيو ويو هو. سنڌ تڏهن به رني هئي ۽ ايترو رني هئي جو شايد هاڻي ڪنهن لاءِ ايترو نه روئيندي ۽ سنڌ جا روڊ رستا واهڻ گليون ويراني جي ڏيک ڏيڻ لڳا هئا.

“نه سي وونئڻ وڻن ۾ نه سي ڪا تياريون

پيسو بازارون هينئڙو مون لوڻ ٿئي” “شاھ”

محترمه بينظير ڀٽو جنهن کي آمريڪي عملدار Bhutto is unpredictable چئي مٿس اعتبار نه ڪندا هئا، مگر هُوءَ پنهنجي عوام جو اعتبار هئي.

هُوءَ سندن پهرين ۽ آخري اميد هئي. هن پنهنجي عوام لاءِ پنهنجي جلاوطني جي دور ۾ “مارئي آف ملير” جي عنوان سان هڪ ڊگهو نظم ۾ لکيو هو ته.

جڏهن دنيا کي اڃان جنم وٺڻو هو،

جڏهن آدم کي اڃان صورت وٺڻي هئي

تڏهن کان توهان سان منهنجو تعلق جڙيو هو

محترمه جتي سڄي ملڪ جي رهنما ۽ جمهوريت جي علامت هئي اتي هوء سنڌ لاءِ خصوصي طور هڪ سهارو ۽ ڀرجهلو هئي هوء خود به سنڌ ڌرتي سان گھري محبت رکندي هئي. پنهنجي جلاوطني ۾ هڪ نظم ۾ سنڌ لاءِ لکيو هئائين ته.

“هاڻي جڏهن جلاوطني منهنجو نصيب بڻي آهي تڏهن مان پنهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ کان وڌيڪ پنهنجي ڌرتي کي ويجهي آهيان.

شهيد محترمه بي نظير پنهنجي ڪتاب “ڊاٽر آف دي ايسٽ” جي مهاڳ جي پهرين سٽ ئي اها لکي هئي ته “I didn,t choose this life It choose me” يعني مون هن زندگي جي چونڊ نه ڪئي هئي بلڪ هن زندگي خود منهنجي چونڊ ڪئي هئي. هُوءَ جنهن جي زندگي محلن کان شروع ٿي جيلن تي ختم ٿيندي هئي ۽ جلاوطني کان ٿي قبر جي هنج تي ختم ٿي ان جي روح ۾ هن ديس جي عام ماڻهن جي درد جون چيخون جا ڳنديون هيون ۽ هُوء پاڻ هر جاء تي وڃي ديس جو درد بيان ڪندي هئي.

هن جو هر عمل هڪ نئين اميد، هڪ نئين اتساھ هڪ نئين خواب جي ساڀيان جو وچن هوندو هو. هُوء جڏهن به پنهنجي جدوجهد ۾ وقت جي جابرن ۽ ظالمن سان مهاڏو اٽڪائيندي هئي ته وڏا وڏا جابر ۽ آمر سندس همت اڳيان جهڪي پوندا هئا بقول سرويچ سجاولي جي

“اجهوهي ڪوٽ ڪوڙ جا ڀڃي ڀري ڪري پيا

اجهوهي ڏاڍ جا هنيان ڏڪي ڏڪي ڏري پيا

اوهان جي همتن اڳيان وڏا وڏا جهڪي پيا

اوهان کان جابرن سندا جگر جلي ڏڪي پيا”

هُوء سنڌ جي تاريخ جو اهم باب هئي. جڏهن به سنڌ ۽ سنڌين جي تاريخ جو ذڪر ٿيندو ته سندس نالو عظمتن جي اوچائين تي لکيو ويندو ۽ جڏهن به رهبري جي راهه ۾ رت ۽ قربانين جي تاريخ جو ذڪر ڇڙندو ته عقيدت جا هزارين گل کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ پيش ٿيندا.

هُوء جيتري پاڻ عظيم هئي اوتري سندس جدوجهد اڻ کٽ هئي جنهن جو فيصلو ستاويهه ڊسمبر ٻه هزار ست تي به نه ٿي سگهيو.

هُوء ته اڃان به وڙهي رهي هئي مگر ڪنهن جي لاءِ وڙهي رهي هئي؟ سندس جدوجهد ڇاجي لاءِ هئي؟ زندگي جا سڀ سک، سهولتون، ملڪيت، شهرت، تعليم سڀ ڪجھ ته موجود هو ان وٽ ان جي باوجود سندس سڄي زندگي جدوجهد، جيلن، جلاوطني ۽ ويڙهاند ۾ گذري صرف پنهنجي عوام خاطر! جنهن لاءِ آخر کيس پنهنجي جان جي قرباني به ڏيڻي پئي. کيس سندس انجام جي اڳواٽ خبر هئي مگر پوءِ به اهي سازشون کيس سندس جدوجهد جي واٽ تان هٽائي نه سگهيون هيون. اهو سنڌ جو عوام کيس ڪهڙي طرح وساري سگهندو جنهن جا هِن مٽي هاڻا ڪپڙا ڇنڊي اٿاري بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي اهي اڀاڳيون عورتون کيس ڪيئن وسارينديون جن جا ڳوڙها هن پنهنجي رئي جي پلاند سان اگهيا هئا ۽ انهن معصوم ٻارڙن جي دلين تان سندس تصوير ڪيئن لهي سگهندي جن جي مٿي تي هن شفقت ڀريا هٿ ڦيريا هئا؟؟

هي محبتن، اميدن ۽ شفقتن جو اهڙو وڇوڙو هو جنهن کي سنڌ صدين تائين وساري نه سگهندي جڏهن به اتر هوائون گهلنديون ۽ جڏهن به 27 ڊسمبر جي شام ايندي ته سنڌ جا درد وري به تازا ٿي پوندا ۽ سندس ياد جا احساس روح ۾ ڪنڊن جيان چڀندا رهندا.

“ڊسمبر تو بنا ڪهڙو! هجي ڄڻ ٻارجولاشو

وڇڙيل ڪونج لئه ڪاڇو، اکين تي رات اونداهي

گٽر ۾ چنڊ جو پاچو، ڊسمبر تو بنا اهڙو

ڊسمبر تو بنا ڪهڙو

سنڌ جي سگين ماحولياتي صورتحال ۽ ملڪ جي وڏين پارٽين جون ترڪ تاليون

               عام چونڊن جي ويجهو ايندي ئي هميشه جيان، بقول پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ زون جي ”هميشه هميشه جي لاءِ دفن ٿي ويل“ ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ هڪ دفعو وري وڏي شدمد سان شروع ٿي ويو آهي، نه صرف ايترو پر اڳ جيان هن وقت به ملڪ جي وڏين پارٽين خاص ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (نواز) جي اڳواڻن جي پنجاب ۾ هِڪڙين ڳالهين ۽ سنڌ ۾ ٻين ڳالهين واريون تِرڪ تاليون به شروع ٿي ويون آهن. لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اچڻ شرط پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي مطابق ڊئم ٺهڻ گهرجي، مسلم ليگ نواز سنڌ جي اڳواڻن سيد غوث علي شاهه، مارئي ميمڻ، ممتاز ڀٽو ۽ ٻين سخت مخالفت ڪئي ته نواز شريف وري سنڌ ۾ هڪ جلسي کي ٽيليفون، خطاب ڪندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم سڀني صوبن ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿيڻ کان سواءِ نه ٺاهيو ويندو. ڪورٽ جي فيصلي کان هڪ ڏينهن اڳ پ پ اڳواڻ تنوير اشرف ڪائره ۽ اٽارني جنرل چيو ته پ پ جي وفاقي حڪومت ڪوشش ڪري پئي ته ڪالاباغ ڊيم لاءِ صوبن وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪري سگهجي، فيصلي واري ڏينهن پ پ پنجاب جي صدر بلڪل چٽن لفظن ۾ چيو ته ”پ پ ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪري ٿي“ وفاقي وزير اطلاعات نشريات قمر زمان ڪائره چيو ته ”ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ (سي سي آءِ) جو اجلاس سڏائي ڊيم تي اتفاق راءِ وٺڻ جي ڪوشش ڪبي“ ان جي ابتڙ پ پ سنڌ جا اڳواڻ پنهنجي پر ۾ نه رڳو سراپا احتجاج بڻيا رهيا پر ”ڪالاباغ ڊيم جا حامي سڀ حرامي“ جي نعرن جي گونج ۾ چوٿون ڀيرو ڪالاباغ ڊيم جي خلاف قرارداد منظور ڪري ورتو، بغير اهو سوچڻ جي ته ڪافي وزيرن سميت پ پ پنجاب جي قيادت ڪالاباغ ڊيم جي سخت حامي آهي.

حڪمرانن/ سياستدانن جي هن نوراڪشتي يا ايئن کڻي چئجي ته ٻٽي معيار جي ڪري سنڌ جو ڪيس تمام گهڻو ڪمزور ٿي وڃي ٿو، چونڊن ۾ وڌ کان وڌ ووٽ حاصل ڪرڻ جي نيت ۾ ٻنهي پارٽين پاران پنجاب ۾ ڊيم جي حمايت ۽ سنڌ ۾ مخالفت ڪرڻ، يا پنجاب ۾ ڊيم جي مخالفت ۽ سنڌ ۾ ڊيم جي حمايت ڪرڻ جا طعنا هڻندڙ اسيمبلي ميمبر اهو بلڪل وساري ويهن ٿا ته هي ڊيم ڪا سياسي شئي يا تماشو نه پر زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، پنجاب جي هڪ ايم اين اي چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪندڙ ڀارت جا ايجنٽ آهن هڪ عورت اسيمبلي ميمبر چيو ته ڪالاباغ ڊيم اسان جو خواب آهي، جيڪو هڪ ڏينهن ضرور پورو ٿيندو. جيستائين ڪالاباغ ڊيم نه ٺهندو اسين پنجاب جون عورتون ايئن قربانيون ڏينديون رهنديون سين، جئين جڏهن نيل (Nile) درياهه ۾ پاڻي نه ايندو هو ته اتي جون عورتون ڏينديون هيون، پر شايد مائيءَ کي اها خبر ڪونهي ته ڊيم ٺهندو پاڻي جي هوند سان، جڏهن صورتحال ۽ اصل حقيقت ان شئي جي اجازت ئي نٿي ڏئي ته ڊيم ڪٿان ٺهندو، خواب ته خواب ئي هوندو آهي، نيل واري صورتحال ۽ ڪالاباغ ڊيم جي صورتحال ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، نيل درياهه واري صورتحال سنڌ جي عورت سان آهي، پنجاب جي عورت سان نه.

سڀني ڌرين کي ياد هوندو ته شروع ۾ جڏهن ڪالاباغ ڊيم جو شوشو شروع ٿيو هو ته سنڌ جا اهي ئي خدشا هئا ته، هي رڳو ڊيم نه هوندو پر هن کي بئراج جي شڪل ڏئي هن مان ڪئنال به ڪڍيا ويندا. اها ڳالهه به هاڻي سئو سيڪڙو سچ ثابت ٿي آهي جو هن وقت پنجاب جا صحافي يا ليکڪ جيڪو لکي رهيا آهن، جيڪي بحث ڪيا پيا وڃن، انهن ۾ بجلي جي ڳالهه ئي ناهي پر هو چون ٿا ته هن سان لکين ايڪڙ زمين  آباد ٿيندي، ڏنل انگ اکر به ڏاڍا کل جوڳا آهن. تازو هڪ دوست لاهور گهمي آيو ته پنجاب جي ڪجهه اخبارن جا پرچا کڻي آيو، جن ۾ ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ رات ڏينهن هڪ ڪيل آهي، سنڌ جي ماڻهن لاءِ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي وئي آهي سا ته رهي پنهنجي جاءِ تي پر ان ۾ جيڪي انگ اکر ڏنا اٿن انهن مان ايئن ٿو لڳي ته ڪالاباغ ڊيم، ڊيم نه پر سنڌو درياهه جي مقابلي ۾ ڪو ٻيو درياهه ٺاهيو ويندو، هڪ پنجابي دانشور ايڊووڪيٽ منصف اعواڻ ته حد ڪري ڇڏي آ، صاحب موصوف لکي ٿو ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ سان وڌ ۾ وڌ فائدو سنڌ جو ٿيندو، ان جي 8 لک ايڪڙ بنجر زمين آباد ٿيندي، پنجاب جي 6 لک ايڪڙ زمين بلوچستان جي ساڍا 3 لک ايڪڙ زمين ۽ خيبر پختون خواهه جي به 6 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي، هاڻي ڏيو منهن، هي ڊيم آ يا بئراج ۽ درياهه…….؟

بنا سوچ سمجهه ۽ ڏاهپ کان خالي اهڙن ماڻهن کي پاڻيءَ، جي تاريخ توڙي تاريخي معاهدن کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ توڙي ڊيلٽا جي اهميت کي به پرکڻ گهرجي، سکڻا ٺڪاءَ ۽ عقل کان وانجهيل دليل ڊيم نٿا ٺاهي سگهن، ڪجهه ماحولياتي ۽ زميني حقيقت کي به سمجهڻو پوندو، جو سنڌ پاڻ سان گڏ سوين ميلن تي پکڙيل سامونڊي ساحلي علائقو، لکين ايڪڙن تي مشتمل تمر جا ٻيلا ۽ دنيا جي بهترين ڊيلٽا مان هڪ ڊيلٽا به رکي ٿي، جنهن کي به هر سال مناسب مقدار ۾ دريائي مٺي پاڻي جي ضرورت هجي ٿي، جنهن جي گذريل ڪيترن سالن کان نه ملڻ جي ڪري هي علائقو بلڪل تباهه ٿي چڪو آهي، پنجاب جي دانشورن جو اهو چوڻ ته ڊيلٽا لاءِ اسان پاڻي نه ڏينداسين، سنڌين کي جيڪڏهن وڻ، مڇيون، جانور ۽ نانگ بلائون بچائڻا آهن ته پنهنجي حصي جو پاڻي ڏئي، دراصل دنيا ۾ موجود ان عالمي معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي، جنهن مطابق سڄي ڊيلٽا کي پاڻي مهيا ڪرڻ ملڪ جي ذميواري آهي نه ڪي ڪنهن صوبي يا علائقي جي، ڇو ته انهن وڻن، مڇين توڙي نانگن بلائن جي ڪمائي سڄو ملڪ کائي ٿو.

ياد رهي ته سنڌو درياهه هماليائي خطي جو نهايت ئي اهم درياهه آهي ۽ هماليائي خطو مٺي پاڻي جي لحاظ کان سڄي دنيا ۾ تمام وڏي اهميت رکي ٿو، نه صرف سنڌو درياهه پر ٻيا ڪيترائي درياهه هماليائي ڄميل برف جي پگهرڻ سان پيدا ٿيندڙ پاڻي تي ئي روان دوان آهن، جن تي پاڪستان، انڊيا ۽ بنگلاديش کان سواءِ چين، نيپال، ڀوٽان ۽ افغانستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جو دارو مدار آهي، جن ۾ دنيا جي 20 کان 30 سيڪڙو انساني آبادي رهي ٿي، هندن جو مقدس درياهه برهميترا، انڊيا مان ٿيندو سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪندڙ ستلج درياهه به هن ئي پٽيءَ ۾ موجود ڪوهه ڪيلاش مان جنم وٺي ٿو، هتان ئي سنڌو درياهه لداخ جي واديءَ مان ٿيندو، ڪوهستاني منزل ڪراس ڪري، ميداني علائقن مان ٿيندو اچي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، ڪالاباغ ڊيم جي ڳالهه ڪندڙن کي گهرجي ته هو ٻيو نه ته صرف ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ واري ئي تاريخ پڙهن، ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٿيندڙ 1960ع وارو پاڻي جو معاهدو(انڊس واٽر ٽريٽي) جيڪو گڏيل قومن جي ٽياڪڙيءَ سان ٿيو هو، هڪ مستند معاهدو آهي ۽ سڀني کي خبر آهي ته هن معاهدي مطابق اوڀر وارا ٽي درياهه ڀارت ۽ سنڌو درياهه سميت اولهه وارن ٽن دريائن جو پاڻي پاڪستان کي ڏنو ويو، نه صرف ايترو پر ان معاهدي ۾ اهو به طئي ٿيو ته ڀارت ۽ پاڪستان مليل درياهن تي ڪهڙا ڪهڙا پاڻي جا ذخيرا ٺاهي سگهن ٿا، پاڪستان کي مليل زون (انڊس بيسن سسٽم) ۾ 8 ڪئنال، 6 بئراج ۽ 3 ڊيم رکڻ/ ٺاهڻ جي اجازت ڏني وئي، جيڪي پاڪستان ڪجهه ئي سالن ۾ ٺاهي ورتا، اهڙيءَ طرح ڀارت به اجازت مليل سڀ ذخيرا ٺاهي ڇڏيا آهن، هاڻي جيڪڏهن مليل سسٽم تي ڀارت ڪرشن گنگا ڊيم ٺاهي ٿو، يا انڊس بيسن سسٽم تي پاڪستان ڪالاباغ ڊيم سميت ڪو به ڊيم/ بئراج ڪئنال وغيره ٺاهي ٿو ته اها ان معاهدي (انڊس واٽر ٽريٽي) جي لتاڙ هوندي، 1991ع وارو ٺاهه به ٻين ٺاهن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه چڱو ٺاهه آهي، هن جي ڪجهه نقطن تي اعتراض ڪري سگهجي ٿو پر هن ۾ واضح طور ڪنهن به ڊيم جو ذڪر ناهي، ”پاڻي جي ذخيرن“ جو ذڪر آهي، هن معاهدي مطابق سمنڊ/ ڊيلٽا لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏڻ جي تجويز آهي، هن معاهدي ۾ هڪ وڌيڪ جيڪا مثبت شئي هئي اها هئي پاڻي جي ذخيرن تي ڪمپيوٽرائيزڊ ٽيليمينٽري سسٽم لڳائڻ جي رٿا، پر ان مطابق ڪنهن به ٺاهه/ شق تي عمل نه ٿيو، نه ٺاهه مطابق صوبن کي پاڻي مليو، نه ٺاهه مطابق سمنڊ ۾ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏيو ويو ۽ نه ئي آبي ذخيرن تي ٽيليمينٽري سسٽم لڳايو ويو، بقول ارسا ذميوارن جي ته سسٽم ۾ ايترو پاڻي ئي ناهي، پوءِ خبر ناهي ته ڪالاباغ ڊيم لاءِ پاڻي آسمان مان ڪرندو يا زمين مان ڦٽي نڪرندو.

عالمي تپش/ گرين هائوس افيڪٽ ۽ ٻين ماحولياتي سببن جي ڪري، عالمي بئنڪ ۽ ٻين ماحولياتي ادارن خدشو ڏيکاريو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ هماليائي گلئشرز جي ڳرڻ ۾ شدت ايندي، جنهن سان پهرين ته ڪجهه ٻوڏون اينديون ۽ پوءِ دريائي پاڻي ۾ مسلسل 30 کان 40 سيڪڙو تائين گهٽائي اچي ويندي. لنڊن مان نڪرندڙ ماحوليات جي ترجمان رسالي ”دي گارجين“ جي هڪ رپورٽ مطابق لبيا، خليج ۽ پاڪستان سان لڳندڙ سمنڊ مناسب مقدار ۾ مٺو پاڻي نه ملڻ سبب انتهائي خطرناڪ موسمي تبديلين جي زد ۾ آهي، تمر جا ٻيلا ختم ٿي رهيا آهن، ساحلي زمين بنجر ٿي رهي آهي، سامونڊي حيات مري رهي آهي، جنهن سان غذائي کوٽ جو به خطرو آهي. ڇا ان صورتحال جي باوجود ڪالاباغ ڊيم ٺاهي سگهجي ٿو؟ ان ڪري پاڪستان جي وڏين پارٽين خاص ڪري پيپلزپارٽي، جنهن وٽ ٽن صوبن کان سواءِ سينيٽ ۽ وفاقي اسيمبلي ۾ وڏي اڪثريت آهي، روايتي تِرڪ تالون ڇڏي (سي سي آءِ) ۽ اسيمبلي ۾ بل آڻي ڪالاباغ ڊيم جي تڪراري منصوبي کي هميشه جي لاءِ ختم ڪري ڇڏي.

 رمضان شور

بارن سان جنسي ڏاڍائي ۽ تاريخ جي روشني ۾ جائزو

اسان جو معاشرو اهڙي طرح پستي ڏانهن ڇا لاءِ گامزن آهي، قتل، ڌاڙا، ڦرلٽ، اغوا ۽ معصوم ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائيءَ جهڙا ڪُڌا ڪم هر روز پيا ٿين. ڪجهه وقت اڳ ننڍن ٻارڙن جا اغوا عام هيا ته اڄڪلهه وري معصومن سان جنسي ڏاڍائي جا ڪيس سامهون آيا آهن، وجنتي جيڪا فقط ڇهن سالن جي آهي، ان سان جنسي ڏاڍائي اسان کي معاشري جا افعال ٿي ٻڌائي اها خبر ٻُڌي ماڻهو جا وارا اڀا ٿيو وڃن، لڱ ڪانڊارجيو پون، دل تيزي سان ڌڙڪڻ ٿي لڳي ۽ اکيون ٽم ٿيو وڃن. هي اسين ڪيڏانهن پيا وڃون، ڪهڙي پاسي پيا وڃون. انسانيت سوز اهي ڪرتوت اسان جي ذهني ڪيفيت کي ٿا ظاهر ڪن. اسين ڪيترا نه ڪٺور ۽ ظالم ٿي ويا آهيون. اسان جي سماج ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي اهڙا انسانيت سوز ۽ هنئون جهوريندڙ ڪم به ڪري سگهن ٿا. وجنتي ڪنهن جي جگر جو ٽڪر آهي، معصوم، مظلوم ۽ بي وس.

ٿوري دير لاءِ سوچيون ته ان وقت هن معصوم سان ڇا نه ٿي گذريو هوندو. هوءَ نه هٿ پير هڻي سگهي هوندي ۽ نه ئي پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪي جتن ڪري سگهي هوندي. جنوني، درنده صفت ماڻهو ڪيئن نه ڪنهن راڪاس جيان هڪ جيتامڙي سان جٺ ڪري ڇڏي. ان وقت اهو ڪُڌو ڪم ڪرڻ واري جو ضمير ڪيڏانهن ويو هليو، ان جي انسانيت ڪٿي مري وئي. اهڙي ظالم جي مائٽن سندس ڪهڙي سکيا ڪئي هئي، ڇا هن اهو سڀ ڪجهه لذت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو يا ڪو بدلو چڪايو. اهڙا ڪلور هڪ ملڪ جا فوجي جنگ کٽڻ يا هارائڻ کان پوءِ ٻئي ملڪ جي فوجين سان ڪندا آهن. هو دشمن کي نيچو ڏيکارڻ لاءِ ۽ ان جو عزت نفس ڪچلڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪندا آهن، هن ٻارڙيءَ اهڙو ڪهڙو ڏوهه ڪيو، هن جي ڀلا ڪنهن سان ڪهڙي دشمني هئي، هندن جي ڌتڙيل ذات جي هيءَ ميگهواڙ ٻارڙي ڀلا ڪنهن جو ڇا بگاڙيو هيو.

ميگهواڙ، ڪولهي، ڀيل جن کي گانڌي هريجن جو لقتب ڏنو، جنهن جي معنيٰ آهي ڀڳوان جا پٽ ۽ ان چيو ته اهي به ساڳي ئي ڀڳوان جا پيدا ٿيل آهن جنهن جا وڏي ذات وارا هندو آهن. انهن کي انڊيا ۾ دليت به چيو ويندو آهي، شيڊيول ڪاسٽ به هڪ لقب آهي، جيڪو انهن کي ڏنو ويندو آهي، برهمڻ ۽ اونچي ذات جا هندو نفرت مان انهن کي شوڌر به ڪوٺيندا آهن. اهي ويچارا هونئن به مسڪين آهن نه ڪنهن جي تيريءَ ۾ ۽ نه ڪنهن جي ميريءَ ۾، پنهنجو پيٽ پالڻ ۾ پورا. ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن وري ڪٿي. زمين جي چادر ۽ آسمان جي ڇت اهو سڀ ڪجهه آهي، انهن جو سامان، لڏ وهر گهڙي تيار هوندو اٿن. ڏاڍي ڪرڻ وارن کي خبر آهي ته نه هو وڙهندو ۽ نه بدلو وٺندو، هندو هونئن به هت ٽئين درجي جا شهري آهن، انهن جو نه ڪو اوهي، نه ڪوئي واهي، نه تر جو چڱو مڙس ٿو ٻڌي ۽ نه قانون جا ڪرتا ڌرتا. ميگهواڙ ويتر هندن جو انتهائي ڪمزور حصو آهن، انهن جي ته وري وڏي ذات وارو هندو به ڪو نه ٿو ٻڌي. ٻارڙي سان جيڪا زيادتي ٿي ان تي سمورن هندن کي احتجاج ڪرڻ گهرجي، پوريون هندو پئنچائتون ملي ڪري احتجاج ڪن، شايد ڪجهه ٿي پوي. سياسي پارٽين ۽ سول سوسائٽي کي به متحرڪ ٿيڻو پوندو. اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي به ذميداري آهي ته ان مسئلي کي کڻي سرندي وارا ڪجهه ڏئي وٺي پنهنجا ڪم ڪرايو ڇڏين، يا گهٽ ۾ گهٽ واويلا ته مچايو ڇڏين. پئسا ڏئي ٽي وي تي پروگرام به نشر ڪرايو ڇڏين، اڻ هوند وارو ڪيڏانهن وڃي.

ميگهواڙ ۽ ٻيون ذاتيون اقليت اندر هڪ اقليت آهن، هڪ اندازي مطابق پاڪستان ۾ انهن جو ڳاڻيٽو 60 لک جي برابر آهي. رياست انهن کي هندو اقليت جو درجو ڏنو آهي ۽ اهي ويچارا ٻنهي طرفن کان پيڙهجن پيا. انهن سان اونچي ذات جا هندو نه رشتو جوڙيندا آهن ۽ نه ئي انهن کي پنهنجي ويجهو اچڻ ڏيندا آهن. منهنجا والد هڪ مندر ۾ لنگر صبح شام هلائيندا آهن، اهي به اهو ٻڌائيندا آهن ته اونچي ذات وارا هندو انهن کي چڱو ڪونهن سمجهندا ۽ ايتري تائين جو انهن کي پنهنجا ڪپڙا ڇهڻ به ڪونهن ڏيندا. منهنجا والد جڏهن ڪجهه ڏينهن لاءِ ٻاهر ويندا آهن ته اها ڳڻتي هوندي اٿن ته انهن کي اونچي ذات جا هندو ويجهو اچڻ نه ڏيندا ۽ متان اُهي ماني کان نه محروم رهجي وڃن.

اهي جيئن ته ڪنهن نه ڪنهن جي زمين تي ڪم ڪندا آهن، تنهن ڪري هو رهندا به اتي آهن. انهن جو پنهنجو ڪو مستقل ٺڪاڻو ڪونهي هوندو، نتيجي ۾ انهن وٽ ڪو شناختي ڪارڊ به ٺهيل ڪونهي هوندو. پاڪستان ۾ تقريبن 3 سيڪڙو اقليت آبادي آهي، جنهن جو 50 سيڪڙو هندو آهن، چون ٿا ته 10 مان 9 هندو هيٺين ڪلاس سان واسطو رکن ٿا، انهن کي دليت به ڪوٺيو وڃي ٿو. باباءِ قوم قائد اعظم محمد علي جناح وفاقي قانون ۽ پارليامينٽري کاتو هڪ دليت کي ڏنو هيو، پر اهو پهريون ۽ آخري دفعو ٿيو. ان کان پوءِ دليت جي جيڪا 6 سيڪڙو ڪوٽا وفاقي نوڪرين ۾ هئي ان کي 1998 ۾ اقليت ڪوٽا ۾ تبديل ڪيو ويو، ان وقت ڊاڪٽر ميگهواڙ ۽ ڪرشن ڀيل وفاقي ڪابينا جا ميمبر هئا. انهن ان خلاف آواز اٿارڻ ۾ ڪو فائدو نه سمجهيو. ان تبديليءَ دليت جي شخصي سڃاڻپ واري عمل کي وڌيڪ متاثر ڪيو ۽ هاڻ هڪ هندو اقليت جو حصو آهن، جيڪا به انهن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. تنهن ڏينهن هڪ ٽي وي چينل تي اهڙي ئي هڪ خاندان جو انٽرويو پئي نشر ٿيو انهن پنهنجو نالو هندو مان مسلمان وارو رکيو ته ڪا مدد ملي وڃي اهي به هڪ خالي ميدان تي رهيل هئا ۽ چيائون ته هن ميدان جو مالڪ اهو خالي ڪرڻ لاءِ چوي ٿو. ماڻهو جي بهتري تعليم سان وابسطه آهي، هريجن جيستائين پاڻ کي تعليم جي زيور سان آراسته نه ڪندا، معاشري ۾ انهن جي عزت نه ٿيندي. انڊيا هجي يا پاڪستان ان طبقي سان ٻه اکيائي موجود آهي. ارون ڌتي راءِ پنهنجي ڪتاب ”الجبرا آف انفنيٽ جسٽس“ ۾ انڊيا جي دليت برادري سان ٿيندڙ ظلمن جو ذڪر ڪيو آهي، انهن جا ڳوٺ وڏا ڊيم ٺاهڻ جي مد ۾ ڊاهي پٽ ڪيا ويا. ان برادري جي سڃاڻپ هڪ وڏو مسئلو آهي، اُهي نه وڏي ذات جي هندن لاءِ قابل قبول آهن ۽ نه ئي سرڪار انهن جي ٿي واهر ڪري، ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ  12 سالن جي ميگهواڙ ڇوڪري جي اغوا جو اخبارن ۾ چرچو هيو، اهو مسئلو اڃا حل ئي ڪو نه ٿيو جو هاڻ معصوم وجنتي سان ڪيس جون خبرون عام آهن، اهو ڇو ٿو ٿئي، ڇو ۽ ڇا لاءِ معاشري جي ڪمزور پرتن سان ايترا هاڃا ٿي رهيا آهن، ميگهواڙ، ڪولهي، ڀيل خاص طرح ۽ ٻيون اقليتون عام طرح ان ظلم جو شڪار آهن، ڏوهاري ڏاڍي خوبصورتي سان بچيو وڃن. اها ٻارڙي وجنتي ان جو معصوم چهرو ته ڏسو، ڪو وحشي جانور ئي ان کي تڪليف پهچائڻ جو سوچيندو.

اهڙي ڪڌي ڪم جو ٻار جي نفسيات تي ڪهڙو اثر پوندو اچو ته ڏسون. اهڙو ٻار سڄي زندگي ڊپريشن، پريشاني ۽ خوف جو شڪار رهندو. ٻارن سان زيادتي وارو عمل پوري دنيا ۾ ٿئي ٿو، ڇوڪرين سان ان زيادتي جو ڳاڻيٽو 19.7 سيڪڙو ۽ ڇوڪرن سان 7.9 سيڪڙو آهي، سڀ کان وڌيڪ اهو آفريڪا ۾ ڏٺو ويو آهي، يورپ ۾ ان جو هجڻ سڀ کان گهٽ آهي، يعني 9.7 سيڪڙو آمريڪا ۾ ٻارن سان منهه ڪاري ڪرڻ جو ڳاڻيٽو 10.1 سيڪڙو آهي ۽ ايشيا ۾ اهو 23.9 سيڪڙو. مٿين انگن اکرن مان پتو ٿو لڳي ته جن ملڪن ۽ خطن ۾ تعليم گهٽ آهي ۽ قانون نرم آهي اتي اهي واقعا گهڻا ٿا ٿين، يورپ ان معاملي ۾ سڀ کان وڌيڪ سڌريل خطو آهي، ٻئي نمبر تي آمريڪا آهي، آفريڪا ۽ ايشيا ان ڪڌي ڪم ۾ پهرئين ۽ ٻئي نمبر تي آهن. ان مان ثابت ٿو ٿئي ته جن معاشرن ۾ تعليم عام آهي ۽ قانون جي حڪمراني آهي اتي اهڙا سنگين ڏوهه گهٽ ٿا ٿين، جي ٿين به ٿا ته گناهه گار پڪڙيو ٿو وڃي، ان ۾ ڪا به رعايت ڪونهي.

تحقيق ٻڌائي ٿي ته اڪثر زيادتي سهندڙ، زيادتي ڪندڙ کي سڃاڻيندا آهن، انهن مان 30 سيڪڙو اهڙن ٻارن جا مائٽ هوندا آهن، گهڻو ڪري اهي ڀاءُ، پيءُ، چاچا ۽ سؤٽ وغيره هوندا آهن، انهن زيادتي ڪندڙن جو 60 سيڪڙو دوست، ٻار جا مائٽ ۽ پاڙيسري هوندا آهن ۽ 10 سيڪڙو ڌاريا هوندا آهن، آمريڪن سائيڪياٽرڪ سوسائٽي (نفسياتي معالجن جي تنظيم) جي چوڻ مطابق ٻار وڏن کي ان ڪڌي ڪم جي اجازت ڏيڻ جا مجاز ڪونهن هوندا، تنهن ڪري اهو هر حال ۾ ڏوهه آهي، اهو اخلاقي ۽ قانوني ٻنهي طرح جو ڏوهه آهي ۽ ان جي ڪا به معافي ڪونهي. نفسياتي طرح اهي ٻار وري آڱوٺو چوسڻ ۽ بستري تي پيشاب ڪرڻ وارين عادتن کي پنهنجائيندا آهن، انهن کي بک نه لڳندي آهي ۽ انهن جي قوت ارادي متاٿر ٿي ويندي آهي، اهي ٻار ڪڏهن ڪڏهن جانورن خلاف ظالماڻو رويو به رکندا آهن، ۽ پنهنجي ايندڙ زندگي ۾ ٻين کي نقصان پهچائيندڙ ۽ باغي به ٿي پوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن هو پاڻ کي به نقصان پهچائڻ کان نه ڪيٻائيندا آهن.

آمريڪا ۾ ٿيل هڪ تحقيق مطابق اهي ٻار جن سان ٻاراڻي عمر ۾ جنسي ڏاڍ ٿي هوندي آهي، انهن ۾ نشي جي علت انهن ڇوڪرين جي مقابلي ۾ جن سان اهو نه ٿيو هوندو آهي، 2.8 دفعا وڌيڪ هوندي آهي، ساڳي تحقيق ۾ اهو به ڏٺو ويو ته اهي ٻار جن سان جنسي ڏاڍائي ٿي اُهي وڏي هوندي يا ته ڏوهاري ذهن وارا ٿيا يا وري انهن ۾ خودڪشي ڪرڻ ڏانهن لاڙو وڌيڪ ڏٺو ويو. اهي ٻار وڏا ٿي بيمار به گهڻو رهڻ لڳندا آهن. اهي ٻار جن کي معاشرو ۽ خاندان مدد ڪندڙ نه ملندا آهن، انهن لاءِ جوانيءَ ۾ مصيبتون وڌيڪ ٿينديون آهن. جنسي ڏاڍائي سهندڙ ٻارن کي پهچندڙ جسماني نقصان جو ڪاٿو هيٺين ريت آهي. ٻار جو عمر ۽ جسامت جي لحاظ سان جسماني نقصان ٿيندو آهي ۽ ٻيو خون جي وهڻ کان وٺي، عضون ۾ اندر زخم وغيره شامل آهن.

ڪجهه صورتن ۾ موت به واقع ٿي سگهي ٿو. هرمين گڊنس پنهنجي تحقيق ۾ ٻڌايو ته نارٿ ڪيرولينا ۾ 1985ع کان 1994ع تائين ڇهه ٻار مري ويا ۽ ٻيا 6 مرڻ ڪنڌي تي پهتا، انهن جون عمريون 10 مهينن کان 10 سالن تائين هيون. ٻارن ۾ سوزاڪ جي بيماري به ٿي سگهي ٿي ۽ ٻيا انفيڪشن به ٿي سگهن ٿا.

جنسي ڏاڍائي جي تاريخ کي پڙهبو ته اهو نظر ايندو ته هن ڏوهه کي هميشه ننديو ويو آهي ۽ هن جي ڪڙي ۾ ڪڙي سزا تجويز ڪئي وئي آهي. رومن قانون ۾ به ان کي ڏوهه ئي ڪوٺيو ويو هيو، روم ۾ بادشاهه جي پٽ هٿان ليوڪريشيا سان جنسي ڏاڍائي بادشاهت جو انت آندو ۽ ”رومن ريپبلڪ“ جنم ورتو. ڪرائيسٽ کان 50 سال اڳ شاعر ليوڪريشيس جنسي ڏاڍائي کي ننديو ۽ ان کي تهذيب جي خلاف ٻڌايو.

پهرين عيسائي بادشاهه ڪونسٽينٽائن جنسي ڏاڍائي کي عوام خلاف ڏوهه چيو ۽ ان کي ذاتي گناهه ۽ معاملو نه سڏيو. اسلام ۾ ان کي وڏو ڏوهه چيو ويو آهي ۽ ان جي ڳري سزا تجويز ڪئي وئي آهي.

معصوم ٻار سان جنسي ڏاڍائي ته ايڏو وڏو گناهه آهي، جنهن جي جيتري سزا ڏجي اها گهٽ آهي.

وجنتي جي اخبار ۾ تصوير ڏسندي ئي ترس اچڻ لڳندو، ڪو ڪٺور دل ئي ان ٻارڙي سان اها زيادتي ڪري سگهي ٿو.

اسان جو قانون به ڪمزور آهي، جيڪڏهن ڏوهارين کي سزا ملڻ لڳي ۽ انهن جي پڪڙ ڌڪڙ ٿيڻ لڳي ته ڪيئن نه ٿي بهتري اچي.

اسان جون ڪورٽون جيئن وڏن سياسي مسئلن تي پاڻ مرادو قدم کڻن ٿيون، اهڙن سماجي مسئلن تي به جيڪڏهن پاڻ مرادو قدم کڻن ته ضرور بهتري ٿيندي. تعليم کي عام ڪرڻو پوندو، خاندان کان وٺي، اسڪول ۽ ڪاليجن تائين اخلاقي تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي، اهڙي ڏوهه جي سزا به ڪڙي هجڻ گهرجي، اهو سموري انسانيت خلاف ڏوهه آهي. اهي ٻار اهڙن ڏوهارين جي هٿ ڪيئن ٿا لڳن. ان طرف به سوچجي. مائٽن کي پنهنجي ننڍن ٻارن کي ائين اڪيلو ۽ لاوارث نه ڇڏڻ گهرجي، اهي ڏوهه معاشري جو ناسور آهن، انهن خلاف سڄي سماج کي ڪجهه ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ اهي ڏوهه ٿيندا رهندا، سماج جو باشعور ۽ باحيا فرد هجڻ جي ناتي اسان جا ڪنڌ شرم وچان هميشه جهڪيل رهندا.

ڊاڪٽر مرلي ڌر

ننڍي عمر ۾ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جون شاديون

جيئن ته ننڍين عمرين ۾ ٻارن جون شاديون هن وقت دنيا جو انتهائي ٻرندڙ اشو آهي، اقوام متحده ۽ دنيا جون تنظيمون جيڪي انسانيت لاءِ جاکوڙي رهيون آهن، 19 ڊسمبر 2011 تي اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي هڪ باضابطه ٺهراءُ منظور ڪيو، 177/66 تي 11 ڊسمبر ننڍين ڇوڪرين جو عالمي ڏينهن، هن قانون تحت پهريون ميسج اهو آهي ته ڇوڪرين جون ننڍي عمر ۾ شاديون روڪيون وڃن، ان دنيا جي اهم ڪم لاءِ مذهب ملڪن يا باقاعده قانونسازي کان وٺي تمام گهڻا فنڊ پڻ رکيا آهن ته ان قسم جي ظلم کي ڪنهن سٺي ۽ اخلاقي طريقي سان روڪي سگهجي.

دنيا جا جيڪي اسرندڙ ملڪ آهن ۽ خاص طور تي اسان جو ملڪ پاڪستان جتي ڇوڪرين لاءِ تعليم جا دروازه بند هجن ۽ کين ڪو به بنيادي حق نه ملندو هجي. قبائلي نظام کان وٺي جاگيردانه نظام هجي، جتي عورت ۽ ننڍي عمر جي ڇوڪري کي نه صرف انسان نه سمجهڻ پر کيس رڍ ٻڪري کان به گهٽ حيثيت حاصل هجي عورت کي ساملي يا جانور وانگر خريد و فروخت جو سامان سمجهي سندس عمر سندس مرضي خلاف وڪو وڃي، قتل ڪيو وڃي، سنڱن چٽي کان وٺي برو ۽ جنڊو پاڙو لکائي کيس انهن والدين جي جاهلانا فيصلن تحت بنا مرضي ڏنو ورتو وڃي، جيڪا نياڻي اڃا هن دنيا ۾ آئي نه هجي ۽ سندن والدين اهو فيصلو ڪري چڪا هجن ته هن سڱ وٺڻ جي بدلي جيڪا ڇوڪري ڄمندي اها توهان جي هوندي، جنڊي پاڙي تحت ڄمندڙ ڇوڪري اڳ ئي ڏنل هوندي آهي ۽ اڳين ڌر چاهي ڪنهن سان ۽ ڪيتري عمر واري ماڻهو سان سندس شادي ڪرائين، اهو انهن جو مسئلو هوندو آهي. جڏهن ته والدين فيصلي مطابق اها ڇوڪري ڏيڻ جا پابند هوندا آهن. اهڙي طرح سڱ چٽي به مردن جي ڪيل غلط فيصلن، قتلن ۽ قرضن عيوض ڏني ويندي آهي ۽ ان ڏيڻ لاءِ به ڪا عمر يا مرضي شامل ناهي هوندي ۽ اهو انهن سڱ چٽي وٺندڙن تي آهي ته اهي ڪڏهن ٿا سڱ وٺن ۽ چاهين ته اها مائٽن سان ملي جيڪڏهن نه ته ان ڇوڪري کي وري ماءُ پيءُ اکين به

نٿا ڏسي سگهن.

دنيا جي ساک وارن ادارن جي سروي موجب اسان جي ملڪ ۾ جيڪا سروي ”پلين يو ڪي“ وارن ڪرائي ته ننڍي عمر ۾ شادي ۽ زوري شادين جو رجحان 2011 تائين 10 ملين ننڍي عمر جون ڇوڪريون هر سال پرڻجن ٿيون، هڪ مهيني ۾ 333، 833 هڪ هفتي ۾ 307، 192. 27397 هڪ ڏينهن، هڪ منٽ ۾ 19 ۽ هر ٽن سيڪنڊس ۾ هڪ ڇوڪري پرڻجي ٿي.

هر مهيني ….. 333، 338

هر هفتي ….. 307، 192

هڪ هڪ ڏينهن ….. 27397

هر منٽ …..19

۽ ٽي سيڪنڊز ۾ هڪ …..1 شادي ٿئي ٿي. ”يونيسيف“ جي رپورٽ موجب 1987ع 2005ع تائين جي شهري سطح تي 21 سيڪڙو ۽ ٻهراڙي ۾ 37 سيڪڙو ننڍي عمر جون شاديون ٿين ٿيون، جيئن ته ٻهراڙين ۾ تعليم تمام گهٽ آهي ۽ تمام گهڻي غربت پڻ آهي، عام طور ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ تمام گهڻا گناهه يا ڏوهه چنئون ته گهڻو ڪري غربتن ۽ جهالت جي ڪري سرضد ٿين ٿا، ننڍي عمر ۾ نياڻي پرڻائي ڏيڻ به انهن گناهن جي ڪک مان جنم وٺي ٿو، گهڻوغربت جي ڪري وقتي طور تي پئسا نه هجڻ ڪري سڱ چٽي، قرض ڏيندڙ کي پئسا نه هجڻ ڪري ڇوڪري ڏيڻ وغيرهه، اهڙي گناهه ۾ مذهبي ملان چاهي اهو هندو، عيسائي يا مسلمان هجي جو پڻ اهم ڪردار آهي، انهن جي پڻ ٿيوري اها آهي ته نياڻي جيئن سامائجي ته ان جي شادي ڪرڻ ثواب ۽ نه ڪرڻ گناهه آهي، بين الاقوامي قانون ته 18 سال آهي شادي جو پر منهنجو هڪڙو دوست اترين علائقن ۾ انجنيئر آهي، ان جي چواڻي ته اتي ايتري ته طالبانائزيشن وڌي وئي آهي جو انهن جو نيٽ ورڪ ايترو خطرناڪ آهي جو ڪنهن گهر ۾ جڏهن ڪا نياڻي جسماني طرح بالغ ٿئي ٿي، ڀلي ان جي عمر 10 سال يا ان کان ڪجهه گهٽ وڌ هجي ٿي ته اهو ملان گهر جي وڏي کي دروازو وڄائي سلام ڪري ۽ ٻڌائي ٿو ته توهان جي نياڻي سامائجي وئي آهي ۽ هاڻي کيس پرڻايو، جيترا ڏينهن به اها نياڻي هاڻي توهان جي گهر ۾ بنا شادي رهندي توهان جو کائڻ پيئڻ حرام آهي، پوءِ اها نياڻي ڀلي پرائمري ۾ پڙهندي هجي يا اڃا گڏين سان ڪندي هجي پر ان کي پرڻايو، والدين جيڪڏهن ڪو سبب ٻڌائين ٿا ته ڇوڪري پڙهندي يونيورسٽي ويندي، ڊاڪٽري پڙهندي يا اسان رشتو وغيره ڳوليون يا جنهن ڇوڪري کي ڏينداسون اهو اڃا ننڍو آهي، يا زير تعليم آهي يا بي روزگار آهي ته اهي ملان چون ٿا ته اسان جا طالب ويٺا آهن، توهان صرف ڇوڪري ڏيو اسان کي رشتو قبول آهي، اسان جي ملڪ ۾ اها جنونيت وڏي تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ گهر گهر پهچي چڪي آهي.

اهي جنوني انسان معاشري تي نفسياتي طور قابض ٿيندا پيا وڃن ۽ هر هڪ نه ٻيو ماڻهو اها ٻولي ڳالهائڻ لڳو آهي، هاڻي اهڙين حالتن ۾ انٽرنيشنل ادارا، پڙهيل ماڻهو، سوشل ۽ ڏاها ذهن جيڪڏهن ڪردار ادا نه ڪندا ته اهو انگ جيڪو هن وقت موجود آهي، اهو ڏهوڻو وڌندو ويندو، ميڊيڪل سائنس ان حوالي سان چوي ٿي ته جسماني بلوغت الڳ شيءِ آهي، جڏهن ته دماغي بلوغت کان سواءِ شادي هر لحاظ کان خطرناڪ ۽ خاندان توڙي صحت لاءِ هاڃيڪار آهي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ننڍي عمر جي شادي ڪري ٻار جي ڄم وقت تمام گهڻا موت ننڍي عمر جي عورتن جا ٿين ٿا، سندن پيدا ٿيندڙ ٻار آءِ ڪيو جي لحاظ کان به تمام ڪمزور ٿين ٿا. Polydraminos

هن سبب ڪري ماءُ جي پيٽ ۾ پاڻي تمام گهڻو ڀرجي ويندو آهي ۽ ٻار صفا ننڍڙو ۽ ڪمزور ڄمندو آهي. Oligodramions ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار جي نشونما وارو پاڻي تمام گهٽ ٿي ويندو آهي ۽ ٻار گهڻو ڪري ڄمڻ وقت يا ڪجهه اڳ ئي پيٽ ۾ مري ويندو آهي ۽ سندس ڄم به نيچرل ڊليوري تحت نه ٿيندو آهي خاص ڪري پري ميچوئر Before 37 weeks سيزر سيلر ڄڻائبو آهي.

(Anenencephalic)  هي ٻار بلڪل ايب نارمل هوندا آهن، باندر نمايان سندن منڍي تمام وڏي هوندي آهي ۽ اهي گهڻو ڪري سيزر سان پيدا ٿيندا آهن ۽ ڄمڻ سان فوت ٿي ويندا آهن، سندن اکيون تمام وڏيون ۽ مٿي ۾ کپيل، ٽنگون ۽ هٿ پير به ڪڏهن هوندا اٿن يا اهي به نه هوندا اٿن، انتهائي ڊڄائيندڙ ۽ خوف ناڪ هوندا آهن، اهي ٻار 6 مهينن تائين الٽرا سائونڊ ۾ به نظر ايندا آهن. Fistule

هن بيماري  جي ڪري ٻار جو هاضمو، اکيون، ڪن ۽ ٻيا عضوا به ناڪارا هوندا آهن، پاڪستان ۾ ننڍي عمر ۾ ڇوڪرين جون شاديون گهڻو ڪري غربت جي ڪري به ٿين ٿيون ۽ اهي ڇوڪريون بي وس، غريب هونديون آهن، ان ڪري ڊاڪٽر تائين اچڻ، الٽراسائونڊ ڪرائي پنهنجي پيٽ ۾ پيل ٻار جي نقل و حرڪت ۽ اسٽيٽس ڏسڻ به انهن جي وس ۾ ناهي هوندو، جڏهن مرد چاهي ته انهن کي ڊاڪٽر وٽ وٺي اچي، چيڪ اپ ته پري جي ڳالهه آهي پر ويم به ڳوٺاڻين اڻڄاڻ داين، ايل ايڇ وي کان ڪرائيندا آهن ۽ اهي اڻڄائي ڪري مائي به ماري ڏيندا آهن ۽ ٻار به.

ان کانسواءِ اسان جو ملڪ اڳي ئي آبادي جي ڀيڙ ۾ تباهي جي حد تائين وڌي چڪو آهي ۽ جيڪڏهن ننڍي عمر ۾ ئي شاديون ٿي رهيون آهن ان ڪري ملڪ تي معاشي بار وڌي ٿو، تعليم ۽ صحت به پورو نٿي پوي، ان ڪري خطرناڪ حد تائين ڏوهن ۾ به اضافو ٿيندو رهي ٿو. ننڍي عمر جي شادي ڪري اهي ڇوڪريون بيواهه جلدي ٿين ٿيون، ان ڪري معاشي بدحالي، کاڌو پيتو، ڪپڙو، لٽو  ۽ اولاد جون ضرورتون به پوريون نٿيون ٿين، اهڙي قسم جون شاديون گهڻو تڻو گهٽ پڙهيل يا اڻپڙهيل خاندان ۾ ٿين ٿيون، ان ڪري بيواهه ٿيندڙ عورتون اڻپڙهيل هئڻ جي ڪري گهر جي ذميوارين يا نوڪري چاڪري نه ڪرڻ جي ڪري گهر جو خرچ يا ذميداريون نڀائي نٿيون سگهن ۽ اهي معاشري تي بوجهه بڻجي جيئن ٿيون، 2007 جي سروي مطابق پاڪستان ۾ ٻهراڙيءَ ۾ 85 سيڪڙو ننڍي عمر جون شاديون ٿين ٿيون، جن ۾ 18 سيڪڙو ڇوڪرا ۽ 40 سيڪڙو ڇوڪريون آهن، جڏهن ته 27 سيڪڙو شهرن ۾ گهٽ عمر جون شاديون ٿين ٿيون سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ گهٽ عمر جون شاديون ٿين ٿيون جن جو تعداد 72سيڪڙو آهي، جنهن ۾ بدقسمتي سان 26 سيڪڙو ڇوڪرا به شامل آهن، بلوچستان ۾ 63 سيڪڙو ڇوڪرين ۽ 22 سيڪڙو ڇوڪرن جون شاديون ٿين ٿيون، جيڪي شاديءَ جي عمرين کان گهڻا ننڍا آهن، پنجاب ۾ اهڙين شادين جو تناسب 50 سيڪڙو ڇوڪريون ۽ 20 سيڪڙو ڇوڪرا آهن.جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ اهڙين شادين جو تعداد 8 سيڪڙو آهي ۽ 63 سيڪڙو ڇوڪريون آهن.

پاڪستان جي تعليمي ۽ سماجي تحقيق مان اهو ثابت ٿيو آهي ته ملڪ ۾ 60 سيڪڙو نياڻيون ننڍي عمر ۾ شاديون ٿيڻ جي ڪري، پوري تعليم به حاصل نٿيون ڪري سگهن، 5 ڪلاس، 6 ڪلاس، 7 ڪلاس کان 10 ڪلاس تائين شاديون ٿيندڙ ڇوڪرين جو تناسب 20 سيڪڙو آهي، جيڪي شاديءَ کانپوءِ تعليمي سرگرميون جاري نٿيون ڪري سگهن، ننڍي عمر جون شاديون هونئن ته ٻين مذڪوره سببن جي ڪري به ڪرايون وڃن ٿيون، پر ان جو مکيه سبب بي شعوري آهي، اسان جي ملڪ ۾ بي شعوري جو سبب خواندگيءَ جي گهٽ شرح سان گڏوگڏ انساني ڀلائي ۽ سماجي ادارن کي موقعا نه ملڻ آهي. جديد دور ۾ گهٽ عمر جي شادين جو مٿيون جيڪو تناسب يا رفتار آهي ان کي گهٽتائيءَ ۾ آڻڻ لاءِ سماجي ادارن، عورت جي ڀلائيءَ وارن ادارن، صحت کاتي ۽ هيومين رائيٽس کي ان مقصد کي Treset ڪري کڻڻو پوندو، جي نه ته اهو تعداد جيڪو سنڌ ۾ 60 سيڪڙو آهي، اهو وڌي 80 سيڪڙو تائين پهچي ويندو.

جبار ڌاريجو

پاڪستان ۾ پناهگيرن جي مسئلي کي سياست جي ور چاڙهيو ويو آهي

گڏيل قومن جي پناهگيرن جي سهائتا واري ايجنسي ( يو اين ايڇ سي آر) جيء ترجمان دونيا اسلم خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ پناهگيرن جي مسئلي کي سياست جي ور چاڙهيو ويو آهي، پر ان کي ڪڏهن به انساني همدري جي نظر سان نه ڏٺو ويو آهي، يو اين ايڇ سي آر جي هيڊ آفيس ۾ ” عوامي آواز “ کي خصوصي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ اسان جڏهن به پناهگيرن جي ڳالھه ڪندا آهيون ته اسان جو ڌيان فوري طور تي افغانستان جي پناهگيرن ڏانهن هليو ويندو آهي، پر جيڪڏهن ان کي حقيقت جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ته اها حقيقيت به آهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جو انگ 16 لک کان به وڌيڪ آهي، هي اهو تعداد آهي جنهن کي نادرا  پي او آر ڪارڊ ذريعي رجسٽرڊ ڪيو آهي، اسان جو ادارو انهن کي باعزت طريقي سان سندن ملڪ واپس موڪلڻ جو بندو بست ڪري رهيو آهي ، هن چيو ته سنڌ ۾  رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جو انگ 66 هزار آهي. جڏهن ته سڄي پاڪستان۾ اڻ رجسٽرڊ ٿيل افغان پناهگيرن جو ڪوبه رڪارڊ موجود  ناهي، نه اسان وٽ ۽ نه حڪومت وٽ، هن چيو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جو انگ خيبر پختون خواھ ۾ آهي، جڏهن ته ساڍا 4 لک بلوچستان ۽ باقي پناهگير سنڌ، آزاد ڪشمير ۽ فاٽا جي علائقن ۾ آهن، هن چيو ته سڄي دنيا ۾ اهو تصور آهي ته پناهگير پاڻ سان گڏ ڏوھ به کنيو ايندا آهن ، انهي ۾ ممڪن آهي ته سچائي به هجي، پر هتي جيڪي به افغان پناهگير آهن انهن لاءِ اهو چوڻ ته اهي سڀ ڏوهاري آهن ، اهو سچ ناهي، ڪراچي هن ملڪ جو معاشي حب آهي، اتي اوهان کي وڏي تعداد ۾ افغاني ٻارڙا نظر ايندا جيڪي ڪچرو چونڊين ٿا، غير فني ڪم ڪن ٿا، انهن ٻارڙن ۾ ريڙھ جي هڏين جي بيماري عام آهي، اهي معصوم ٻارڙا چمڙي جي بيمارين ۾ به ورتل هوندا آهن،  پر ان جي باوجود اهي ڏوھ نٿا ڪن، هن چيو ته جڏهن اسان اها راءِ قائم ڪري ٿا وٺون ته افغاني ڏوهاري آهن ته اصل ۾ اسان انهن سان زيادتي ڪندا آهيون، اسان جي معاشري کي نه رڳو انهي تي سوچڻ گهرجي پر پنهنجي روئي تي به نظر ثاني ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته جڏهن کان نادرا ذريعي پناهگيرن کي پي آر او ڪارڊ جاري  ٿيا آهن تڏهن کان پاڪستان حڪومت لاءِ تمام گهڻيون آسانيون پيدا ٿي پيون آهن، ڏوهارين کي ڳولڻ ۾ ڪافي مدد ملي ٿي، هن چيو ته افغان جنگ کي 32 سال ٿي ويا آهن، 1980ع کان 2005ع تائين پاڪستان ۾ پناهگيرن جي رجسٽريشن جو ڪوبه تصور نه هو. ۽ نه ڪو يو اين يا حڪومت پاڪستان وٽ ڪو رڪارڊ هو، 2005ع ۾ حڪومت پاڪستان جي سهڪار سان اسان جي اداري افغان پناهگيرن جي آدم شماري ڪرائي، جنهن تي 70 لک ڊالر خرچ آيو هو، انهي ڪم ۾ سيفران واري وزارت اسان سان سهڪار ڪيو هو، جنهن کانپوءِ 2006ع ۾ پناهگيرن جي رجسٽريشن جو ڪم شروع ٿيو، ۽ 20 لک 4 هزار  افغانين کي ڪارڊ جاري ڪيا ويا، هن چيو ته افغان پناهگيرن جي رضاڪاراڻا نموني واپسي جو سلسلو شروع ٿيو، هن ٻڌايو ته پناهگيرن کي ٽن سالن لاءِ ڪارڊ جاري ڪيا ويا هئا، اهو عرصو 2009ع ۾ ختم ٿي ويو هو، پر بعد ۾  يوا ين ايڇ  سي آر جي درخواست تي وفاقي ڪابينا انهن ڪارڊن جي مدي ۾ 3 سالن جو اضافو ڪيو،  ۽ هاڻي اهي ڪارڊ 31 ڊسمبر 2012ع تائين هلندا،  هن چيو ته هن وقت سيفران جي وزير انجينئر شوڪت الله سان ڳالھيون هلندڙ آهن، ۽ حڪومت خاطري ڪرائي آهي ته پناهگيرن جي واپسي  ۾ سهولتون ڏيندي، هن چيو ته  ايندڙ مهيني ڊسمبر جي 7 تاريخ لاهور ۾ افعان ۽ پاڪ حڪومت وچ ۾ڳالھيون ٿينديون، جنهن ۾ پناهگيرن جي واپسي بابت وڌيڪ حڪمت عملي تي غور ڪيو ويندو، هن چيو ته انهي ڳالھه جو به امڪان آهي ته پاڪستان حڪومت افغانستان جي پناھ وٺندڙن بابت ڪو اهم اعلان به ڪري. هن چيو ته سندس اداري سنڌ جي سيلاب متاثرن لاءِ به گذريل ٽن سالن دوران گهر فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان 2008ع کان آءِ ڊي پيز جي به مدد ڪريون ٿا، انهن کي خيما، ۽ ٻيون ضرورت جون شيون به فراهم ڪريون ٿا، هن چيو ته اسان جي اداري گذريل 3 سالن کان سنڌ جي سيلاب سٽيل علائقن ۾ ٻوڏ متاثرن جي پنهنجي وس آهر مدد ڪئي آهي، 2010ع ۾ اسان جي ٽيم پاڻ بدين ۽ ٺٽي ۾ بحالي لاءِ ڪم ڪيو، هن سال به يو اين ايڇ سي آر جيڪب آباد ۾ 350 هڪ ڪمرن جا گهر تعمير ڪرايا آهن، جيڪي ٻوڏ متاثرن جي حوالي ڪيا ويا آهن، 2010ع ۾ اسان سڄي سنڌ ۾ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪم ڪيو هو،  ان سوال ته افغان پناهگير ملڪ جي جن  علائقن ۾  تمام گهڻو وقت رهيا آهن ، انهن جي موجودگي ۽ سندن عمل سبب ان علائقي تي ڪيترا اثر پيا آهن ؟ جو جواب ڏيندي هن چيو ته اسان ان بابت اهڙو ڪو ٺوس سروي نه ڪرايو آهي، جنهن مان معلومات حاصل ٿي سگهي، ها پر اهو ضرور آهي ته  اهي پناهگير جتي جتي رهيا آهن اسان انهن علائقن ۾ بنيادي سهولتون ڏيڻ جو پروگرام شروع ڪيو آهي، ڪراچي جي گڏاپ واري علائقي ۾ اسان هڪ پروگرام شروع ڪيو آهي جتي اسپتالون، اسڪول، پيئڻ جو پاڻي ۽ ٻيون شيون فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته انهي علائقي ۾ افغان پناهگيرن جي وڌيڪ اڪثريت آهي، هن چيو ته  اهو پروگرام سنڌ حڪومت جي معرفت هلي ٿو، هن چيو ته اسان پناهگيرن جي ڪيمپن اندر موجود ماڻهن مان ڪردارن جي چونڊ ڪندا آهيون ۽ انهن تي ڪهاڻيون لکرائيندا آهيون، هن انهي ڳالھه جو اعتراف ڪيو ته يو اين ايڇ  سي آر کي پاڪستان ۾ عوامي سطح تي ان ڪري به نٿو سڃاتو وڃي ته گهڻو ڪري سڄي لکپڙھ انگريزي ۾ آهي،هن چيو ته سندن ادارو ان ڳالھه تي سوچي رهيو آهي ته مقامي ٻولين ذريعي عام ماڻهن تائين پهچجي

هن چيو ته 1980ع جي ڀيٽ ۾ هن وقت افغانستان جون حالتون ڪافي بهتر آهن، 2014ع ۾ آمريڪا افغانستان مان وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ هلندڙ سال مئي جي مهيني ۾ جينوا ۾ هڪ ڪانفرنس ٿي هئي، جنهن ۾ ايران ، افغانستان، ۽ پاڪستان سميت ڊونر ادارن شرڪت ڪئي هئي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته انهن حڪومتن جي معرفت ڊونر افغانستان ۾ بنيادي ضرورتن جي فراهمي لاءِ رٿائون شروع ڪندا، ته جيئن ايران ۽ پاڪستان ۾ موجود پناهگير واپس پنهنجي وطن وڃي سگهن، ايران ۾ هن وقت 10 لک پناهگير آهن، جن جو تعلق افغانستان سان آهي، هن چيو ته جيڪي به افغان پناهگير هن سال وڃڻ چاهين پيا ، اسان انهن کي مفت ٽرنسپورٽ، نان فوڊ آئٽم ،۽ 150 ڊالر روڪ ڏئي رهيا آهيون، جيئن هو اتي پهچي پنهنجي زندگي جي شروعات ڪن، ۽ ڪم ڌنڌي سان لڳي وڃن، هن چيو ته رڳو نومبر ۾ هڪ هفتي اندر 8000 پناهگير افغانستان وڃي چڪا آهن،هن چيو ته جينيوا ۾ ٿيل فيصلي بعد افغانستان جي 48 ضلعن ۾ بنيادي ضرورتن جي فراهمي لاءِ ڪم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو هو جن مان 19 ضلعن ۾ ڪم شروع ٿي چڪو آهي، هن چيو ته 2002ع کان 2012ع تائين ڏهن سالن ۾ پاڪستان مان 38 لک افغاني پنهنجي ملڪ واپس وڃي چڪا آهن

پَاڪِستان ڪَا مَطلب ڪِيا

پنهنجي سماج کي ڪنهن به اڪثريت، اقليت يا مذهبي انتهاپسنديءَ هٿان تباهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ، قلم ذريعي مهاڙ جي مورچي ۾ وڙهندڙ وسعت الله خان، 18 نومبر تي بي بي سيءَ لاءِ لکيل ليکَ، ”پَاڪِستان ڪَا مَطلب ڪِيا؟، هِندو، سِک، مَسيحي جا“ ذريعي اسان کي، اِهو ڪڙو سچ سَمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته:” هِن ”مسلمان ملڪ“ ۾ ڪٿي به، ڪنهن به اقليت لاءِ، ڪا به جاءِ پناهه نه آهي!. هي ملڪ فقط رياستي جبر جي نمائندگي ڪندڙن لاءِ ئي آهي. اوهان فقط ٻن صورتن ۾ ئي هن رياست ۾ رهي سگهو ٿا، يا ته پاڻ به رياستي جبر جي مُهرن لاءِ استعمال ٿيندڙ قوتن مان هڪ ٿي وڃو، يا پنهنجي محڪوميءَ ۽ غلاميءَ کي قبول ڪري، ڪنهن به ظلم، زيادتي ۽ ناانصافيءَ  خلاف ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ بجاءِ، چپ چاپ ۽ تابعدار رهو، هر ذلت کي پنهنجو مقدر سمجهو..!!“.

اسان جَن گهڻن سنڌي ڀائرن لاءِ، جيڪي ”خوش قسمتيءَ“ سان پاڻ کي رياستي جبر لاءِ جوڙي ويندڙ پاليسين ۽ رياستي جبر جي مُهرن طور استعمال ٿيندڙ ٽولن مان سمجهن ٿا، تَن کي ڀلي ان اطلاع تي ڪا پريشاني نه ٿَي ته: ”هي ملڪ اقليتن لاءِ آهي ئي نه…!!“، پر اهڙا ”بدنصيب“ جيڪي ظلم ۽ جبر جي هر شڪل کي، هر حال ۾ نفرت جوڳو هئڻ ۾ ويساههُ رکڻ ڪري، پاڻ کي اهڙن ”خوش نصيب“ ٽولن جو حصو نٿا سمجهن، تن جي  پريشان ٿيڻ لاءِ گهڻيون ئي نشانيون موجود آهن. سڄي دنيا کي سمجهه ۾ اچي ويلَ هن رياست جي پاليسيءَ جي اهڙي بنيادي عنصر ، ته:” هي ملڪ اقليتن لاءِ آهي ئي نه…!!“، مان اسان لفظ” اقليت“ مان  ڪهڙو  مفهوم ٿا وٺڻ چاهيون…؟ اهو اسان جي سوچَ ۽ سمجهه تي  ڇڏيل آهي. اسان جي مرضي آهي ته اسان به، خطري هيٺ فقط مذهبي اقليتن کي سمجهي، پنهنجي اڪثريتي مذهب مان هئڻ ڪري مطمئن ٿي ويهي رهون، يا اصل سازش کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي، اهو به احساس ڪري وٺون ته:” اقليتن تي وسندڙ رياستي انڌَ جي لٺ، ڪٿي سُڀاڻي هن ملڪ ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرايل يا اقليت قرار ڏنل نسلن ۽ قومن تي به وسائڻ نه شروع ڪئي وڃي، ۽ انهن کي به اُن ساڳي ئي سلوڪ  جو نشانو بڻائي، ايئن ئي بَيزاريءَ جو اعلان نه ڪيو وڃي، جيئن هن وقت هندن، عيسائين ۽ سکن سان ٿي رهيو آهي…!؟“، جيڪڏهن پنهنجي ذهن تي ڪُجهه وڌيڪ زور ڏيڻ جي زحمت ڪريون ته، اسان کي اُها  ڳالهه به آرام سان نظر اچي سگهي ٿي، ته:” ڪيئن نه اسان کي گذريل ساڍن ڇهن ڏهاڪن کان هڪ اقليتي قوم ۽ اقليتي نسل طور ساڳي تعصب، ساڳي ناانصافي ۽ ظلم جو نشانو بڻائڻ جو ڪم لڳاتار جاري آهي…!!“. هو ته ڪالهه به اوهان کي اقليت ئي پئي سمجهيا، اڄ به اڇوت ئي پيا سمجهن، فرق فقط اهو آهي ته،  اوهان اها حقيقت قبول ڪرڻ چاهيو ئي نٿا …!!، پاڻ کي رياستي جبر جي نمائندا ٽولن جي  جسماني ۽ ذهني غلاميءَ مان ڪڍڻ لاءِ تيار آهيو ئي نه ..!!، زور جي اهڙي نڪاح مان نڪرڻ چاهيو ئي نٿا، جيڪو فقط اوهان کي استعمال ڪرڻ جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ، ڏيکاءَ طور ڪيو ويو هو، نڪي پنهنجي گهر جو برابر جو ڀاتي بڻائڻ لاءِ…!؟، ڀَلي قوم کي اوهان جي بزدلي، ڀاڙيائپ يا جابر ٽولن جو ساٿاري هئڻ جي قيمت، ڪهڙي به تباهيءَ جي شڪل ۾ ادا ڪرڻي پئي…!!.

قديم هندستاني رياست، پنهنجي اندر اڻ ڳڻين سياسي، سماجي، مذهبي ۽ قومي تضادن باوجود، صدين جي ساٿ ڪري مختلف مذهبن، قومن ۽ تهذيبن جي گڏپ  جو مثال هئي، جنهن ۾ ٽوڙ ڦوڙ لاءِ سڀ کان وڏي سازش، انگريز سامراج، هندستان تي پنهنجو قبضو ۽ راڄُ برقرار رکڻ لاءِ وڌي. 1843ع ۾ سنڌ کي غلام بڻائڻ بعد، انگريزن جڏهن پنهنجن وفادارن جي ڳولا شروع ڪئي ته، سندن نظر ماضيءَ جي حڪمران مسلمانن تي ئي پئي ۽ مسلمان طاقتور خاندانن به انگريزن هٿان هڪ وڌيڪ شڪست قبول ڪندي، باغي بڻجڻ بجاءِ آزادي کسيندڙ پرڏيهي آقا جو وفادار بڻجي، سنڌ ۾ هڪ اهڙي موقعي پرست ٽولي جو وجود وڌو، جيڪو اڄ تائين تبديل ٿيندڙ هر آقا جي غلامي ۾ رهڻ ۽ ان جي هر فيصلي کي پنهنجي ڌرتي، عوام ۽ قوم جي مفادن کان مٿانهون سمجهندو رهي ٿو. ٻئي پاسي انگريز َآقا، پنهنجي راڄ کي برقرار رکڻ لاءِ ماڻهن ۽ قومن کي مذهب، فرقن ۽ لساني گروهن ۾ ورهائڻ واري جنهن پاليسي کي  ننڍي کنڊ ۾ ڇڏي ويا هئا، سندن بعد آيل پاڪستاني رياست به پنهنجي بقا لاءِ، انهن کي جيئن جو تيئن جاري رکيو، جنهن ڪري اوهان هن وقت، هن رياست ۾، جيڪو جنون مختلف مذهبن توڙي، سرڪاري مذهب اندر به مختلف فرقن خلاف استعمال ٿيندي ۽ جنهن طريقي سان قومن جي وحدت کي مختلف نالن ۾ ورهائيندي ڏسندا رهيا آهيو، ۽ ڏسي رهيا آهيو، اُهو سڀ ڪجهه اتفاقي ۽ حادثاتي نه پر، هن رياست کي پنهنجي انگريز آقا کان ورثي ۾ مليل هُنر ۽ ۽ سوچي سمجهي اختيار ڪيل پاليسي آهي. هندستان تي انگريزن جي راڄ کي ڪارل مارڪس جن لفظن ۾ بيان ڪيو هو، انهن مان جيڪڏهن اڄ ”هندستان“ ڪٽي ”پاڪستان“ لکي ڇڏجي ته، اها ڳالهه سمجهڻ ۾ اڃا وڌيڪ آساني ٿيندي ته، ڪيئن نه ڪالهه جا ”گورا آقا“ ۽ اڄ جا سندن ڏنل ”ڪارا آقا“ پنهنجي قبضي، ظلم ۽ ڦرلٽ کي برقرار رکڻ لاءِ، سڀ ڪجهه ساڳيو ئي ڪري رهيا آهن…!!.ڪارل مارڪس هندستان تي  انگريز راڄ کي ڪجهه هن ريت بيان ڪيو هو:”جن مختلف نسلن، قبيلن، ذاتين، مذهبن ۽ رياستن جو مجموعو (هندستان) پاڪستان جي جاگرافيائي اتحاد جي جوڙجڪ ڪري ٿو، انهن ۾ لڳاتار ٽڪراءُ جاري رکڻ، پاڪستاني (برطانوي) قبضي جو اهم ترين اصول آهي“.

سنڌي قوم کي هندو ۽ مسلم جي نالي ۾ ٻه ٽڪرا ڪرڻ لاءِ، برطانوي سامراڄ طرفان مخصوص مسلم ٽولن جي سرپرستي ڪرڻ باوجود، ڇا 1947ع تائين سنڌي سماج ايئن ٻن ٽڪرن ۾ ورهائجي سگهيو هو، جيئن اڄ نظر پيو اچي؟، بلڪل نه. برطانوي سامراج سنڌين جي  هيڪڙائي ۽ ڀائيچاري کي اڄ جيان ٽڪرا ڪري، ڪمزور ٽُڪري کي جلاوطن ٿيڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جو اهو ڪم نه ڪري سگهيو هو، جيڪو پاڪستان جي رياست گذريل 65 سالن ۾ ڪري ڏيکاريو آهي. 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جو وجود پئجي وڃڻ باوجود به، سنڌين ۾ مذهبي نفرت جي اها باهه، جنهن سنڌي سماج کي ساڙي، هڪ حصي کي جلاوطني قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو، اُها ان وقت تائين ڀڙڪي نه سگهي، جيستائين ان تي مذهبي تعصب سان ٽِمٽار ٿي سنڌ  پهتل پناهگيرن ۽ رياستي پاليسين جو پيٽرول نه هاريو ويو. ان تعصب جي باهه کي ڀَڀڙُ بڻائڻ لاءِ،  پهرين پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ ۾  انتهائي مختصر مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪندڙ هندن جي نمائنده تنظيم، پاڪستان نيشنل ڪانگريس جي ميمبرن، جيڪي پاڪستان سان وفاداريءَ جو قسم کڻي ايوان ۾ ويٺل هئا، انهن کي پنجابي شائونسٽن جي اڄ تائين نمائندگي ڪندڙاخبار نوائي وقت ”گانڌي ازم کي جيئرو رکڻ لاءِ، ڪم ڪرڻ جو الزام هنيو“. پاڪستان ٺهڻ شرط پيدا ٿيل خوف ۽ مارا ماريءَ جي شروعات دزَ ويهڻ ۽ ٺاپر اچڻ تي، شروع ۾ ئي سنڌ ڇڏي ويل سنڌي هندن پنهنجن اباڻن ڪکن ۾ واپس اچڻ شروع ڪيو ته، ساڳيءَ اخبار سرڪاري پاليسيءَ جو ڪجهه هن ريت اظهار ڪيو:”جڏهن هندستان کان ايندڙ مسلمانَ پنهنجن گهرن ڏانهن واپس نٿا وڃي سگهن ته پوءِ، سنڌ ۾ هزارين هندن کي واپس اچڻ جي اجازت ڇو پئي ڏني وڃي!، حڪومت غير مسلمانن جي پاڪستان ۾ واپسيءَ تي پابندي لڳائي“.(پاڪستان اور اقليتين، صفحو 140 ۽ 141)

- ۽ پوءِ پاڪستاني رياست تي قابض خالص مفاد پرست ٽولي، قائدِاعظم جي موت جو انتظار ڪرڻ فضول سمجهي، سنڌ مان سنڌي هندن کي جلاوطن ڪرڻ ۽ انهن جي جاءِ تي پناهگيرن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڊسمبر 1947ع ۾ پهرين حيدرآباد کي فسادن جي لپيٽ  ۾آندو، ان مقصد لاءِ هندستان جي شهر اجمير مان پهتل پناهگيرن کي استعمال ڪيو ويو، جن جي مدد لاءِ سنڌي مسلمان موقعي پرست ٽولو به موجود رهيو، جنهن جي اڳواڻي حيدرآباد جي ”معزز خاندان“ جو قاضي اڪبر  ۽ اُن جهڙا ٻياڪيترائي ”معزز“ ڪري رهيا هئا. اجمير جي پناهگيرن لاءِ حيدرآباد ۾ جاءِ پيدا ڪرڻ ۽ ان نالي ۾ پنهنجي لاءِ هندن جون جائدادون ميڙڻ جي لالچ جي نتيجي ۾شروع ڪرايل فسادن ۾ 30 ماڻهن ماريا ويا، 20 زخمي ٿيا ۽ حيدرآباد شهر ۾ ڪرفيو لاڳو ٿي ويو .ڳالهه اتي ئي پوري ڪان ٿي، پنهنجن هندو ڀائرن کي سنڌ مان جلاوطن ڪرڻ لاءِ، رهيل ڪسر پوري ڪرڻ جو ڪم، ڪراچيءَ ۾ قيامت برپا ڪري ڪيو ويو.

”6 جنوري 1948ع تي، ڪراچيءَ جي موجوده پاڪستان چوڪ ۽ ان جي آسپاس جي علائقن ۾ سنڌي هندن جو قتل عام ڪيو ويو، جيڪو ٻن ڏينهن تائين جاري رهيو. مالي نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ ته ممڪن هو ئي ڪو نه پر، ڪراچيءَ جي تاريخ ۾ ٻَه ڏينهن سنڌين جو ايئن قتل عام ٿيو جو لاشن کي گاڏين ۾ ڀري شمشان گهاٽ پهچائڻو پيو، جتي لاشن جي ڍيرن تي پيٽرول هاري ساڙيو ويو. ماريلن جو تعداد ڪنهن به ريت سوَن کان گهٽ نه هو، زخمين جو تعداد اڃا وڌيڪ هو. سڀ ان ڳالهه تي متفق آهن ته اهي حملا هڪ طرفا ۽ فقط مهاجرن طرفان شروع ڪيل هئا. سنڌي هندن کي مجبور ڪيو ويو ته اهي سنڌ ڇڏي هليا وڃن. ساڳي رات جمشيد نسروانجي قائدِاعظم سان ملڻ ويو ته هو ڏک ۽ صدمي مان رڙيون ڪري رهيو هو. هو (قائدِاعظم) وڳوڙن دوران ٽانگي تَي سوار ٿي جڏهن ڊي جي ڪاليج جي اڳواڙي ۾ پهتو  ته، اُتي موجود مهاجرن جو ميڙ بَي قابو ٿي رهيو هو، ۽ انهن قائداعظم ۽ ساڻس گڏ آيل سرڪاري آفيسرن کي ڌمڪي ڏني ته، جيڪڏهن هو اڳتي وڌيا ته سندن جسمن مان خَنجر آرپار ڪيا ويندا“. (پاڪستان اور اقليتين، صفحو 142۽ 143).

سنڌ مان سنڌين کي ئي جلاوطن ٿيڻ لاءِ مجبور ڪرڻ لاءِ حيدرآباد توڙي ڪراچيءَ ۾، ڪجهه هفتن اندر ٿيل رتوڇاڻ جي ٻن وڏن واقعن ۾ بنيادي ڪردار ڀل ڀارت کان آيل پناهگيرن جو هجي، پر انهن ۾ کين سئو سال اڳ کان انگريزن جي پٺوءَ وارو ڪردار ادا ڪندڙ مڪاني غدار طبقي جي به ڀرپور آشيرواد رهي. هڪ طرف حيدرآباد ۾ قاضي اڪبر جي اڳواڻيءَ ۾ شهر جو ”معزز مسلم سنڌي“  انهن وڳوڙن ۾ ڀرپور طريقي سان موجود هو ته ٻئي پاسي، ڪراچيءَ جو وچولو طبقو ۽ ويندي سرڪاري آفيسرَ، عملدارَ ۽ اهلڪارَ به سنڌين جو قتل عام ڪرائڻ ۾ برابر جا شريڪ هئا. ڪراچيءَ ۾ ”بهترين ڪپڙا پهريل ماڻهو“ به سنڌي هندن جي دڪانن  مان پنهنجي ضرورت جون شيون کڻندي نظر آيا. ڪراچيءَ ۾ ٿيل ڦرلٽ جو اڪثر سامان پاڪستان سيڪريٽريٽ جي عملي ۽ عملدارن جي قبضي ۾ ڏٺو ويو.  جڏهن ڦريل ۽ لٽيل مال جي واپسيءَ لاءِ سرڪاري ملازمن جي گهرن جي تلاشي وٺڻ جو فيصلو ٿيو ته، ان تي احتجاج ڪندڙ به ڪا ٻي ڌر نه پر، حڪومت پاڻ ئي هئي. قائداعظم پريشان هو، کيس پنجاب ۾ وڳوڙن، رتوڇاڻ ۽ ڦرلٽ جا سبب ته سمجهه ۾ آيا پئي، پر هو ان سازش کي سمجهڻ کان قاصر هو ته، ”سنڌ ۾ سنڌين کي ئي ماري، ڦري ۽ لُٽي پنهنجي ڌرتي ڇڏائڻ جو ڪم ڪيئن پيو ٿئي!؟.(حوالو ساڳيو).

مذهب جي نالي ۾قومن جي ورهاڱي جي سازش کي انجام تي پهچائڻ باوجود، انگريزن جي وفادار طبقي جو ”ڏاهو قائد“ پنهنجي ٽولي جي ارادن کان بي خبر ڪيئن هو!، جيڪي سندس تخليق ڪيل رياست جو وهنوار سنڀالي، ڌرتيءَ جي وارث قومن خلاف سازشن کي عملي روپ ڏئي رهيا هئا!؟، ان تي سوچڻ، هن وقت اسان جو موضوع نه آهي، اسان جي سمجهڻ جي ڳالهه هيءَ آهي ته:”سنڌ ۾ سنڌين جي اجتماعي قتل عام، سندن ملڪيت تي قبضن ۽ گهرن مان ڦرلٽ جا واقعا ڪي اتفاقي ۽ سنڌين ۾ موجود هندو- مسلم تضاد جي پيداوار نه پر، پاڪستاني رياست جي پاليسيءَ جو اهم حصو هئا. اها سازش فقط سنڌي هندن خلاف نه پر سمورن سنڌين، سنڌي قوم ۽ سنڌ ڌرتيءَ خلاف هئي. سنڌي قوم پنهنجي ”ويڪائو قيادت“ هٿان، سنڌي قوم بجاءِ مسلم قوم ٿيڻ جي پهرين قيمت، سنڌ ۾، سنڌين جي ئي قتل عام ذريعي ادا ڪئي، جنهن کي اسان سنڌ ۾ لساني تضاد هٿان ٿيل سنڌين جو پهريون  ۽ سڀَ کان وڏو قتل عام به چئي سگهون ٿا.۽ ايئن پوءِ، لکين سنڌين کي جلاوطن ٿيڻ تي مجبور ڪري، سنڌ ۾ اهو خال پيدا ڪيو ويو جو، هندستان مان آيل لکين پناهگيرن کي سنڌ ۾ بنا ڪنهن تڪليف جي ڪشادا  ۽ شاندار گهر، ڪاروبار ۽ هڪ ئي هنڌ مڙي مُٺ ٿي پاڻ کي لساني طاقت بڻائڻ لاءِ، سڀ کان وڏا شهرَ به ملي ويَا. اڄ به سنڌ جي قيادت کي، سنڌ بچائڻ لاءِ ”اتحاد جي ضرورت“، ڊسمبر 47 ۽ جنوري 1948 ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ قوم خلاف ٿيل سازش کي سمجهي نه سگهڻ، ۽ ان کي روڪڻ بجاءِ ان جو حصو بڻجي وڃڻ  ڪري، پئجي رهي آهي.

”پاڪستان ڪا مطلب ڪيا؟، هندو سک، مسيحي جا“ جَي  اقليت دشمن  مفهوم کي ذهن ۾ رکندي، ڇا اسان کي پنهنجي پاڻ ۽ هن رياست کان اهو سوال نه ڪرڻ گهرجي ته، سڀاڻي جڏهن مذهبي اقليتون هن ملڪ ۾ پنهنجو وجود وڃائي ويٺيون ته پوءِ، پاڪستان جو جيڪو نئون ”مفهوم“ سامهون ايندو، اُهو  ڪجهه هن ريت نه هوندو: ”پاڪستان ڪا مطلب ڪيا؟، سنڌي- بلوچ ڀاگ جا !؟“.  اسان کي اڃا تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته، پاڪستان ٺهڻ شرط ئي سنڌ ۾ سنڌين جو قتل عام ڪرائڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ لکين سنڌين کي پنهنجي ڌرتي ڇڏي وڃڻ لاءِ مجبور ڪرڻ، ڇا فقط سنڌي هندن خلاف سازش هئي!؟. ان جو اصل مقصد سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪري، سنڌ کي ڌارين ڌاڙيلن جي حوالي ڪرڻ نه هو!؟ اهڙا ڌاڙيل، جيڪي هن وقت سنڌ جي اڪثر شهرَن، انتظامي اختيارن، تعليمي ۽ سرڪاري ادارن سان گڏ لکين ايڪڙ زمين جا مالڪ بڻجڻ بعد، ان سڄي عرصي۾ ، فقط سنڌين جي وجود لاءِ ئي چئلينج پيدا ڪندا رهيا آهن…!!.

اسان اها بدنصيب قوم آهيون، جنهن جي اک تباهيءَ جي گذريل 65 سالن دوران به کُلي ناهي سگهي!. ٿيل هر قومي بربادي اسان کي هندو ۽ مسلم بجاءِ، وري سنڌي بڻجڻ جو سبق ڏئي ناهي سگهي!. اڄ به گهوٽڪي کان جيڪب آباد، ڪشمور کان شڪارپور ۽ ٿر جي سمورن ضلعن مان سنڌين جي تيزي پر خاموشيءَ سان ٿيندڙ لڏپلاڻ فقط هندن جي ئي آهي، سنڌين جي نه..!!. ڇا اڄ به اسان پنهنجي قيادت جي، ورهاڱي لاءِ هنبوڇيون هڻڻ واري ان ساڳي سوچَ تي بيٺل نه آهيون ته، جَي ”ڪافر سنڌي“ سنڌ ۾ رهي نه پيا سگهن ته پَنهنجو ڇا!،  سَندن نفعن ۽ نقصانن، هئڻ ۽ نه هئڻ سان مسلمان قوم جي سنڌين جو ڪهڙو واسطو!، اَسان کي ته پنهنجن پيارن مُسلمان ڀائرن جي ضرورت آهي، اُهي ڀلي بهارَ مان اچن يا بنگالَ مان، اسان جون ٻئي اکيون ٿڌيون… !!“.

ڇا اڄ به اسان جو مخصوص رياستي پٺو طبقو، 47ع 48ع ۾ سنڌي قوم جي وجود خلاف سازش جو حصو بڻجڻ بعد هاڻ شرمندو ٿي، ڪفارو ادا ڪري رهيو آهي؟، يا اڄ تائين پيرن، ميرن، جاگيردارن، درگاهن ۽ پارليامينٽيرين جي مختلف نالن ۾، ساڳي سنڌ دشمنيءَ ۾ ورتل هئڻ ڪري، سنڌين کي سنڌ مان ئي جلاوطن ٿيڻ تي مجبورڪري، سنڌي قوم کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ابدي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش جو جيئن جو تيئن حصو نه آهي!؟، ڇا ساڳيو ئي غدار طبقو، اڄ به ڌارين دُشمنن جون لوڌون اچڻ تي، کين روڪڻ جي ڪوشش ڪندي نظر پيو اچي يا، خصيص مفادن لاءِ، سندن آجيان ڪندڙن مان هڪ آهي…!؟.

 ٿر جي ضلعن ۾ اڄ به 60 کان 70 سيڪڙو آبادي سنڌي هندن جي ئي آهي. 13 نومبر تي پنهنجن ڀائرن سان گڏ ڏياري ملهائي، سنڌ ۾ هر طرف فقط سندن دشمن ئي نه، پر دوست به هئڻ جو احساس ڏيارڻ لاءِ، امرڪوٽ پهچڻ تي خبر پئي ته، اُتر سنڌ جيان ٿر جي پوري پٽيءَ مان به سنڌي هندن جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جاري آهي. ”ياترا“ لاءِ ڀارت ويندڙ قافلي سان گڏ، هڪ  اهڙو به جٿو موجود هجي ٿو، جنهن کي واپس ورڻو ناهي هوندو ۽ اهو ڪم سالن کان جاري آهي!. گذريل ڪجهه سالن دوران ئي، ڪيترا گهراڻا سنڌُ ڇڏي، هندُ وسائي چڪا آهن، نَه سنڌين کي ان جي خبر آهي، نه ئي پرواههَ!. ڪنهن کي به ڳڻتي نه آهي ته، سنڌي سماج کي کوکلو ڪرڻ جو ڪم ڪيرُ پيو ڪري؟ ۽ ڪهڙي مقصد لاءِ پيو ڪري؟. هاڻي به جَي سنڌ ۾ وڏو خال پيدا ڪيو پيو وڃي ته، اُ ن کي ڀرڻ جو ڪم ڪيرُ ڪندو؟ ۽ ڪهڙن نوَن ڌارين ڌاڙيلن ذريعي ڪندو…!؟. 47ع ۽ 48ع ۾ سنڌين خلاف ٿيل سازشن بعد، سنڌُ ۾ پيدا ٿيل خال ڪنهن ڀريو هو؟ ۽ ڪنهن جي ذريعي ڀريو هو!؟ ۽ ان جو نتيجو سنڌ  اڄ ڪهڙي شڪل ۾ ڏسي رهي آهي!؟  اسان جا  پنهنجا غدار ميرَ، پيرَ، جاگيردار ۽ درگاهَ ڌڻي ساڳي رياستي پاليسيءَ تي عمل ڪري سنڌُ ۾ جيڪو خال پيدا ڪري رهيا آهن، سڀاڻي ان کي ڪير ڀريندو ۽ ڪنهن جي ذريعي ڀريندو!؟ ان سوال جو جواب ايترو ڏکيو به نه هئڻ گهرجي، ان سنڌي قوم لاءِ، جنهن گذريل 65 سالن ۾ لڳاتار وڃايو آهي، سکُ جو ڪو ڏينهن ڏسڻ بنا. حيرت جي ڳالهه آهي ته، اسان سنڌ ۾ پير ڄمائي ويل ڌارين دشمنن جي مفادن لاءِ ٿيندڙ فيصلن ۽ قانون سازين کي ته ”سنڌ  ٽوڙڻ“ قرار ڏيون ٿا، پر گهوٽڪيءَ کان وٺي ٿر تائين وڌيڪ لکين ڌارين دشمنن کي آباد ڪرڻ لاءِ، سنڌين کي ئي ڀڄائڻ جي سازش کي، غير اهم به سمجهون ٿا…!!.اسان مان هر اُهو ماڻهو، طبقو ۽ قيادت،  جيڪا اهڙي سازش کي سمجهڻ کان به نابري واري بيهي ٿي، اُها يقينن، رياست جي، اُن ئي ”وفادار طبقي“ جو تسلسل آهي، جيڪو اڄ اسان کي ههڙن حالن ۾ پهچائڻ لاءِ ذميوار آهي. جَي سڀ ڪجهه ايئن ئي ٿيندو رهيو، جيئن ٿي رهيو آهي، ته پوءِ، اهو ڏينهن پري نه هئڻ گهرجي، جڏهن سنڌ ۾ رهندڙ ”مسلم سنڌي اقليت“ لاءِ به اهو نعرو لڳي رهيو هوندو:

”پاڪِستَان ڪَا مَطلب ڪِيا؟، سِنڌي سِنڌ سَي ڀَاگ جَا‘

هن ”پاڪ ملڪ“ ۾، ڪنهن به ڪمزور اقليت جي رهڻ لاءِ ڪا به گنجائش نه آهي،ڀل اهو ”هندو سنڌي“ هجي يا” مسلم سنڌي“.

asadchandio71@yahoo.com

اسد چانڊيو